English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ريجنل ڊائريڪٽر محتسب ٺٽو پاران بوائز ھاءِ اسڪول مڪلي ۾ آگاهي سيمينار منعقد
287 views
|
04th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
صوبائي محتسب جو ادارو عوام جون جائز شڪايتون حل ڪرڻ لاءِ ڪوشان آهي: ھارون احمد خان
ٺٽو( شفيق ڀٽي) ريجنل ڊائريڪٽر محتسب ٺٽو پاران گورنمينٽ بوائز ھاءِ اسڪول مڪلي ۾ آگاهي سيمينار منعقد ڪيو ويو ريجنل ڊائريڪٽر محتسب ٺٽو ھارون احمد خان چيو آهي ته صوبائي محتسب جو ادارو عوام جون جائز شڪايتون حل ڪرڻ لاءِ ڪوشان آهي جيڪو بغير ڪنهن وڪيل جي بلاتفريق ماڻھن کي جلد کان جلد انصاف جي فراهمي لاءِ پنھنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هُن گورنمينٽ بوائز ھاءِ اسڪول مڪلي ۾ صوبائي محتسب اداري جي اهميت، فائدن ۽ طريقيڪار بابت منعقد آگاهي سيمينار کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي ھُن شاگردن کي صوبائي محتسب جي مقصد، اثر ۽ ڪارڪردگي بابت تفصيلي آگاهي پڻ ڏني. هن چيو ته محتسب جو ادارو غير جانبدار، مفت ۽ تيز انصاف جي فراھمي لاءِ قائم ٿيل آهي، جتي ڪنهن به شهري جي شڪايت کي بغير دير جي قانون مطابق ڏٺو وڃي ٿو. ھُن ٻڌايو تہ سرڪاري کاتن پاران ماڻهن سان ناانصافي، جائز ڪم ۾ دير، بدانتظامي يا لاپرواهي، سرڪاري آفيسرن جو غيرذميوار رويو يا قانوني ذميوارين کان انحراف، عوامي خدمتن ۾ غير ضروري تاخير ۽ پبلڪ ڊيلنگ ۾ بدسلوڪي، سرڪاري رڪارڊ، سرٽيفڪيٽ يا ضروري ڪيسن ۾ غيرقانوني رڪاوٽون ۽ مشڪلاتون، پوليس، تعليم، صحت، ميونسپل خدمتن ۽ ٻين کاتن ۾ ٿيندڙ انتظامي بيقاعدگيون، شڪايتن جو نه ٻڌڻ ۽ نظرانداز ڪرڻ بابت نوٽيس وٺڻ محتسب اعليٰ جي دائري اختيار ۾ آھي. ھُن چيو ته صوبائي محتسب جي هدايتن تحت عوام کي انصاف فراهم ڪيو پيو وڃي، مُلڪ ۾ انصاف فراهم ڪندڙ ادارا موجود آهن پر انھن تائين رسائي لاءِ بنيادي معلومات نه هجڻ سبب ڪيترائي ماڻهو پنھنجي حقن کان محروم آهن. ريجنل ڊائريڪٽر جو چوڻ هو ته شهري ڪنهن به صوبائي کاتي جي خلاف پنهنجي جائز شڪايت صرف هڪ سادي ڪاغذ تي موڪلي سگهن ٿا، سندن جائز مسئلو جلد کان جلد حل ڪرائڻ لاءِ قدم کنيا ويندا. هن چيو ته اسان جا دروازا هر انصاف گهرندڙ لاءِ کليل آهن. ان موقعي تي اسڪول انتظاميہ پاران درپيش مسئلا پيش ڪيا ويا، جن جي حل لاءِ ريجنل ڊائريڪٽر کين يقين پڻ ڏياريو. آگاھي سيمينار کي اسسٽنٽ ڪمشنر ٺٽو شاڪر فھيم، سينيئر ھيڊ ماسٽر غلام نبي خشڪ ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو. سيمينار ۾ سب رجسٽرار محمد حنيف پنھور، ھيڊ ماسٽر علي فرحان شيخ، علي اصغر بروھي، سلمان جاکرو، امير عثمان، علي محمد سومرو سميت آستادن، شاگردن ۽ اسڪول انتظاميہ شرڪت ڪئي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
21st Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
تعلیم میں ٹیکنالوجی کا کردار
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران نے مذاکرات میں شرکت سے انکار کر دیا
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکی دھمکیوں کو کوئی اہمیت نہیں دیتے، بہتر ہے ٹرمپ سوچ سمجھ کر بات کریں: باقر قالیباف
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
مذاکرات کے پہلے دور میں ایرانی وفد کا ٹرمپ کی دھمکیوں پر امریکی وفد کے سامنے احتجاج
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ۾ عوامي شڪايتن تي اي سيز پاران پئٽرول پمپس جا دورا
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ ڪسٽم جي گڏيل ڪارروائي دوران سگريٽ هٿ
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ مزدور تحريڪ پاران پورهيت مير مرتضيٰ شيخ جي برطرفي خلاف تحريڪ جو اعلان
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ جو وڏو وزير عوام دوست بجيٽ پيش ڪرڻ تي خراج تحسين جو مستحق آهي: شرف النساء شبنم
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ريجنل ڊائريڪٽر محتسب ٺٽو
اسڪول مڪلي ۾ آگاهي سيمينار منعقد
ٺٽو
0 تبصرے