English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڏوڪري ۾ ايف آءِ اي جي ڇاپن بعد بي آءِ ايس پي سينٽر ٻن ڏينهن کان بند پيل
55 views
|
04th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
وظيفو وٺڻ لاءِ آيل مستحق عورتون ٻن ڏينهن کان سخت پريشاني جو شڪار بڻيل
ڏوڪري (اطهر ميمڻ) ڏوڪري سميت سڄي تعلقي ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام (BISP) جا سمورا سينٽر ۽ دڪان ايف آءِ اي جي ڇاپن کانپوءِ بند ٿي ويا، جنهن سبب وظيفو وٺڻ لاءِ آيل مستحق عورتون 2 ٻن ڏينهن کان سخت پريشاني جو شڪار بڻجي ويون آهن.ايف آءِ اي جي ضلعي ۾ ڇاپن دوران ڪيترن ئي غير قانوني ڪٽوتين ڪندڙ فرنچائزز ۽ دڪاندارن خلاف ڪارروائي جي خوف کان ڊڄي ڪيترن ئي مرڪزن پنهنجو ڪم بند ڪري پنهنجا موبائل فون پڻ بند ڪري ڇڏيا آهن.وظيفو وٺڻ لاءِ 2 ڏينهن کان مسلسل صبح سوير آيل سوين عورتون مرڪزن جي ٻاهران انتظار ۾ بيهي رهن ٿيون جتي نه پاڻيءَ جي سهولت آهي، نه ڇانوَ، ۽ نه ئي ڪو انتظام. عورتن شڪايت ڪندي چيو ته هتي اسان سان ناانصافي ٿي رهي آهي، وظيفو ته پري جي ڳالھ پر هاڻ مرڪز ئي بند پيا آهن. ايف آءِ اي پنهنجي ڪاروائي جاري رکي پر حڪومت کي گهرجي ته متبادل ۽ منصفاڻي نظام تحت عورتن کي سندن رقم پهچائي وڃي ته جيئن غريب طبقي جي عورتن کي تڪليف نه ٿئي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
14th Dec 2025
•
دلچسپ اور عجیب
30 سال بعد مریض کے معدے سے لائٹر برآمد، ڈاکٹر بھی دنگ رہ گئے
14th Dec 2025
•
سندھ
شکارپور میں صوبائی اسمبلی کی نشست پر ضمنی الیکشن آج، کنٹرول رومز فعال
14th Dec 2025
•
پاکستان
فیلڈ مارشل کو بلاول کا اجرک و ٹوپی کا تحفہ، اسلام آباد کی سیاست میں نئی سرگوشیاں
12th Dec 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
شڪارپور ماضيءَ جو پئرس، بدانتظامي، بدعنواني ۽ بيحسي جو زندھ مثال!
14th Dec 2025
•
دلچسپ اور عجیب
30 سال بعد مریض کے معدے سے لائٹر برآمد، ڈاکٹر بھی دنگ رہ گئے
14th Dec 2025
•
سندھ
شکارپور میں صوبائی اسمبلی کی نشست پر ضمنی الیکشن آج، کنٹرول رومز فعال
14th Dec 2025
•
پاکستان
فیلڈ مارشل کو بلاول کا اجرک و ٹوپی کا تحفہ، اسلام آباد کی سیاست میں نئی سرگوشیاں
12th Dec 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
شڪارپور ماضيءَ جو پئرس، بدانتظامي، بدعنواني ۽ بيحسي جو زندھ مثال!
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ڏوڪري
BISP
FIA
0 تبصرے