English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڊي سي نوشهرو فيروز محمد ارسلان سليم جي صدارت هيٺ ڊينگي وائرس بابت اجلاس
272 views
|
30th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
صحت کاتي سان گڏ ٻيا لاڳاپيل آفيسر هن مهم کي ڪامياب بنائڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن: محمد ارسلان سليم
نوشهرو فيروز (ڊ ر)ڊپٽي ڪمشنر نوشهرو فيروز محمد ارسلان سليم جي صدارت هيٺ ڊينگي وائرس جي روڪٿام،ڪنٽرول ۽ آگاهي مهم بابت هڪ اهم اجلاس سندس آفيس ۾ ٿيو.اجلاس ۾ ڊي ايڇ او ڊاڪٽر غلام قادر چانڊيو،ڊي ايم پي پي ايڇ آئي محسن علي عباسي، ڊينگي وائرس جي ضلعي فوڪل پرسن ڊاڪٽر عبدالستار، سڀني ميونسپل ۽ ٽائون ڪامٽين جا آفيسر،صحت، تعليم ، روينيو،لوڪل گورنمنٽ ۽ ٻين لاڳاپيل کاتن جا آفيسر پڻ هن گڏجاڻي ۾ شريڪ هئا. ڊپٽي ڪمشنر چيو ته صحت کاتي سان گڏ ٻيا لاڳاپيل آفيسر هن مهم کي ڪامياب بنائڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. هن چيو ته سڀني تعلقن جا اسسٽنٽ ڪمشنر ڊينگي جي وائرس جي خاتمي لاءِ ٿيندڙ اسپري مهم جي نگراني ڪن. هن صحت کاتي جي آفيسرن کان موجود اسپري مشينن،دوا ۽ ڊينگي جي ٽيسٽ لاِءِ موجود ڪٽن جي تعداد معلوم ڪئي . هن زور ڀريو ته سرڪاري اسپتالن سان گڏ نجي اسپتالن ۽ ليبارٽرين مان ٽيسٽ ڪرائيندڙ ڊينگي جي مريضن جو اطلاي فوري طور تي ڊپٽي ڪمشنر آفيس ۾ قائم ڪنٽرول روم تي ڏنو وڃي. هن لوڪل گورنمنٽ جي آفيسرن تي زور ڀريو ته هو هر ٽائون ڪاميٽي ۾ گھٽ۾گھٽ ٻه اسپري مشينون خريد ڪن ۽ پنهنجي حدن پر ۾ مڇرمار اسپري کي يقيني بنائڻ ۽ اهڙي رپورٽ روزاني بنياد تي فراهم ڪن.هن چيو تهي شهرين کي ڊينگي بابت ڄاڻ فراهم ڪرڻ لاءِ اگاهي جا پيغام پهچايا وڃن.هن صحت کاتي جي آفيسرن کي هدايت ڪئي ته سڀني سرڪاري اسپتال ۾ ڊينگي وارڊ قائم ڪيا وڃن، ۽ جنهن علائقي مان ڊينگي جي اطلاع ملي اتي فوري اسپري، مڇردانيون ۽ ٻي گهربل ڄاڻ فراهم ڪئي وڃي.ڊپٽي ڪمشنر چيو ته ڊينگي کان بچاءَ لاءِ مڇر جي لاروا کي ختم ڪرڻ وارو عمل شروع ڪيو وڃي. ان مهم کي سنجيدگي ۽ هنگامي بنيادن تي شروع ڪرڻ جي هدايت ڪئي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
21st Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
تعلیم میں ٹیکنالوجی کا کردار
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران نے مذاکرات میں شرکت سے انکار کر دیا
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکی دھمکیوں کو کوئی اہمیت نہیں دیتے، بہتر ہے ٹرمپ سوچ سمجھ کر بات کریں: باقر قالیباف
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
مذاکرات کے پہلے دور میں ایرانی وفد کا ٹرمپ کی دھمکیوں پر امریکی وفد کے سامنے احتجاج
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ۾ عوامي شڪايتن تي اي سيز پاران پئٽرول پمپس جا دورا
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ ڪسٽم جي گڏيل ڪارروائي دوران سگريٽ هٿ
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ مزدور تحريڪ پاران پورهيت مير مرتضيٰ شيخ جي برطرفي خلاف تحريڪ جو اعلان
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ جو وڏو وزير عوام دوست بجيٽ پيش ڪرڻ تي خراج تحسين جو مستحق آهي: شرف النساء شبنم
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
محمد ارسلان سليم
ڊي سي نوشهرو فيروز محمد ارسلان سليم ج
0 تبصرے