English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڪراچي يونيورسٽي پاران ميمڻ ڳوٺ لاءِ پوائنٽ سروس بند، شاگرد سخت پريشان
216 views
|
24th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
شاگردياڻيون توڙي شاگرد ٽي ٽي بسون بدلائي يونيورسٽي پهچڻ تي مجبور، سروس جي فوري بحالي جو مطالبو
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ڪراچي يونيورسٽي انتظاميا طرفان ميمڻ ڳوٺ لاءِ پوائنٽ (بس) سروس بنا ڪنهن اڳواٽ اطلاع جي بند ڪرڻ تي علائقي واسين ۽ شاگردن ۾ شخت مايوسي ۽ ڪاوڙ جي لهر پکڙجي وئي آهي۔ شاگردن موجب يونيورسٽي اچڻ وڃڻ لاءِ هر اڪيلو سواري جو ذريعو هو جنهن جي بند ٿيڻ سبب تعليمي سرگرميون سخت متاثر ٿي رهيون آهن شاگردن ٻڌايو ته پوائنٽ سروس بند ٿيڻ بعد هاڻ کين ڪراچي يونيورسٽي پهچڻ لاءِ ٽن ٽن بسين ۾ سفر ڪرڻو پوي ٿو۔ ڪيترن شاگردن شڪايت ڪئي ته صبح سوير نڪرڻ باوجود به هو اڪثر ڪلاسن ۾ دير سان پهچن ٿا جڏهن تہ واپسي تي ٽرانسپورٽ نه ملڻ سبب شام دير تائين روڊن تي خوار ٿيڻ تي مجبور ٿين ٿا۔ هن صورتحال سان نه صرف وقت جو ضايع ٿي رهيو آهي پر خرچن ۾ به اضافو ٿي ويو آهي ميمڻ ڳوٺ ۽ ڀرپاسي وارن علائقن جا درجنين شاگردن ڪراچي يونيورسٽي انتظاميا کان مطالبو ڪيو آهي ته پوائنٽ سروس کي فوري طور بحال ڪيو وڃي، جيئن شاگردن کي تعليمي نقصان کان بچائي سگهجي۔ انهن جو چوڻ آهي ته يونيورسٽيءَ جي ٽرانسپورٽ سهولت صرف محدود علائقن تائين مهيا ڪئي پئي وڃي، جڏهنتہ پري پري رهندڙ شاگرد مڪمل طور نظرانداز ٿي رهيا آهن۔متاثر شاگردن صوبائي تعليم کاتي ۽ عوامي نمائندن کي پڻ اپيل ڪئي آهي ته هو هن معاملي تي فوري نوٽيس وٺي يونيورسٽي انتظاميا سان ڳالهه ٻولهه ڪري سروس بحال ڪرائن۔ شاگردن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن سهولت بحال نه ٿي ته هو احتجاج ڪرڻ تي مجبور ٿيندا شاگردن چيو ته ڪراچي يونيورسٽي جهڙي وڏي تعليمي اداري ۾ داخلا ملڻ باوجود ٽرانسپورٽ جي بنيادي سهولت نه هجڻ افسوسناڪ ڳالهه آهي۔ انهن جو چوڻ هو ته پوائنٽ سروس رڳو سواري جو ذريعو نه آهي، پر ڪيترن غريب شاگردن لاءِ تعليم جاري رکڻ جو واحد سهارو آهي تنهنڪري ان کي بند ڪرڻ سندن تعليمي مستقبل سان کيڏڻ جي برابر آهي۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
21st Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
تعلیم میں ٹیکنالوجی کا کردار
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران نے مذاکرات میں شرکت سے انکار کر دیا
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکی دھمکیوں کو کوئی اہمیت نہیں دیتے، بہتر ہے ٹرمپ سوچ سمجھ کر بات کریں: باقر قالیباف
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
مذاکرات کے پہلے دور میں ایرانی وفد کا ٹرمپ کی دھمکیوں پر امریکی وفد کے سامنے احتجاج
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ۾ عوامي شڪايتن تي اي سيز پاران پئٽرول پمپس جا دورا
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ ڪسٽم جي گڏيل ڪارروائي دوران سگريٽ هٿ
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ مزدور تحريڪ پاران پورهيت مير مرتضيٰ شيخ جي برطرفي خلاف تحريڪ جو اعلان
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ جو وڏو وزير عوام دوست بجيٽ پيش ڪرڻ تي خراج تحسين جو مستحق آهي: شرف النساء شبنم
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ڪراچي يونيورسٽي پاران ميمڻ
0 تبصرے