English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڏوڪري ۽ ڀرپاسي ۾ ثقافتي رنگ نروار، ڳوٺ ڳجهڙ ۾ مچ ڪچهري منعقد
271 views
|
04th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
سماجي اڳواڻ مور خان سمون طرفان منعقد مچ ڪچھري ۾ سياسي سماجي اڳواڻن ۽ صحافين جي شرڪت
ڏوڪري(اطهر ميمڻ) سنڌي ميڊيا جي 7 ڊسمبر تي اعلانيل ثقافتي سڏ جي مناسبت سان ڏوڪري ويجھو ڳوٺ ڳجھڙ ۾ سماجي اڳواڻ مور خان سمون طرفان مچ ڪچھري منعقد ڪئي وئي، جنھن ۾ ڏوڪري جي سياسي، سماجي اڳواڻن، صحافين زبير منگي، فدا حسين ابڙو، اطھر سنديلو، قاضي آفتاب احمد، سيد جمن شاھ، محمد علي بروھي، وڏيرو شمن جوڻيجو، سخي سرور جوڻيجو، حبيب الله کوکر، علي دوست کوکر، مظفر شاھاڻي، اعظم ڪانڌڙو، اصغر ميمڻ، قاضي فريد سميت ڳوٺاڻن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. مچ ڪچھري دوران سگھڙن ڏور بيتن، پروليون ۽ پھاڪا ٻڌايا جڏھن ته صوفي فقيرن راڳ ويراڳ جي محفل منعقد ڪندي ويٺلن تي وجد طاري ڪري ڇڏيو. ان موقعي تي مچ ڪچھري کي خطاب ڪندي مور خان سمون، زبير منگي، فدا حسين ابڙو، اطھر سنديلو، سخي سرور جوڻيجو چيو ته مچ ڪچهريون سنڌ جي قديم ثقافت جو حصو آھن، جتي علم، ادب ۽ شاعري ذريعي تصوف جي پرچار ٿئي ٿي. ھنن چيو ته سنڌي ميڊيا سنڌ جي ثقافت کي اجاگر ڪرڻ لاءِ ثقافتي ڏينھن ملھائڻ جو گڏيل اعلان ڪري سنڌو جي تھذيب کي سڄي دنيا ۾ متعارف ڪرايو آھي، جيڪو عمل سنڌ جي ثقافت جي تمام وڏي خدمت آھي. ان موقعي تي ارشاد سانگھرو، قاضي سھيل احمد، قاضي نياز حسين، اطھر ميمڻ، وحيد جوڻيجو ۽ ٻيا پڻ موجود ھئا.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
21st Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
تعلیم میں ٹیکنالوجی کا کردار
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران نے مذاکرات میں شرکت سے انکار کر دیا
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکی دھمکیوں کو کوئی اہمیت نہیں دیتے، بہتر ہے ٹرمپ سوچ سمجھ کر بات کریں: باقر قالیباف
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
مذاکرات کے پہلے دور میں ایرانی وفد کا ٹرمپ کی دھمکیوں پر امریکی وفد کے سامنے احتجاج
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ۾ عوامي شڪايتن تي اي سيز پاران پئٽرول پمپس جا دورا
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ ڪسٽم جي گڏيل ڪارروائي دوران سگريٽ هٿ
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ مزدور تحريڪ پاران پورهيت مير مرتضيٰ شيخ جي برطرفي خلاف تحريڪ جو اعلان
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ جو وڏو وزير عوام دوست بجيٽ پيش ڪرڻ تي خراج تحسين جو مستحق آهي: شرف النساء شبنم
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ڏوڪري ۽ ڀرپاسي ۾ ثقافتي رنگ نروار
ڳوٺ ڳجهڙ ۾ مچ ڪچهري منعقد
سگھڙن ڏور بيتن، پروليون ۽ پھاڪا ٻڌايا
صوفي فقيرن راڳ ويراڳ جي محفل منعقد
0 تبصرے