English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
عمرڪوٽ ۾ سيو دي لائيوز فائونڊيشن طرفان معذورن جي عالمي ڏينهن تي تقريب
36 views
|
03rd Dec 2025
•
سنڌي خبرون
معذور شخص معاشري جو اهم حصو آهن، انهن جون صلاحيتون ۽ خود اعتمادي اسان لاءِ مشعلِ راهه آهيون: مقرر
عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) سماجي تنظيم سيو دي لائيوز فائونڊيشن عمرڪوٽ طرفان ڊيپارٽمينٽ آف ايمپاورمينٽ پرسنز وِد ڊس ايبيلٽيز، گورنمينٽ آف سنڌ جي سهڪار ۽ ضلعي انتظاميه عمرڪوٽ جي گڏيل تعاون سان معذور ماڻهن جي عالمي ڏينهن جي سلسلي ۾ هڪ پروقار تقريب سليمان شادي هال عمرڪوٽ ۾ منعقد ڪئي وئي. تقريب ۾ معذور ماڻهن جي ڀلائي، حقن ۽ معاشري ۾ انهن جي باوقار ڪردار کي اجاگر ڪرڻ لاءِ مختلف سرگرمين جو اهتمام ڪيو ويو۔ ان موقعي تي تقريب جا خاص مهمان وائيـس چيئرمين ضلعي ڪائونسل عمرڪوٽ ميان پير محمد خالد ولھاري، اسسٽنٽ ڪمشنر عمرڪوٽ رجب علي سٺیو ۽ CEO ، سيو دي لائيوز فائونڊيشن انجنيئر ڪنيا موهن لال هئا، جڏهن ته ڊپٽي ڊائريڪٽر سوشل ويلفيئر عمرڪوٽ نور محمد شيخ، ضلعي انفارميشن آفيسر محمد اسلم ڀٽي، پرنسپل اسپيشل ايجوڪيشن اينڊ ريهيبليٽيشن سينٽر پير راحيل شاهه، سول سوسائٽي جا نمائندا، سماجي اڳواڻ عیدل کنڀر، عالمگیر، امام بخش خاصخیلی، خالد اسحاق، خدیجہ بلوچ، هِنا راجپوت، راجا دسرتھ دیپار، شڪیل چانڈیو، آزاد حسین لغاری ۽ مختلف سرڪاري کاتن جا آفيسر، استاد، والدين ۽ ٻيا اسٽيڪ هولڊرز وڏي تعداد ۾ موجود هئا۔ ان موقعي تي وائيـس چيئرمين ضلعي ڪائونسل عمرڪوٽ ميان پير محمد خالد ولھاري پنهنجي خطاب ۾ چيو ته معذور شخص معاشري جو اهم حصو آهن، انهن جون صلاحيتون ۽ خود اعتمادي اسان لاءِ مشعلِ راهه آهيون۔ سنڌ سرڪار معذور ماڻهن جي تعليم، صحت، بحالي ۽ روزگار لاءِ مختلف پاليسين تي عمل پيرا آهي۔ هن سيو دي لائيوز فائونڊيشن عمرڪوٽ جي ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته تنظيم ڪيترن ئي معذور ماڻهن کي روزگار سان لاڳاپيل ڪيو آهي، جيڪو قابلِ تحسين آهي۔ ھن خوشي جو اظهار ڪيو ته عمرڪوٽ ۾ اسپيشل ايجوڪيشن سينٽر معذور ٻارن جي بهترين تربيت ۽ بحالي لاءِ مؤثر خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي۔ هن زور ڀريو ته سڀني سماجي تنظيمن کي گهرجي ته معذور ماڻهن جي حوصلا افزائي ۽ سهڪار لاءِ گڏجي ڪم ڪن۔ اسسٽنٽ ڪمشنر عمرڪوٽ رجب علي سٺیو پنهنجي خطاب ۾ چيو ته دنيا جي سڀني مذهبن ۾ معذور ماڻهن کي بلند مقام حاصل آهي۔ هر معذور شخص ۾ ڪا نه ڪا خوبي ضرور هوندي آهي، ۽ اسان سڀني جو فرض آهي ته اسان انهن جي حوصلہ افزائي ڪريون ۽ کين اهو پليٽ فارم فراهم ڪريون جتي هو پنهنجي صلاحيتن جو اظهار ڪري سگهن۔ هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۾ تقريباً ٽي سيڪڙو ماڻهو معذور آهن، ۽ انهن جي وڌ کان وڌ حوصلا افزائي ڪئي وڃي ته جيئن هو معاشري ۾ بهتر مقام حاصل ڪري سگهن۔ ڊپٽي ڊائريڪٽر سوشل ويلفيئر نور محمد شيخ چيو ته عالمي سطح تي معذور ماڻهن جي حقن کي تسليم ڪيو ويو آهي، ۽ هن ڏينهن جو مقصد انهن جي مسئلن کي اجاگر ڪرڻ ۽ معاشري ۾ شعور کي وڌائڻ آهي۔ هن سيو دي لائيوز فائونڊيشن ۽ ضلعي انتظاميه جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ چيو ته جن معذور ماڻهن کي فائونڊيشن تربيت ڏني آهي، اهي پنهنجو روزگار بهتر طريقي سان ڪري سگهي ٿو۔ پرنسپل اسپيشل ايجوڪيشن سينٽر پير راحيل شاهه چيو ته سيو دي لائيوز فائونڊيشن سينٽر جي بهتري لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي۔ ان موقعي تي سي اي او سيو دي لائيوز فائونڊيشن ڪنيا موهن لال سڀني مهمانن کي ڀليڪار چيو ۽ شرڪت ڪندڙن جو شڪريو ادا ڪيو۔ هن وڌيڪ ٻڌايو ته هن ڪم ۾ حڪومت سنڌ سان گڏ راڻا همير سنگھ سوڊو ۽ ڪمشنر ميرپورخاص فيصل احمد عقيلي ڀرپور تعاون ڪيو۔ سماجي اڳواڻ شيوا رام ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو۔ تقريب دوران اس ٽي ايل ايف اسڪل ڊولپمينٽ سينٽر جي نوجوانن ۽ اسپيشل ايجوڪيشن ۽ ريهيبليٽيشن سينٽر عمرڪوٽ جي ٻارن پنهنجي صلاحيتن جو شاندار مظاهرو ڪيو۔ ٻارن ٽيبلوز، تقريرون، قومي گيت ۽ سماجي موضوعن تي گيت پيش ڪيا، جن کي شرڪت ڪندڙن ڏاڍو ساراهيو۔ ٻارن جي محنت ۽ اعتماد هر هڪ جو دل کٽي ورتو۔ سول سوسائٽي جي نمائندن ۽ اسٽيڪ هولڊرز تقريب جي شاندار انتظام تي اسپيشل ايجوڪيشن سينٽر ۽ سيو دي لائيوز فائونڊيشن کي خراج تحسين پيش ڪيو۔ مقررن زور ڀريو ته معذور ماڻهن جي مڪمل بحالي ۽ معاشري ۾ شموليت لاءِ گڏيل ڪوششون تمام ضروري آهن۔ سيو دي لائيوز فائونڊيشن عمرڪوٽ طرفان مختلف اسٽال پڻ لڳايا ويا جتي تربيت يافته شاگردن مهمانن کي پنهنجي سکيا ۽ هُنرن بابت تفصيل سان آگاهي ڏني۔ تقريب جي آخر ۾ معذور ٻارن ۾ مختلف تحفا، ويل چيئرون ۽ ٽرائي سائيڪلون ورهايون ويون، جڏهن ته اسپيشل ايجوڪيشن جي استادن ۽ فائونڊيشن جي رضاڪارن کي انهن جي خدمتن تي خاص خراجِ تحسين پيش ڪيو ويو۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
14th Dec 2025
•
دلچسپ اور عجیب
30 سال بعد مریض کے معدے سے لائٹر برآمد، ڈاکٹر بھی دنگ رہ گئے
14th Dec 2025
•
سندھ
شکارپور میں صوبائی اسمبلی کی نشست پر ضمنی الیکشن آج، کنٹرول رومز فعال
14th Dec 2025
•
پاکستان
فیلڈ مارشل کو بلاول کا اجرک و ٹوپی کا تحفہ، اسلام آباد کی سیاست میں نئی سرگوشیاں
12th Dec 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
شڪارپور ماضيءَ جو پئرس، بدانتظامي، بدعنواني ۽ بيحسي جو زندھ مثال!
14th Dec 2025
•
دلچسپ اور عجیب
30 سال بعد مریض کے معدے سے لائٹر برآمد، ڈاکٹر بھی دنگ رہ گئے
14th Dec 2025
•
سندھ
شکارپور میں صوبائی اسمبلی کی نشست پر ضمنی الیکشن آج، کنٹرول رومز فعال
14th Dec 2025
•
پاکستان
فیلڈ مارشل کو بلاول کا اجرک و ٹوپی کا تحفہ، اسلام آباد کی سیاست میں نئی سرگوشیاں
12th Dec 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
شڪارپور ماضيءَ جو پئرس، بدانتظامي، بدعنواني ۽ بيحسي جو زندھ مثال!
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
سنڌ سرڪار معذور ماڻهن
عمرڪوٽ ۾ سيو دي لائيوز فائونڊيشن
0 تبصرے