English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ضلعي شڪارپور ۾ پوليو جي عالمي ڏهاڙي جي حوالي سان جاڳرتا ريلي ڪڍي وئي
162 views
|
24th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ھيرانند گنگا ٻائي اسپتال کان پريس ڪلب تائين جاڳرتا ريلي ۾ ڊپٽي ڪمشنر شڪيل احمد ابڙو ۽ ٻيا شريڪ
شڪارپور(احسان ابڙو)ضلعي شڪارپور ۾ پوليو جي عالمي ڏهاڙي جي حوالي سان جاڳرتا ريلي ڪڍي وئي ھيرانند گنگا ٻائي اسپتال کان پريس ڪلب شڪارپور تائين جاڳرتا ريلي ۾ ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور شڪيل احمد ابڙو، صحت کاتي جا ضلعي عملدار، پوليو فوڪل پرسن، نيشنل پروگرام جا عملدار، سوشل ويلفيئر آفيسرز، سرسو، ۽ وڏي انگ ۾ ليڊي هيلٿ ورڪرز ۽ ڊاڪٽرن شرڪت ڪئي. پريس ڪلب شڪارپور ۾ ريلي جي اختتام وقت صحافين سان ڳالهائيندي، ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور، پوليو ورڪرز کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته پوليو ورڪرز گهر گهر وڃي ٻارن کي پوليو کان بچاء جا ڦڙا پيارين ٿا، جنهن لاء ضلعي انتظاميه کين خراج تحسين پيش ڪري ٿي. پوليو جي خاتمي جي مهم کي اجاگر ڪندي ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور چيو ته پوليو هڪ موذي مرض آهي، جنهن جو ڦيلاء کي پوليو جي ڦڙن ذريعي روڪي سگهجي ٿو. هن چيو ته عوام کي اپيل ڪريان ٿو ته پنهنجي ٻارن کي پوليو جا 2 ڦڙا ضرور پيياريو جئين هو سڄي زندگي جي معذوري کان بچي سگهن. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور ٻڌايو ته 17 نومبر کان ارڙي جي مهم شروع ٿي رهي آهي، ان دوران اوهان جي علائقي ۾ صحت کاتي جون ٽيمون اينديون ۽ پنهنجي 6 مهينن کان 5 سالن تائين عمر جي ٻارڙن کي ارڙي جي بچاءُ واري ويڪسين لڳرايو ۽ ٽيمن سان تعاون ڪريو ڇو ته ارڙي هڪ وچرندڙ بيماري آهي اسان ۽ توهان کي صحتمند معاشرو بڻائڻو آهي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
05th May 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
وري ھڪ ٻي سنڌ ڄائي کي هميشه لاءِ موت جي ننڍ سمھاريو ويو؟
05th May 2026
•
شوبز
سپنا غزل کے فن کا ڈنکا ایک بار پھر بج گیا لگاتار دو ایوارڈز حاصل کیے
05th May 2026
•
سندھ
فوٹو جرنلسٹس محمد ناصر ٹریفک حادثے میں جاں بحق بخاری گروپ آف کمپنیز. کی جانب سے تعزیت کا اظہار
05th May 2026
•
سندھ
نیشنل انسٹیٹیوٹ آف پبلک ایڈمنسٹریشن (نپا) کراچی میں بنگلہ دیش سے آئے ہوئے سینئر سول سروس افسران کے وفد کے دورے کا دوسرا روز
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
پ پ ۾ شامل ٿيڻ جو فيصلو ناهي ڪيو، بلاول ڀٽو زرداري ۽ آصف زرداري سان ملاقاتون نج خانداني معاملن تي ٿيون هيون: اڳوڻو ايم پي اي امير بخش ڀٽو
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول ۾ سجاول ۾ آگاهي سيمينار ۽ ميڊيڪل اسڪريننگ ڪيمپ لڳائي وئي
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
گلشن حديد فيز ون ۾ هٿياربندن جي سونارڪي دڪان تان ڦر، دڪان مالڪ زخمي
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: رينجرز جي ڪارروائي، لالو گروھ جا 2 جوابدار گرفتار
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ي شڪارپور ۾ پوليو جي عالمي ڏهاڙ
0 تبصرے