English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
موري ۾ سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن پاران ٽن ڏينهن وارو ڪتابي ميلو منعقد
242 views
|
07th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ڪتابي ميلو فيض محمد سومرو ۽ فتح الدين سومرو جي ياد ۾ لڳايو ويو
مورو (جاني جماڻي)سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن موري پاران ٽي ڏھاڙا ڪتابي ميلو موري جي عظيم استادن سائين فيض محمد سومرو ۽ سائين فتح الدين سومرو جي مڃتا طور سندن ياد ۾ مھراڻ سٽيزن ڪلب مورو ۾ وديا پبليڪيشن جي سھڪار سان لڳايو ويو جنھن جي افتتاحي تقريب اڄ 6 ڊسمبر بروز ڇنڇر تي ٿي جنھن جي صدارت . ميونسپل ڪاميٽي جي چيئرمين محترم نذير احمد ميمڻ ڪئي جڏھن ته مھمانن ۾ سگا شاخ موري جو صدر پروفيسر شمشاد احمد سومرو ، ڪلچر کاتي جو اسسٽنٽ ڊائريڪٽر غلام مجتبي جوکيو،مھراڻ ڊگري ڪاليج مورو جو پرنسپال پروفيسر عبدالغفار ڪيريو ڊاڪٽر مشتاق سومرو انجنيئر عبدالله عثمان مورائي محمد اسلم امين آرائين مھراڻ سٽيزن ڪلب جو جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر وجھ الدين ميمڻ ھيا. تقريب جي شروعات تلاوت ڪلام پاڪ سان ڪئي ويئي جنھن جي سعادت .محمداسلم رائو حاصل ڪئي جنھن بعد پروفيسر شمشاد احمد سومري. مھمانن جي آجيان ڪندي سندٿورا مڃيندي چيو ت سگا اڄ موري پاران اڄ پنھنجي عظيم استادن. جي نالي سان ڪتابي ميلو لڳايو آھي .سگا موري پاران 2015 کان ھي ڏھون ڪتابي ميلو ھن سال لڳايو آھي .اسان ھرسال ڪتابي ميلو اسڪن ڪيمپ ۽ ٻيا پروگرام ڪندا رھندا آھيون .آء سگا موري جي صدر جي حيثيت سان توھان سڀني مھمانن جو دلي طور شڪر گذار آهيان جو اوھان اسان جي نماڻي نينڊ کي مان ڏنو آھي .ان بعد مھمانن ڳالھائيندي سگا موري جي ساٿين کي مبارڪون ڏيندي چيو ت ھي ھر سال ڪتابي ميلا اسڪن ڪيمپون ميڊيڪل ڪيمپون فلاحي ڪم اسڪولن جي سار سنڀال لھن ٿا اسان کي سگا جي دوستن تي فخر آھي .چيرمن ميونسپل ڪاميٽي محترم نذير احمد ميمڻ صدارتي تقرير ڪندي چيو ت مون کي سگا مورو جي ڪيل سماجي ڪمن تي فخر آھي جيڪي ھر سال ڪتابي ميلو ھڻندا رھن ٿا اڄوڪو . ميلو اسانجي عظيم استادن جي نالي ڪيو آھي جن اسان کي بھترين نموني سان پرڻايو ۽ گڏوگڏ اسان جي اخلاقي تربيت پڻ ڪئي ھنن ڪتابي ميلن سان نوجوان نسل جو لاڙو ڪتابن ڏانھن ٿيندو مون کي ھتي نوجوانن کي ڏسي ڪتاب خريد ڪندي انتھائي خوشي ٿي رھي آھي. پروگرام جي ڪاروائي سگا موري شاخ جي اڳوڻي صدر محمد اسلم عباسي ھلائي. تقريب ۾ ڪاليج جي پروفيسرن پروفيسر گل ميمڻ پروفيسر محمد يوسف شيخ پروفيسر افتخار پروفيسر ظھير ميمڻ پروفيسر زاھد سيال سائين اشرف گلاباڻي سائين رياض ميمڻ اسلم ڪوريجو جاويد ملاح جاويد ڪانڌڙو سائين .محمد ياسين جيسر محمد يعقوب ڍلو عبدالرحمان چنو قاضي شفيع محمد ۽ ٻيا علمي ادبي سياسي سماجي شخصيتن سان گڏ صحافي جاني جماڻي صحافي ظفر پنهور صحافي عارف يوسفزئي اسحاق ڪورائي بشير لغاري وحيد مستوئي رياض عالماڻي عزيز سابقي رضوان جماڻي خدا بخش ميمڻ جاني مورائي منظور لغاري ء ٻين شرڪت ڪئي .
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
05th May 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
وري ھڪ ٻي سنڌ ڄائي کي هميشه لاءِ موت جي ننڍ سمھاريو ويو؟
05th May 2026
•
شوبز
سپنا غزل کے فن کا ڈنکا ایک بار پھر بج گیا لگاتار دو ایوارڈز حاصل کیے
05th May 2026
•
سندھ
فوٹو جرنلسٹس محمد ناصر ٹریفک حادثے میں جاں بحق بخاری گروپ آف کمپنیز. کی جانب سے تعزیت کا اظہار
05th May 2026
•
سندھ
نیشنل انسٹیٹیوٹ آف پبلک ایڈمنسٹریشن (نپا) کراچی میں بنگلہ دیش سے آئے ہوئے سینئر سول سروس افسران کے وفد کے دورے کا دوسرا روز
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
پ پ ۾ شامل ٿيڻ جو فيصلو ناهي ڪيو، بلاول ڀٽو زرداري ۽ آصف زرداري سان ملاقاتون نج خانداني معاملن تي ٿيون هيون: اڳوڻو ايم پي اي امير بخش ڀٽو
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول ۾ سجاول ۾ آگاهي سيمينار ۽ ميڊيڪل اسڪريننگ ڪيمپ لڳائي وئي
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
گلشن حديد فيز ون ۾ هٿياربندن جي سونارڪي دڪان تان ڦر، دڪان مالڪ زخمي
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: رينجرز جي ڪارروائي، لالو گروھ جا 2 جوابدار گرفتار
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
موري ۾ سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن
0 تبصرے