English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
عمرڪوٽ ۾ ڪشمير تي ڀارتي قبضي خلاف ڪارو ڏينهن ملهايو ويو، احتجاجي ريلي
46 views
|
27th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ضلعي انتظاميه استادن شاگردن ۽ شھرين پاران احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، ڀارت خلاف نعريبازي
عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) ضلعي انتظاميه عمرڪوٽ پاران 27 آڪٽوبر کي يومِ سياه طور ملهائيندي قبضي هيٺ ڪشمير جي مظلوم عوام سان اظهارِ يڪجهتي لاءِ هڪ وڏي واڪ ريلي جو اهتمام ڪيو ويو، ريلي جي اڳواڻي اسسٽنٽ ڪمشنر عمرڪوٽ رجب علي سٺيو ڪئي، جڏهن ته ريلي ڊپٽي ڪمشنر آفيس عمرڪوٽ کان شروع ٿي ۽ پريس ڪلب عمرڪوٽ تي پهچي اختتام پذير ٿي، ان موقعي تي ڊگري ڪاليج عمرڪوٽ جي پرنسپل پروفيسر عبدالروف سومرو، استادن ۽ شاگردن، گورنمينٽ هائر سيڪنڊري اسڪول نمبر ون عمرڪوٽ جي پرنسپل دليپ ڪمار، شاگردن، ٻين تعليمي ادارن جي استادن گوتم سنگراسي، آغا شهباز، مختلف اسڪولن جي شاگردن، سماجي تنظيمَن جي نمائندن مير حسن آريسر، مولانا عبدالقادر جمالي، پريس ڪلب عمرڪوٽ جي مينيجمينٽ ڪميٽي جي چيئرمين رسول بخش رحيمداڻي، معزز شهرين ۽ ٻين اسٽيڪ هولڊرن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪري ڪشميري عوام سان اظهارِ يڪجهتي ڪئي، ان موقعي تي شرڪت ڪندڙن جي هٿن ۾ بينرز، پلي ڪارڊ هئا ۽ ڪشمير جي حق ۾ نعرا پڻ لڳايا پئي ويا، ان موقعي تي اسسٽنٽ ڪمشنر عمرڪوٽ رجب علي سٺيو ۽ ٻين مقررین ريلي کي خطاب ڪندي چيو ته 27 آڪٽوبر تاريخ جو سياه ترين ڏينهن آهي، جڏهن ڀارتي فوجن غيرقانوني طور ڪشمير تي قبضو ڪيو، هنن عالمي برادري کان مطالبو ڪيو ته هو ڪشمير ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙين جو نوٽيس وٺي ۽ ڪشميرين جي حقِ خوداراديت لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري، ان موقعي تي مقررین واضح ڪيو ته پاڪستاني قوم ۽ عمرڪوٽ جا شهري هر فورم تي ڪشميري عوام جي حق ۾ آواز اٿاريندا رهندا ۽ سندن آزاديءَ واري جدوجهد تائين مڪمل ساٿ ڏيندا، ريلي جي آخر ۾ ڪشمير جي آزادي ۽ ڀارتي ظلم جي خاتمي لاءِ خاص دعا پڻ ڪئي وئي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
14th Dec 2025
•
تازہ ترین
میئر کراچی کی جماعت اسلامی پر تنقید: ’’14 ارب روپے کب خرچ کریں گے؟
14th Dec 2025
•
پاکستان
’’یہ مجھے چین کیوں نہیں پڑتا، ایک ہی شخص تھا جہان میں‘‘ — آج جون ایلیا کا 94واں یوم پیدائش
14th Dec 2025
•
پاکستان
ڈاکٹر وردہ قتل کیس: مفرور ملزم پولیس مقابلے میں ہلاک
14th Dec 2025
•
پاکستان
اسلام آباد: CABI کے زیر اہتمام میڈیا ورکشاپ کا انقعاد، ماہرین کی پاکستان میں فصلوں کو کیڑا لگنے اور اسکو روکنے سے متعلق آگاہی
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ آءِ بي اي ٽيسٽ پاس اميدوارن جا احتجاجي مظاهرا
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ٺٽو ۽ مڪلي پوليس پاران مقابلي دوران هڪ ڌاڙيلن کي مارڻ جي دعويٰ
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
دنيا مريخ تي پھچي وئي، اسين ذاتين ۽ قبيلائي، تشدد، جبر ۾ مصروف آھيون: اياز لطيف پليجو
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
نوشھرو فيروز: ھفتو اڳ نوابشاھ ۾ عورت پوليس ڪانسٽيبل تي فائرنگ واري واقعي خلاف احتجاج
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
عمرڪوٽ
0 تبصرے