English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير: تاريخي چوڪنڊي قبرستان گندي پاڻي ۽ ٽٽل روڊ سبب تباهيءَ جو شڪار
165 views
|
30th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
صدين جي تاريخ رکندڙ چوڪنڊي قبرستان بدانتظامي سبب تباهه حالي جو شڪار
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) تاريخي اهميت رکندڙ چوڪنڊي قبرستان جيڪي صديون پراڻا آثارِ قديمه ۽ سنڌ جي شاندار ورثي جي علامت آهي جيڪو هاڻ شديد بدانتظامي، ٽٽل روڊن ۽ گٽرن جي وهندڙ گندي پاڻي سبب تيزيءَ سان تباهيءَ ڏانهن وڌي رهيو آهي علائقي واسين، تاريخي ورثي سان لاڳاپيل ماهرن ۽ سماجي تنظيمن سخت تشويش جو اظهار ڪندي انتظاميه کان فوري قدم کڻڻ جو مطالبو ڪيو آهي مقامي رهواسين مطابق قبرستان ڏانهن ويندڙ اهم رستو ڪيترن مهينن کان ڀڃي پيو آهي جنهن ۾ وڏا کڏا، مٽي ۽ پاڻي گڏجي مسافرن، سياحن ۽ محققن لاءِ آمدرفت ڏکي بڻائي ڇڏي آهي بدترين صورتحال تڏهن پيدا ٿي جڏهن ويجهو گٽر لائين ٽٽي پئي ۽ ان مان نڪرندڙ گندو پاڻي قبرستان جي حدن ۾ داخل ٿيڻ لڳو جنهن نه صرف ماحول کي خراب ڪيو آهي پر ڪيترن ئي پراڻن قبرن جا بنياد به ڪمزور ٿي رهيا آهن تاريخي ورثي جي ماهرن جو چوڻ آهي ته چوڪنڊي قبرستان نه رڳو سنڌ پر سڄي دنيا ۾ پنهنجي منفرد پٿر جي نقاشي، اسلامي آرڪيٽيڪچر ۽ ثقافتي اهميت سبب سڃاتو وڃي ٿو پر افسوس جو اڄ اهو عالمي ورثو مڪمل لاتعلقي سبب زوال جو شڪار ٿي رهيو آهي ٻئي پاسي علائقي جي سماجي اڳواڻن، سياسي نمائندن ۽ ورثي جي تحفظ لاءِ ڪم ڪندڙ ادارن ضلعي انتظاميه، سالڊ ويسٽ مينيجمينٽ ۽ واٽر بورڊ کان مطالبو ڪيو آهي ته روڊ جي فوري تعمير، گٽر لائين جي مرمت، قبرستان جي صفائي ۽ حفاظتي ٻاڙ لڳائي تاريخي ورثي کي بچايو وڃي سماجي اڳواڻن جو چٽو موقف آهي ته چوڪنڊي قبرستان عالمي پيئر تي هڪ اهم تاريخي يادگار آهي جنهن جي حفاظت انتظاميه جي ذميواري آهي جيڪڏهن وقت سر قدم نه کنيا ويا ته مستقبل ۾ ان جا بحالي خرچ به وڌي ويندا ۽ سنڌ هڪ قيمتي ورثي کان محروم ٿي سگهي ٿي
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
04th Feb 2026
•
تازہ ترین
چوٹیاریوں واقعہ: ملزم نے جنسی زیادتی کی اور چہرے پر بلیڈ سے زخم لگائے۔متاثرہ لڑکی کا دفعہ 164 کے تحت بیان
04th Feb 2026
•
پاکستان
جموں و کشمیر یونائیٹڈ فورم کی نئی کابینہ کا اعلان، شفیق بٹ چیئرمین، کاشف اقبال سیکرٹری جنرل مقرر
04th Feb 2026
•
پاکستان
اسلام آباد: گوجر خان شہر کے خوش اسلوب اور تازہ کار غزل گو شاعر عاصم ندیم کا مجموعہ غزلیات'' نم یاب '' شائع ہوگیا
03rd Feb 2026
•
Jobs
هيومن رائيٽس ڊپارٽمينٽ ۾ نوڪريون
04th Feb 2026
•
تازہ ترین
چوٹیاریوں واقعہ: ملزم نے جنسی زیادتی کی اور چہرے پر بلیڈ سے زخم لگائے۔متاثرہ لڑکی کا دفعہ 164 کے تحت بیان
04th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
چوٽياريون واقعو، ناري عدالت ۾ پيش، جوابدار تي جنسي زيادتي ۽ بدترين تشدد ڪرڻ بابت بيان رڪارڊ
04th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
اڏيرو لال اسٽيشن ۾ 5ٻارڙن جي ماءُ مڙس هٿان گوليون هڻي قتل
04th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
ميمڻ ڳوٺ: نجي اسپتال ۾ ويم دوران عورت ۽ تازو ڄاول ٻار فوت
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
تاريخي چوڪنڊي قبرستان گندي پاڻي
صدين جي تاريخ رکندڙ چوڪنڊي قبرستان
0 تبصرے