English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
اسٽيل مل بند هجڻ باوجود اثاثن جي نيلامي جو سلسلو جاري, ٽرانسفارمر، ٿنڀا ۽ بجليءَ جو ٻيو سامان وڪرو ٿيڻ جو انڪشاف
238 views
|
30th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ٽرانسفارمر، تارون، پول ۽ ٻيو قيمتي سامان وڪرو ڪيو ويو آهي: ذريعا
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو)پاڪستان اسٽيل مل بند هجڻ باوجود ان جي قيمتي اثاثن جي نيلامي ۽ وڪري جو سلسلو جاري هجڻ جو انڪشاف سامهون آيو آهي. اسٽيل ٽائون واري علائقي ۾ بجليءَ سان لاڳاپيل ڪروڙين رپين جو سامان وڪرو ٿيڻ بعد پوليس به واقعي واري هنڌ پهچي وئي.ذريعن موجب اسٽيل مل جي ملڪيت ۾ شامل بجليءَ جا ٽرانسفارمر، تارون، پول ۽ ٻيو قيمتي سامان وڪرو ڪيو ويو آهي ذريعن موجب هي سامان گلشن حديد واري علائقي مان لاٿل آهي، جنهن کي ٽينڊر ذريعي وڪرو ڪيو ويو آهي.اسٽيل مل انتظاميا جو چوڻ آهي ته بجليءَ جو سامان باقاعده ٽينڊر ذريعي وڪرو ڪيو ويو آهي ۽ سامان جي حوالي ڪرڻ جو عمل اسٽيل مل آفيسرن جي موجودگي ۾ مڪمل ڪيو پيو وڃي. انتظاميا موجب وڪري جو سمورو عمل قانوني طريقي سان ڪيو ويو آهي.ٻئي پاسي پورهيت يونين اڳواڻ ڌڻي بخش سمون اسٽيل مل جي اثاثن جي وڪري تي سخت احتجاج ڪندي چيو آهي ته اسٽيل مل بند هجڻ باوجود اثاثن کي وڪرو ڪرڻ وڏي ناانصافي آهي. هن چيو ته هڪ پاسي اسٽيل مل مان ڪروڙين رپين جو سامان چوري ٿي رهيو آهي ۽ ٻئي پاسي لڪ ڇپ ۾ اثاثا وڪرو ڪيا پيا وڃن، جيڪو ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي.واقعي بابت پوليس جو چوڻ آهي ته اسٽيل مل انتظاميا کان تفصيل طلب ڪيا ويا آهن. پوليس موجب جيڪڏهن سامان قانوني طريقي سان ٽينڊر ذريعي وڪرو ڪيو ويو آهي ته ان عمل جي به مڪمل جاچ ڪئي پئي وڃي ته جيئن ڪنهن به قسم جي بي ضابطگي کي ظاهر ڪري سگهجي.واقعي بعد پورهيتن ۽ شهري حلقن ۾ بيچيني وڌي وئي آهي، جڏهن ته اسٽيل مل جي اثاثن جي تحفظ ۽ شفافيت بابت سوال اٿاريا پيا وڃن.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
21st Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
تعلیم میں ٹیکنالوجی کا کردار
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران نے مذاکرات میں شرکت سے انکار کر دیا
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکی دھمکیوں کو کوئی اہمیت نہیں دیتے، بہتر ہے ٹرمپ سوچ سمجھ کر بات کریں: باقر قالیباف
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
مذاکرات کے پہلے دور میں ایرانی وفد کا ٹرمپ کی دھمکیوں پر امریکی وفد کے سامنے احتجاج
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ۾ عوامي شڪايتن تي اي سيز پاران پئٽرول پمپس جا دورا
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ ڪسٽم جي گڏيل ڪارروائي دوران سگريٽ هٿ
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ مزدور تحريڪ پاران پورهيت مير مرتضيٰ شيخ جي برطرفي خلاف تحريڪ جو اعلان
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ جو وڏو وزير عوام دوست بجيٽ پيش ڪرڻ تي خراج تحسين جو مستحق آهي: شرف النساء شبنم
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
اسٽيل مل بند هجڻ باوجود اثاثن
0 تبصرے