English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڊپٽي ڪمشنر نوشهروفيروز محمد ارسلان سليم جي صدارت هيٺ پوليو مهم بابت اجلاس
279 views
|
27th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
مهم دوران هر ممڪن ڪوشش ڪرڻ گهرجي ته جيئن ڪو به ٻار پوليو جا ڦڙا پيئڻ کان رهجي نه وڃي: محمد ارسلان سليم
نوشهروفيروز (ڊ ر) : ڊپٽي ڪمشنر نوشهروفيروز محمد ارسلان سليم جي صدارت هيٺ سندس آفيس ۾ 15 کان 19 ڊسمبر 2025 تائين ھلائي ويندڙ پوليو خلاف مهم جي انتظامن جو جائزو وٺڻ لاءِ هڪ اجلاس منعقد ڪيو ويو. اجلاس ۾ ضلعي صحت آفيسر ڊاڪٽر غلام قادر چانڊيو، ضلعي مئنيجر پي پي ايڇ آءِ ڪيپٽن (ر) محسن علي، فوڪل پرسن اي پي آءِ ڊاڪٽر عبدالستار، ڪميونيڪيشن آفيسر علي اڪبر جوڻيجو، ڊاڪٽر وجي ڪمار، سڀني تعلقن جا تعلقي سپروائيزر، اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ ٻيا لاڳاپيل آفيسر شرڪت ڪئي. اجلاس کي خطاب ڪندي ڊپٽي ڪمشنر چيو ته سڀني لاڳاپيل آفيسرن کي هن مهم دوران هر ممڪن ڪوشش ڪرڻ گهرجي ته جيئن پنجن سالن تائين جو ڪو به ٻار پوليو جا ڦڙا پيئڻ کان رهجي نه وڃي. هن چيو ته مهم دوران ويڪسين جي ڪولڊ چين جو خاص خيال رکيو وڃي. سڀني صحت مرڪزن جا آئي ايل آر ۽ ريفريجريٽر ٽيگ ڊوائيسز صحيح ۽ ڪم ڪندڙ حالت ۾ آهن. هن ٽيمن کي مڪمل تربيت ۽ نگراني فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هن چيو ته مهم کان اڳ مائڪرو پلان کي اپڊيٽ ڪيو وڃي ته جيئن ٽيمن جي ڪارڪردگي بهتر بڻائي سگهجي. هن چيو ته سڀئي لاڳاپيل ادارا صحت کاتي سان تعاون ڪندا ۽ پوليس پوليو ٽيمن کي سيڪيورٽي فراهم ڪندي. هن سڀني ٽيمن تي زور ڏنو ته اهي وڌيڪ محنت ڪن. ان کان اڳ صحت کاتي جي آفيسرن اجلاس کي پوليو مهم لاءِ ڪيل انتظامن بابت بريفنگ ڏني ۽ چيو ته مهم لاءِ ڪل 1025 ٽيمون ٺاهيون ويون آهن جن ۾ 342,312 ٻارن کي پوليو کان بچاءُ جا قطرا پياريا ويندا، جن ۾ 893 موبائل، 18 ايس ايم ٽي، 75 فڪسڊ ۽ 41 ٽرانزٽ ٽيمون شامل آهن، جن لاءِ ضلعي ۾ 68 ٽيم سپورٽ سينٽر قائم ڪيا ويندا.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
21st Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
تعلیم میں ٹیکنالوجی کا کردار
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران نے مذاکرات میں شرکت سے انکار کر دیا
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکی دھمکیوں کو کوئی اہمیت نہیں دیتے، بہتر ہے ٹرمپ سوچ سمجھ کر بات کریں: باقر قالیباف
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
مذاکرات کے پہلے دور میں ایرانی وفد کا ٹرمپ کی دھمکیوں پر امریکی وفد کے سامنے احتجاج
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ۾ عوامي شڪايتن تي اي سيز پاران پئٽرول پمپس جا دورا
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ ڪسٽم جي گڏيل ڪارروائي دوران سگريٽ هٿ
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ مزدور تحريڪ پاران پورهيت مير مرتضيٰ شيخ جي برطرفي خلاف تحريڪ جو اعلان
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ جو وڏو وزير عوام دوست بجيٽ پيش ڪرڻ تي خراج تحسين جو مستحق آهي: شرف النساء شبنم
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
نوشهروفيروز
محمد ارسلان سليم
0 تبصرے