English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
عمرڪوٽ ۾ پوليو جي عالمي ڏهاڙي تي واڪ جو اهتمام
88 views
|
24th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ضلعي انتظاميا، روٽري ڪلب ۽ مختلف سماجي تنظيمن پاران ريلي ڪڍي وئي
عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) ضلعي انتظاميا عمرڪوٽ، روٽري ڪلب عمرڪوٽ ۽ مختلف سماجي تنظيمن جي گڏيل سهڪار سان پوليو جي خاتمي، ان کان بچاءَ ۽ عوامي شعور بيدار ڪرڻ جي مقصد سان وڏي واک ريلي جو انتظام ڪيو ويو۔ ريلي گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج عمرڪوٽ کان پريس ڪلب عمرڪوٽ تائين ڪڍي وئي، جنهن ۾ شهرين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي۔ ريلي جي اڳواڻي ايڊشنل ڊپٽي ڪمشنر ون جاويد احمد ڏاهري ڪئي۔ ان موقعي تي ڊي ايس پي عمرڪوٽ تصور جٽ، تعليم کاتي جا آفيسر زمان کوسو، پوليو جا فوڪل پرسن ڊاڪٽر وجئہ ڪمار، ڪميونيڪيشن آفيسر ارباب منگريو،ڊسٽرڪٽ روٽريڪٽ ڪلب جو پريم بنجارا ، مختلف اسڪولن جا استاد، والدين ۽ وڏي تعداد ۾ شاگرد شريڪ ٿيا، جن جي هٿن ۾ آگاھي بينرز، پوسٽر ۽ پلي ڪارڊ هئا، جن تي پوليو جي خاتمي بابت پيغام لکيل هئا۔ شرڪت ڪندڙن مارچ دوران نعره هنيا: "پوليو جي خاتمي تائين جنگ جاري رهندي"صحت مند پاڪستان – پوليو فري پاڪستان" ۽ "ٻارن کي پوليو جا ڦڙا ضرور پياريو" وغيره۔ ان موقعي تي ايڊشنل ڊپٽي ڪمشنر ون جاويد احمد ڏاهري ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو تہ پوليو جهڙي موذي بيماري جو خاتمو اسان سڀني جي گڏيل ذميواري آهي۔ والدين کي گهرجي تہ هو پنهنجن ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ ۾ ڪابہ غفلت نہ ڪن، جيئن ايندڙ نسلن کي معذوري جهڙي دائمي خطري کان بچائي سگهجي۔ ھن چيو تہ سنڌ حڪومت ۽ صحت کاتو پوليو جي خلاف ڀرپور قدم کڻي رهيا آهن، جڏهن تہ انتظاميا، روٽري ڪلب ۽ سماجي تنظيمون گڏجي عوام ۾ شعور اجاگر ڪرڻ لاءِ ڪم ڪري رهيون آهن۔ ان موقعي تي روٽري ڪلب جي نمائندن چيو تہ هو هميشه وانگر پوليو جي خاتمي جي مشن ۾ انتظاميا سان ڪلهي ڪلهو هڻي بيٺل رهندا ۽ ٻارن جي صحت سان لاڳاپيل هر ڪوشش ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا۔ ريلي جي آخر ۾ شاگردن لاءِ آگاھي سيشن پڻ منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ پوليو ويڪسين جي اهميت ۽ ان جي عالمي سطح تي خاتمي بابت ڄاڻ فراهم ڪئي وئي، ان موقعي تي روٽري ڪلب عمرڪوٽ جي نمائندن ڊسٽرڪٽ پبليڪشن ڪو چيئر پريم بنجارا، ونود ڪمار ڪلب پريزيڊنٽ، مسرور اقبال اڌيپوري، مزمل اقبال چارٽرڊ پريزيڊنٽ، پريزيڊنٽ امراڻو ڪلب زمان کوسو، جنرل سيڪريٽري مناف شاهه ۽ ٻيا پڻ موجود هئا
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
04th Feb 2026
•
تازہ ترین
چوٹیاریوں واقعہ: ملزم نے جنسی زیادتی کی اور چہرے پر بلیڈ سے زخم لگائے۔متاثرہ لڑکی کا دفعہ 164 کے تحت بیان
04th Feb 2026
•
پاکستان
جموں و کشمیر یونائیٹڈ فورم کی نئی کابینہ کا اعلان، شفیق بٹ چیئرمین، کاشف اقبال سیکرٹری جنرل مقرر
04th Feb 2026
•
پاکستان
اسلام آباد: گوجر خان شہر کے خوش اسلوب اور تازہ کار غزل گو شاعر عاصم ندیم کا مجموعہ غزلیات'' نم یاب '' شائع ہوگیا
03rd Feb 2026
•
Jobs
هيومن رائيٽس ڊپارٽمينٽ ۾ نوڪريون
04th Feb 2026
•
تازہ ترین
چوٹیاریوں واقعہ: ملزم نے جنسی زیادتی کی اور چہرے پر بلیڈ سے زخم لگائے۔متاثرہ لڑکی کا دفعہ 164 کے تحت بیان
04th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
چوٽياريون واقعو، ناري عدالت ۾ پيش، جوابدار تي جنسي زيادتي ۽ بدترين تشدد ڪرڻ بابت بيان رڪارڊ
04th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
اڏيرو لال اسٽيشن ۾ 5ٻارڙن جي ماءُ مڙس هٿان گوليون هڻي قتل
04th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
ميمڻ ڳوٺ: نجي اسپتال ۾ ويم دوران عورت ۽ تازو ڄاول ٻار فوت
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
عمرڪوٽ
عمرڪوٽ ۾ پوليو جي عالمي
0 تبصرے