English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير پوليس پاران چوري ۽ گم ٿيل 70 کان وڌيڪ موبائل فونون هٿ ڪرڻ جي دعويٰ
87 views
|
20th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
تازين آپريشنن ۾ اسٽريٽ ڪرائيم ۾ ملوث ڪيترائي وڏا گينگ پڪڙيا ويا آهن: ايس پي ملير ڊاڪٽر عبدالخالق
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ملير پوليس چوري ۽ گم ٿيل موبائل فونون هٿ ڪرڻ ۾ اهم ڪاميابي حاصل ڪندي 70 کان وڌيڪ موبائل فون انهن جي اصل مالڪن حوالي ڪري ڇڏيون . ان سلسلي ۾ ايس ايس پي ملير آفيس ۾ هڪ خاص تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ ايس پي ملير ڊاڪٽر عبدالخالق، ٽيڪنيڪل ٽيمون ۽ ٻين پوليس آفيسرن شرڪت ڪئي تقريب دوران بريفنگ ڏني وئي ته ملير پوليس ۽ آءِ ٽي برانچ جديد ٽيڪنالاجي ۽ پيشاورانه مهارت استعمال ڪندي مختلف وارداتن دوران شهرين کان ڦريل يا گم ٿيل موبائل فون ٽريس ڪري هٿ ڪيا۔ سڀئي موبائل فون تقريب دوران ئي سندن اصل مالڪن حوالي ڪيا ويا پوليس موجب تازين آپريشنن ۾ اسٽرٽ ڪرائيم ۾ ملوث ڪيترائي وڏا گينگ پڪڙيا ويا آهن ۽ ڪيترن ئي جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جيڪي علائقي ۾ وارداتون ڪري شهرين جا موبائل فون ڦريندا هئا تقريب ۾ موبائل فون واپس ملڻ تي شهرين ملير پوليس جي ڪارڪردگي کي ساراهيو ۽ چيو ته اهڙي بروقت واپسي سان عوام جو پوليس تي اعتماد وڌندو ايس ايس پي ملير ڊاڪٽر عبدالخالق آءِ ٽي ٽيم جي محنت ۽ جديد ٽريڪنگ سسٽم جي ڪاميابي کي ساراهيندي چيو ته ملير پوليس ڏوهارين خلاف منظم حڪمت عملي تحت ڪارروايون جاري رکندي۔ هن وڌيڪ چيو ته شهرين جي تحفظ ۽ سندن مسروقا سامان جي واپسي پوليس جي پهرين ترجيح آهي۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
14th Dec 2025
•
تازہ ترین
میئر کراچی کی جماعت اسلامی پر تنقید: ’’14 ارب روپے کب خرچ کریں گے؟
14th Dec 2025
•
پاکستان
’’یہ مجھے چین کیوں نہیں پڑتا، ایک ہی شخص تھا جہان میں‘‘ — آج جون ایلیا کا 94واں یوم پیدائش
14th Dec 2025
•
پاکستان
ڈاکٹر وردہ قتل کیس: مفرور ملزم پولیس مقابلے میں ہلاک
14th Dec 2025
•
پاکستان
اسلام آباد: CABI کے زیر اہتمام میڈیا ورکشاپ کا انقعاد، ماہرین کی پاکستان میں فصلوں کو کیڑا لگنے اور اسکو روکنے سے متعلق آگاہی
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ آءِ بي اي ٽيسٽ پاس اميدوارن جا احتجاجي مظاهرا
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ٺٽو ۽ مڪلي پوليس پاران مقابلي دوران هڪ ڌاڙيلن کي مارڻ جي دعويٰ
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
دنيا مريخ تي پھچي وئي، اسين ذاتين ۽ قبيلائي، تشدد، جبر ۾ مصروف آھيون: اياز لطيف پليجو
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
نوشھرو فيروز: ھفتو اڳ نوابشاھ ۾ عورت پوليس ڪانسٽيبل تي فائرنگ واري واقعي خلاف احتجاج
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ايس پي ملير ڊاڪٽر عبدالخالق
0 تبصرے