English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ٽالھي مان اغوا ڄاڻايل ناري جو ڪيس داخل، وارثن جو احتجاجي مظاهرو
166 views
|
25th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
2ھفتا اڳ ڳوٺ غلام قادر چانڊيو ۾ جوابدار گهر ۾ گهڙي ڌيءَ وسنتي کي اغوا ڪري ويا هئا: مگھو ڪولهي
عمرڪوٽ(ڊ ر) ٽالھي مان ٻه ھفتا اڳ مبينا اغوا ڄاڻايل ناري جو پتو نه پيو، چئن ڄڻن خلاف اغوا جو ڪيس داخل، ناري جي وارثن جو احتجاجي مظاهرو، نعريبازي ڪري نوٽيس جو مطالبو. تفصيل موجب ڪنري ويجھو ٽالھي ٿاڻي جي حد ۾ ڳوٺ غلام قادر چانڊيو مان ٻه ھفتا اڳ مبينا اغوا ڄاڻايل ناري وسنتي ڌيءِ مگھو ڪولهي جو پتو نه پئجي سگهيو، ناري جي پيءُ مگھو ڪولھي تي فرياد تي ٽالھي ٿاڻي تي چار جوابدارن روپچند ڪولھي، پريم، رتنو ۽ ھڪ اڻسڃاتل جوابدار خلاف اغوا جو ڪيس داخل ڪيو ويو، ٻه هفتا گذرڻ باوجود ناري جو پتو نه پوڻ ۽ جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف ناري جي وارثن نيشنل پريس ڪلب ڪنري آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي، ناري جي والد مگهو ڪولھي، ماءُ پاري، ڀڳوان داس ڪولھي ۽ ٻين صحافين آڏو دانھيندي چيو تہ هفتا اڳ جوابدار روپچند، پريم، رتنو ۽ ٻين اسان جي گهر ۾ داخل ٿي اسان جي ناري کي اغوا ڪري کڻي ويا آھن، ٻہ ھفتا گذرڻ باوجود پوليس ڪک ڀڃي ٻيڻو ناهي ڪيو، خبر ناهي نياڻي ڪھڙي حال ۾ هوندي، هنن چيو ته جوابدارن کي گرفتار نٿو ڪيو وڃي، پوليس ۽ بااثر ملوث آھن، معزز ماڻھن کي دانھن ڏني پر ڪوبه داد رسي نه ٿي ۽ الٽو ڪيس تان هٿ کڻائڻ لاءِ ڌمڪائي پيو وڃي، هنن آئي جي سنڌ، ڊي آئي جي ميرپورخاص ۽ ٻين کان مطالبو ڪيو ته فوري طور ناري کي بازياب ڪرائي ملوث ماڻھن خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي، ٻي پاسي ٽالھي پوليس جو چوڻ آھي ته ناري جي اغوا جو ڪيس داخل ڪيو آھي ۽ جانچ ڪريون پيا اطلاع آهن ته ناري پسند جو پرڻو ڪري ڇڏيو آھي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
04th Feb 2026
•
تازہ ترین
چوٹیاریوں واقعہ: ملزم نے جنسی زیادتی کی اور چہرے پر بلیڈ سے زخم لگائے۔متاثرہ لڑکی کا دفعہ 164 کے تحت بیان
04th Feb 2026
•
پاکستان
جموں و کشمیر یونائیٹڈ فورم کی نئی کابینہ کا اعلان، شفیق بٹ چیئرمین، کاشف اقبال سیکرٹری جنرل مقرر
04th Feb 2026
•
پاکستان
اسلام آباد: گوجر خان شہر کے خوش اسلوب اور تازہ کار غزل گو شاعر عاصم ندیم کا مجموعہ غزلیات'' نم یاب '' شائع ہوگیا
03rd Feb 2026
•
Jobs
هيومن رائيٽس ڊپارٽمينٽ ۾ نوڪريون
04th Feb 2026
•
تازہ ترین
چوٹیاریوں واقعہ: ملزم نے جنسی زیادتی کی اور چہرے پر بلیڈ سے زخم لگائے۔متاثرہ لڑکی کا دفعہ 164 کے تحت بیان
04th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
چوٽياريون واقعو، ناري عدالت ۾ پيش، جوابدار تي جنسي زيادتي ۽ بدترين تشدد ڪرڻ بابت بيان رڪارڊ
04th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
اڏيرو لال اسٽيشن ۾ 5ٻارڙن جي ماءُ مڙس هٿان گوليون هڻي قتل
04th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
ميمڻ ڳوٺ: نجي اسپتال ۾ ويم دوران عورت ۽ تازو ڄاول ٻار فوت
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
عمرڪوٽ
ٽالھي مان ٻه ھفتا اڳ مبينا اغوا ڄاڻايل
ڄاڻايل ناري جو پتو نه پيو
مگھو ڪولهي
0 تبصرے