English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
عمرڪوٽ: نبي سر ٿر ۾ هٿياربندن هٿان ٻه سڳا ڀائر بيدردي سان قتل، لاش ڪهاڙي سان ڪٽيا ويا
49 views
|
22nd Oct 2025
•
سنڌي خبرون
هٿياربندن جي حملي ۾ ٽئين ڀاءُ ڀڄي جان بچائي، ايمبولينس نه ملڻ سبب لاش ويگن ۾ اسپتال منتقل
عمرڪوٽ ( رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) چانڊيا برادري جي ٻن ڌرين ۾ هلندڙ پراڻو تڪرار خونريزي ۾ بدلجي ويو، نبي سر ٿر جي ڀرسان هڪ هوٽل تي هٿياربندن بيگناهه مزدور ڀائرن تي حملو ڪري ڏنو، فائرنگ جي نتيجي ۾ ٻه سڳا ڀائر جان محمد ۽ صابر ولد راڻو چانڊيو بي درديءَ سان مارجي ويا، ذريعن موجب ٻئي مقتول ڀائر ٿر ڪول ڊيم تي مزدوري ڪندا هئا ۽ اڄ صبح ڪم تي وڃڻ کان اڳ هوٽل تي ناشتو ڪري رهيا هئا، ته اوچتو مخالف ڌر جا هٿياربند پهچي ويا ۽ انڌا ڌنڌ فائرنگ شروع ڪري ڏني، فائرنگ کان پوءِ قاتلن لاشن کي ڪهاڙيءَ سان مسخ ڪري فرار ٿي ويا، واقعي کان پوءِ علائقي ۾ شديد خوف ۽ ڏهڪاءُ پکڙجي ويو، مقامي ماڻهن موجب ايمبولينس نه ملڻ سبب لاشون ويگن ذريعي ڪنري اسپتال منتقل ڪيون ويون، پوليس ذريعن مطابق ڊي ايس پي ڪنري غلام مصطفيٰ ڪاڇيلو جي اڳواڻيءَ ۾ مختلف ٿاڻن تان وڏي نفري نبي سر ٿر پهتي، علائقي کي گهيري ۾ وٺي ملزمن جي ڳولا لاءِ ڪاروائي شروع ڪئي وئي آهي، علائقي ۾ سوڳ ۽ غم جي فضا ڇانيل آهي، جڏهن تہ مقتولن جي وارثن قاتلن جي فوري گرفتاري ۽ انصاف جو مطالبو ڪيو آهي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
15th Dec 2025
•
پاکستان
واٹس ایپ ہیکنگ سے بچاؤ کے طریقے: این سی سی آئی اے نے عوام کے لیے رہنمائی جاری کر دی
15th Dec 2025
•
دنیا
مراکش میں طوفانی بارش اور سیلاب، مختلف حادثات میں 37 افراد جان سے گئے
15th Dec 2025
•
دنیا
سڈنی حملہ: کسی بڑے انتہا پسند گروہ کے ملوث ہونے کے شواہد نہیں، آسٹریلوی وزیرِ اعظم
15th Dec 2025
•
تازہ ترین
وزارت کو جوتے کی نوک پر رکھتا ہوں، کراچی چلے گا تو پاکستان چلے گا: مصطفیٰ کمال
15th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
شڪارپور: پي ايس 9 تي ضمني چونڊ ۾ پ پ اميدوار آغا شهباز دراني ڪامياب قرار
15th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ٺٽو پوليس جو جوا جي اڏي تي ڇاپو، 4 جواباز گرفتار
15th Dec 2025
•
پاکستان
واٹس ایپ ہیکنگ سے بچاؤ کے طریقے: این سی سی آئی اے نے عوام کے لیے رہنمائی جاری کر دی
15th Dec 2025
•
دنیا
مراکش میں طوفانی بارش اور سیلاب، مختلف حادثات میں 37 افراد جان سے گئے
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
نبي سر ٿر ۾ هٿياربندن هٿان ٻه سڳا
0 تبصرے