English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
موري ۾ سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن پاران ٽن ڏينهن وارو ڪتابي ميلو منعقد
97 views
|
07th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ڪتابي ميلو فيض محمد سومرو ۽ فتح الدين سومرو جي ياد ۾ لڳايو ويو
مورو (جاني جماڻي)سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن موري پاران ٽي ڏھاڙا ڪتابي ميلو موري جي عظيم استادن سائين فيض محمد سومرو ۽ سائين فتح الدين سومرو جي مڃتا طور سندن ياد ۾ مھراڻ سٽيزن ڪلب مورو ۾ وديا پبليڪيشن جي سھڪار سان لڳايو ويو جنھن جي افتتاحي تقريب اڄ 6 ڊسمبر بروز ڇنڇر تي ٿي جنھن جي صدارت . ميونسپل ڪاميٽي جي چيئرمين محترم نذير احمد ميمڻ ڪئي جڏھن ته مھمانن ۾ سگا شاخ موري جو صدر پروفيسر شمشاد احمد سومرو ، ڪلچر کاتي جو اسسٽنٽ ڊائريڪٽر غلام مجتبي جوکيو،مھراڻ ڊگري ڪاليج مورو جو پرنسپال پروفيسر عبدالغفار ڪيريو ڊاڪٽر مشتاق سومرو انجنيئر عبدالله عثمان مورائي محمد اسلم امين آرائين مھراڻ سٽيزن ڪلب جو جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر وجھ الدين ميمڻ ھيا. تقريب جي شروعات تلاوت ڪلام پاڪ سان ڪئي ويئي جنھن جي سعادت .محمداسلم رائو حاصل ڪئي جنھن بعد پروفيسر شمشاد احمد سومري. مھمانن جي آجيان ڪندي سندٿورا مڃيندي چيو ت سگا اڄ موري پاران اڄ پنھنجي عظيم استادن. جي نالي سان ڪتابي ميلو لڳايو آھي .سگا موري پاران 2015 کان ھي ڏھون ڪتابي ميلو ھن سال لڳايو آھي .اسان ھرسال ڪتابي ميلو اسڪن ڪيمپ ۽ ٻيا پروگرام ڪندا رھندا آھيون .آء سگا موري جي صدر جي حيثيت سان توھان سڀني مھمانن جو دلي طور شڪر گذار آهيان جو اوھان اسان جي نماڻي نينڊ کي مان ڏنو آھي .ان بعد مھمانن ڳالھائيندي سگا موري جي ساٿين کي مبارڪون ڏيندي چيو ت ھي ھر سال ڪتابي ميلا اسڪن ڪيمپون ميڊيڪل ڪيمپون فلاحي ڪم اسڪولن جي سار سنڀال لھن ٿا اسان کي سگا جي دوستن تي فخر آھي .چيرمن ميونسپل ڪاميٽي محترم نذير احمد ميمڻ صدارتي تقرير ڪندي چيو ت مون کي سگا مورو جي ڪيل سماجي ڪمن تي فخر آھي جيڪي ھر سال ڪتابي ميلو ھڻندا رھن ٿا اڄوڪو . ميلو اسانجي عظيم استادن جي نالي ڪيو آھي جن اسان کي بھترين نموني سان پرڻايو ۽ گڏوگڏ اسان جي اخلاقي تربيت پڻ ڪئي ھنن ڪتابي ميلن سان نوجوان نسل جو لاڙو ڪتابن ڏانھن ٿيندو مون کي ھتي نوجوانن کي ڏسي ڪتاب خريد ڪندي انتھائي خوشي ٿي رھي آھي. پروگرام جي ڪاروائي سگا موري شاخ جي اڳوڻي صدر محمد اسلم عباسي ھلائي. تقريب ۾ ڪاليج جي پروفيسرن پروفيسر گل ميمڻ پروفيسر محمد يوسف شيخ پروفيسر افتخار پروفيسر ظھير ميمڻ پروفيسر زاھد سيال سائين اشرف گلاباڻي سائين رياض ميمڻ اسلم ڪوريجو جاويد ملاح جاويد ڪانڌڙو سائين .محمد ياسين جيسر محمد يعقوب ڍلو عبدالرحمان چنو قاضي شفيع محمد ۽ ٻيا علمي ادبي سياسي سماجي شخصيتن سان گڏ صحافي جاني جماڻي صحافي ظفر پنهور صحافي عارف يوسفزئي اسحاق ڪورائي بشير لغاري وحيد مستوئي رياض عالماڻي عزيز سابقي رضوان جماڻي خدا بخش ميمڻ جاني مورائي منظور لغاري ء ٻين شرڪت ڪئي .
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
14th Dec 2025
•
تازہ ترین
میئر کراچی کی جماعت اسلامی پر تنقید: ’’14 ارب روپے کب خرچ کریں گے؟
14th Dec 2025
•
پاکستان
’’یہ مجھے چین کیوں نہیں پڑتا، ایک ہی شخص تھا جہان میں‘‘ — آج جون ایلیا کا 94واں یوم پیدائش
14th Dec 2025
•
پاکستان
ڈاکٹر وردہ قتل کیس: مفرور ملزم پولیس مقابلے میں ہلاک
14th Dec 2025
•
پاکستان
اسلام آباد: CABI کے زیر اہتمام میڈیا ورکشاپ کا انقعاد، ماہرین کی پاکستان میں فصلوں کو کیڑا لگنے اور اسکو روکنے سے متعلق آگاہی
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ آءِ بي اي ٽيسٽ پاس اميدوارن جا احتجاجي مظاهرا
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ٺٽو ۽ مڪلي پوليس پاران مقابلي دوران هڪ ڌاڙيلن کي مارڻ جي دعويٰ
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
دنيا مريخ تي پھچي وئي، اسين ذاتين ۽ قبيلائي، تشدد، جبر ۾ مصروف آھيون: اياز لطيف پليجو
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
نوشھرو فيروز: ھفتو اڳ نوابشاھ ۾ عورت پوليس ڪانسٽيبل تي فائرنگ واري واقعي خلاف احتجاج
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
موري ۾ سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن
0 تبصرے