English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير ڪينٽ ٿاڻي جي حد ۾ ڪار تي فائرنگ، هڪ ڄڻو مارجي ويو، عورت زخمي
184 views
|
18th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
فائرنگ ۾ ريئل اسٽيٽ جو ڪم ڪندڙ علي اصغر بجاراڻي مارجي ويو، ساڻس گڏ ويٺل عورت زخمي ٿي پئي
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ملير ڪينٽ ٿاڻي جي حدن ڀٽائي آباد ۾ ڪار تي اوچتي فائرنگ جي واقعي ۾ هڪ شخص مارجي ويو جڏهنتہ هڪ عورت زخمي ٿي پئي۔ اهو افسوسناڪ واقعو شام جي وقت تڏهن پيش آيو جڏهن ڪار جمالي روڊ تان گذري رهي هئي ته موٽرسائيڪل سوار نامعلوم حملہ آور اوچتو ويجهو اچي اندھاڌند فائرنگ ڪري فرار ٿي ويا پوليس موجب فائرنگ ۾ ڪار جو ڊرائيور شديد زخمي ٿيو، جيڪو ٿوري دير بعد دم ڏئي ويو، جڏهن تہ ساڻس گڏ ويٺل عورت کي زخمي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي هن کي طبي امداد فراهم ڪئي پئي وڃي۔ شاهدن جو چوڻ آهي ته ڪار معمول موجب روڊ ڏانهن روان هئي ته اوچتو ٻن موٽرسائيڪل سوارن ويجهو اچي سڌي فائرنگ شروع ڪري ڏني ۽ واقعي کان پوءِ بنا رنڊڪ جي فرار ٿي ويا۔ واردات انتهائي پلاننگ سان ڪئي وئي لڳي ٿي۔واقعو پيش اچڻ بعد پوليس جي وڏي نفري هنڌ تي پهتي ۽ علائقي جو محاصرو ڪري شواهد گڏ ڪرڻ شروع ڪيا۔ واقعي واري هنڌ تان گولين جا خول به هٿ لڳا آهن، جيڪي فرانزڪ ليبارٽري موڪليا ويا آهن۔پوليس جي ابتدائي جاچ موجب واقعي جا امڪاني سبب ذاتي دشمني يا ٽارگيٽيڊ حملي جا ٿي سگهن ٿا، پر هر رخ کان جاچ جاري آهي۔ پوليس ڀرپاسي لڳل سي سي ٽي وي ڪيمرائن جون فوٽيجز به حاصل ڪري ورتيون آهن، ته جيئن حمله آورن جي سڃاڻپ ٿي سگهي مارجي ويل شخص جي سڃاڻپ علي اصغر بجاراني طور ٿي آهي۔ ابتدائي ڄاڻ موجب مقتول جو ڀاءُ به ماضي ۾ هڪ حملي ۾ مارجي چڪو آهي۔ وڌيڪ اها معلومات به سامهون آئي آهي ته مقتول ريئل اسٽيٽ جي ڪاروبار سان لاڳاپيل هو، پر پوليس ان سلسلي ۾ وڌيڪ جاچ ڪري رهي آهي۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
04th Feb 2026
•
تازہ ترین
چوٹیاریوں واقعہ: ملزم نے جنسی زیادتی کی اور چہرے پر بلیڈ سے زخم لگائے۔متاثرہ لڑکی کا دفعہ 164 کے تحت بیان
04th Feb 2026
•
پاکستان
جموں و کشمیر یونائیٹڈ فورم کی نئی کابینہ کا اعلان، شفیق بٹ چیئرمین، کاشف اقبال سیکرٹری جنرل مقرر
04th Feb 2026
•
پاکستان
اسلام آباد: گوجر خان شہر کے خوش اسلوب اور تازہ کار غزل گو شاعر عاصم ندیم کا مجموعہ غزلیات'' نم یاب '' شائع ہوگیا
03rd Feb 2026
•
Jobs
هيومن رائيٽس ڊپارٽمينٽ ۾ نوڪريون
04th Feb 2026
•
تازہ ترین
چوٹیاریوں واقعہ: ملزم نے جنسی زیادتی کی اور چہرے پر بلیڈ سے زخم لگائے۔متاثرہ لڑکی کا دفعہ 164 کے تحت بیان
04th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
چوٽياريون واقعو، ناري عدالت ۾ پيش، جوابدار تي جنسي زيادتي ۽ بدترين تشدد ڪرڻ بابت بيان رڪارڊ
04th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
اڏيرو لال اسٽيشن ۾ 5ٻارڙن جي ماءُ مڙس هٿان گوليون هڻي قتل
04th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
ميمڻ ڳوٺ: نجي اسپتال ۾ ويم دوران عورت ۽ تازو ڄاول ٻار فوت
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
پوليس سي سي ٽي وي فوٽيجز هٿ
ملير ڪينٽ ٿاڻي جي حد ۾
0 تبصرے