English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير: گلشن حديد ۾ جمعيت علماءَ اسلام جي پاڻي کوٽ ۽ بدامني خلاف ريلي
94 views
|
02nd Nov 2025
•
سنڌي خبرون
هڪ پاسي ملير بدامني جي باهه ۾ سڙهي رهيو آهي ته ٻي پاسي مختلف علائقن کي پاڻي جي فراهمي بند آهي: اڳواڻ
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) جمعيت علماءَ اسلام گڏاپ ٽائون ملير طرفان انتظاميا جي نااهلي ۽ عوامي مسئلن خلاف گلشن جديد ۾ الخدمت اسپتال فيز ٽو کان الله واري چورنگي فيز ون تائين وڏي احتجاجي ريلي ڪڍي وئي جنهن ۾ سوين ڪارڪنن ۽ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ريلي جي اڳواڻي جمعيت علماءَ اسلام گڏاپ ٽائون جي امير مولانا عبدالقيوم صديقي، امير مولانا عبدالماجد چاچڙ، جنرل سيڪريٽري قاري ثناءُالله عثماني، مفتي مبشر، مولانا قاري محمد احسن، جنرل سيڪريٽري مولانا احسان الله، مولانا ولي الله هزاروي ۽ مفتي عبدالشکور ڪئي۔ ريلي ۾ شرڪت ڪندڙ بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي ڏوھ ختم ڪريو پاڻي جي کوٽ ختم ڪريو جا نعرا هڻندا رهيا ريلي جڏهن الله واري چوڪ پهتي ته وڏي جلسي ۾ تبديل ٿي وئي۔ ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته هڪ پاسي سڄو ملير بدامني جي باهه ۾ سڙهي رهيو آهي، ته ٻئي پاسي ملير جون آبادين، خاص طور تي گلشن حديد، گهگھر پپري، گڏاپ ۽ ڀرپاسي جا علائقا سالن کان ترقياتي ڪم کان محروم آهن۔ لکين جي آبادي پاڻي، صفائي، سيوريج، روڊن ۽ صحت جي بنيادي سهولتن کان وانجهيل آهي، جڏهنته مقامي انتظاميا مڪمل طور تي ناڪام ٿي چڪي آهي اڳواڻن وڌيڪ چيو ته قبرستانن، اسپتالن ۽ تعليمي ادارن جي خستہ حالي سبب شهري سخت پريشاني ۾ مبتلا آهن، ۽ انتظاميا جي مسلسل غفلت سبب عوام ۾ بيچيني وڌي رهي آهي۔ قاري حمدالله حقاني چيو ته جيڪڏهن عوامي مسئلا جلد حل نه ڪيا ويا ته احتجاجي تحريڪ جو دائرو وڌيڪ وسيع ڪيو ويندو۔ اڳواڻن سنڌ حڪومت ۽ ضلعي انتظاميا کان مطالبو ڪيو ته گڏاپ ٽائون جي عوام کي فوري طور بنيادي سهولتون فراهم ڪيون وڃن ۽ ترقياتي منصوبن تي عملدرآمد شروع ڪيو وڃي۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
04th Feb 2026
•
تازہ ترین
چوٹیاریوں واقعہ: ملزم نے جنسی زیادتی کی اور چہرے پر بلیڈ سے زخم لگائے۔متاثرہ لڑکی کا دفعہ 164 کے تحت بیان
04th Feb 2026
•
پاکستان
جموں و کشمیر یونائیٹڈ فورم کی نئی کابینہ کا اعلان، شفیق بٹ چیئرمین، کاشف اقبال سیکرٹری جنرل مقرر
04th Feb 2026
•
پاکستان
اسلام آباد: گوجر خان شہر کے خوش اسلوب اور تازہ کار غزل گو شاعر عاصم ندیم کا مجموعہ غزلیات'' نم یاب '' شائع ہوگیا
03rd Feb 2026
•
Jobs
هيومن رائيٽس ڊپارٽمينٽ ۾ نوڪريون
04th Feb 2026
•
تازہ ترین
چوٹیاریوں واقعہ: ملزم نے جنسی زیادتی کی اور چہرے پر بلیڈ سے زخم لگائے۔متاثرہ لڑکی کا دفعہ 164 کے تحت بیان
04th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
چوٽياريون واقعو، ناري عدالت ۾ پيش، جوابدار تي جنسي زيادتي ۽ بدترين تشدد ڪرڻ بابت بيان رڪارڊ
04th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
اڏيرو لال اسٽيشن ۾ 5ٻارڙن جي ماءُ مڙس هٿان گوليون هڻي قتل
04th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
ميمڻ ڳوٺ: نجي اسپتال ۾ ويم دوران عورت ۽ تازو ڄاول ٻار فوت
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ملير
جمعيت علماءَ اسلام گڏاپ ٽائون
0 تبصرے