English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڪورنگي ڪريڪ روڊ تي قائم مک ڪيمپس ۾ ساليانو جاب فيئر منعقد ڪيو ويو
153 views
|
25th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
جاب فيئر ۾ ملڪ جي وڏين ڪمپنين پاران اسٽالز لڳايا ويا، نوڪرين بابت آگاهي
ڪراچي ( اسٽاف رپورٽر) علماءَ يونيورسٽي ڪراچيءَ ۾ شاندار ساليانو جاب فيئر منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ شاگردن، استادن ۽ نوجوانن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ڪورنگي ڪريڪ روڊ تي قائم علماءَ يونيورسٽي جي مک ڪيمپس ۾ جاب فيئر منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ ملڪ جي مختلف وڏن ادارن، ڪمپنين پاران پنهنجا اسٽال لڳايا ويا.يونيورسٽي انتظاميا پاران منعقد ڪيل ان ميلي ۾ مختلف شعبن ۾ پڙهندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪري ڀرپور دلچسپيءَ جو اظهار ڪيو، جڏهن ته ماهرن پبلڪ پرائيويٽ سيڪٽرز ۾ روزگار جي موقعن بابت کين معلومات فراهم ڪئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي هيڊ آف ڪيمپس مصطفيٰ رزاق , فنانس هيڊ فريد احمد، وجاهت الله رائو، اويس، نعيم، حنيفا ۽ اسماءَ سميت يونيورسٽي جي استادن چيو ته علماءَ يونيورسٽي طرفان هر سال جاب فيئر منعقد ڪرائڻ جو مقصد شاگردن ۽ شاگردياڻين لاءِ روزگار جي بهترين موقعن بابت معلومات ۽ رهنمائي فراهم ڪرڻ آهي. سندن چوڻ هو ته علماءَ يونيورسٽي طرفان پنهنجي شاگردن کي ڪيريئر ڪائونسلنگ سميت هر موڙ تي گهربل رهنمائي فراهم ڪرڻ اداري جي مقصدن مان هڪ اهم مقصد آهي، جنهن جو تسلسل هميشه برقرار رکيو ويندو.ان موقعي تي شاگردن جو چوڻ هو ته جاب فيئر منعقد ڪرڻ سان کين ڪيريئر ٺاهڻ جي حوالي سان روشن راهون نظر اينديون آهن، ان قسم جا پروگرامز سان سندن حوصلو وڌي ٿو ۽ مارڪيٽ ۾ موجود روزگار جي ذريعن بابت مناسب معلومات به ملي وڃي ٿي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
14th Dec 2025
•
تازہ ترین
میئر کراچی کی جماعت اسلامی پر تنقید: ’’14 ارب روپے کب خرچ کریں گے؟
14th Dec 2025
•
پاکستان
’’یہ مجھے چین کیوں نہیں پڑتا، ایک ہی شخص تھا جہان میں‘‘ — آج جون ایلیا کا 94واں یوم پیدائش
14th Dec 2025
•
پاکستان
ڈاکٹر وردہ قتل کیس: مفرور ملزم پولیس مقابلے میں ہلاک
14th Dec 2025
•
پاکستان
اسلام آباد: CABI کے زیر اہتمام میڈیا ورکشاپ کا انقعاد، ماہرین کی پاکستان میں فصلوں کو کیڑا لگنے اور اسکو روکنے سے متعلق آگاہی
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ٺٽو ۽ مڪلي پوليس پاران مقابلي دوران هڪ ڌاڙيلن کي مارڻ جي دعويٰ
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
دنيا مريخ تي پھچي وئي، اسين ذاتين ۽ قبيلائي، تشدد، جبر ۾ مصروف آھيون: اياز لطيف پليجو
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
نوشھرو فيروز: ھفتو اڳ نوابشاھ ۾ عورت پوليس ڪانسٽيبل تي فائرنگ واري واقعي خلاف احتجاج
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
رزاق آباد ۾ گندگيءَ جا ڍير، انتظاميه صرف فوٽو شوٽ تائين محدود
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
جاب فيئر هر سال منعقد
علماءَ يونيورسٽي ڪراچيءَ ۾ شاندار ساليانو جاب فيئر منعقد
0 تبصرے