English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير: ڀينس ڪالوني انتظاميه بي ڌياني سبب مسئلن جي ور چڙهيل، رهواسين جو احتجاج
303 views
|
23rd Oct 2025
•
سنڌي خبرون
30، 30 ڪلاڪ بجلي بند رهي ٿي، صفائي سٿرائي جو ڪو نظام ناهي، روڊ رستا کنڊر بڻيل آهن: شهري
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ملير جو علائقو ڀينس ڪالوني جيڪو هزارين خاندانن جي روزگار جو مرڪز آهي مڪمل طور اونداهين، بدانتظامي ۽ انتظاميا جي بي حسي جو شڪار بڻيل آهي۔ ڄاڻايل علائقو سڄي شهر کي کير، گوشت ۽ روزمره جي خوراڪ مهيا ڪري ٿو پاڻ بدترين ۽ نظراندازي جو منظر پيش ڪري رهيو آهي گذريل 30 ڪلاڪن کان وڌيڪ بجلي بند هجڻ سبب علائقي جي زندگي مفلوج ٿي وئي آهي گهرن ۾ پيئڻ جو پاڻي ختم ٿي ويو آهي ڪاروبار بند پيل آهن ٻارڙا گرمي ۽ اونداهين ۾ پريشان آهن رهواسين جو چوڻ آهي ته ڪي اليڪٽرڪ ڪجهه باقيدار جي ڪري سڄي آبادي کي اجتماعي سزا ڏئي ڇڏي آهي جيڪا ناانصافيءَ جي بدترين مثال آهي علائقي واسين موجب هي رڳو بجلي بندش جو مسئلو ناهي پر نظام جي ناڪامي ادارن جي بي حسي ۽ عوام جي مجبوريءَ جو هڪ وڏو الميو آهي چار ڏينهن جي تڪليف ۽ اونداهين کانپوءِ جڏهن بجلي بحال ٿي ته اها به رڳو ڪجهه وقت لاءِ هئي اڄ وري ساڳي اونداهي، ساڳي بي حسي ۽ ساڳي مايوسي ڇانيل آهي رهواسين جو چوڻ آهي ته هاڻي ته لکڻ ڏوهه بڻجي ويو آهي، ڳالهائڻ گناهه، ۽ سچ ٻڌائڻ بغاوت ٿي وئي آهي۔ اسان جي گهرن ۾ اونداهو آهي ۽ دلين ۾ مايوسي۔علائقي واسين ڪي اليڪٽرڪ انتظاميا ۽ لاڳاپيل حڪومتي ادارن کان فوري نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو آهي سندن چوڻ آهي ته جيڪڏهن رهتون وصول ڪرڻيون آهن ته صرف انهن جا ڪنيڪشن ڪٽيا وڃن، سڄي آبادي کي سزا نه ڏني وڃي۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
21st Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
تعلیم میں ٹیکنالوجی کا کردار
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران نے مذاکرات میں شرکت سے انکار کر دیا
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکی دھمکیوں کو کوئی اہمیت نہیں دیتے، بہتر ہے ٹرمپ سوچ سمجھ کر بات کریں: باقر قالیباف
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
مذاکرات کے پہلے دور میں ایرانی وفد کا ٹرمپ کی دھمکیوں پر امریکی وفد کے سامنے احتجاج
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ۾ عوامي شڪايتن تي اي سيز پاران پئٽرول پمپس جا دورا
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ ڪسٽم جي گڏيل ڪارروائي دوران سگريٽ هٿ
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ مزدور تحريڪ پاران پورهيت مير مرتضيٰ شيخ جي برطرفي خلاف تحريڪ جو اعلان
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ جو وڏو وزير عوام دوست بجيٽ پيش ڪرڻ تي خراج تحسين جو مستحق آهي: شرف النساء شبنم
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
انتظاميه ڀينس ڪالوني کي
ملير
جو علائقو ڀينس ڪالوني
0 تبصرے