English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
شايد سنڌ سميت ٻين صوبن کي ورهائڻ جي سازش ٿي رهي آهي: غلام مرتضيٰ جتوئي
273 views
|
04th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
اين ايف سي ايوارڊ، معدنيات ۽ ٻين اهم معاملن کي وفاق حوالي ڪرڻ جون ڳالهيون پڻ سامهون اچي رهيون آهن
نوشهروفيروز (ڊ ر)بلاول زرداري قتل ڪيس ۽ محبت ديرو ٿاڻي ۾ داخل ڪيسن جي ٻڌڻي عدالت پاران 19 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي ۔ ٻڌڻي کانپوءِ عدالت ٻاهران اڳوڻي وفاقي وزير ۽ جي ڊي اڳواڻ غلام مرتضیٰ جتوئي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اڃان تائين واضع ناهي ته 27 هين آئيني ترميم ۾ آخر ڇا آڻين پيا سندس چوڻ هو ته خدشا موجود آهن ته شايد سنڌ سميت ٻين صوبن کي ورهائڻ جي سازش ٿي رهي آهي مرتضیٰ جتوئي وڌيڪ چيو ته اين ايف سي ايوارڊ، معدنيات ۽ ٻين اهم معاملن کي وفاق حوالي ڪرڻ جون ڳالهيون پڻ سامهون اچي رهيون آهن، جيڪي سنڌ جي حقن خلاف آهن هن چيو ته سنڌ ۾ ترقياتي ڪمن لاءِ ايندڙ پنجاهه سيڪڙو پئسا کائي ڇڏين ٿا، جنهن ڪري اهڙي سوچ پيدا ٿي آهي. 27ترميم وارو بل پيپلز پارٽي لاءِ وڏو امتحان آهي ته اڳتي هو ڇا رستو اختيار ڪن ٿا غلام مرتضیٰ جتوئي چيو ته پنجاب ۾ به ڪرپشن آهي پر سنڌ ۾ اها حد کان وڌيڪ وڌي وئي آهي مسٽر زرداري ‘ٽن پرسنٽ جي نالي سان مشهور ٿيو هو، پر هاڻي حالتون ان کان به بدتر آهن هن چيو ته پنجاب ۽ سنڌ جي ترقياتي ڪمن ۾ وڏو فرق آهي جيڪو هر ڪنهن کي واضع نظر اچي ٿو. سندس تجويز هئي ته جيڪڏهن ڪرپشن ختم نٿي ٿي سگهي ته گهٽ ۾ گهٽ ڏهه سيڪڙو ليگل ڪئي وڃي جيئن ڪم ته بهتر ٿي سگهن هن وڌيڪ چيو ته پوليس هٿان نوجوانن جي کنڀجڻ جا واقعا وڌي ويا آهن جنهن ڪري سنڌ پوليس اسٽيٽ بڻجي وئي آهي. اسان جا جتوئي ڇوڪرا به جڏهن نڪرن ٿا ته پوليس بنا سبب ٻين ڪيسن ۾ کڻي وڃي ٿي غلام مرتضیٰ جتوئي چيو ته سنڌ سان اهڙيون زيادتيون ٿي رهيون آهن جيڪي ترخانن ۽ ارغونن جي دور ۾ به نه ٿيون. اڄ به سنڌ جي وسيلن تي قبضا ڪيا پيا وڃن آخر ۾ هن طنزيه انداز ۾ چيو ته مون کي خبر ئي ناهي ته سنڌ جو گهرو وزير ڪير آهي؟ ڇا توهان اهڙي شخص کان رواداري جي اميد رکو ٿا جنهن کي رواداري جي اي بي سي تائين جي به خبر ناهي
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
21st Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
تعلیم میں ٹیکنالوجی کا کردار
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران نے مذاکرات میں شرکت سے انکار کر دیا
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکی دھمکیوں کو کوئی اہمیت نہیں دیتے، بہتر ہے ٹرمپ سوچ سمجھ کر بات کریں: باقر قالیباف
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
مذاکرات کے پہلے دور میں ایرانی وفد کا ٹرمپ کی دھمکیوں پر امریکی وفد کے سامنے احتجاج
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ۾ عوامي شڪايتن تي اي سيز پاران پئٽرول پمپس جا دورا
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ ڪسٽم جي گڏيل ڪارروائي دوران سگريٽ هٿ
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ مزدور تحريڪ پاران پورهيت مير مرتضيٰ شيخ جي برطرفي خلاف تحريڪ جو اعلان
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ جو وڏو وزير عوام دوست بجيٽ پيش ڪرڻ تي خراج تحسين جو مستحق آهي: شرف النساء شبنم
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
غلام مرتضيٰ جتوئي
شايد سنڌ سميت ٻين صوبن
0 تبصرے