English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير م سنڌي ادبي سنگت پاران قومي ۽ رومانوي شاعر سيد غفور شاھ تقوي جي جنم ڏينھن تي ادبي تقريب منعقد
86 views
|
04th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
سيد غفور شاھ تقوي سنڌي ادب جو هڪ معتبر ۽ منفرد نالو آهي: مقرر
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) سنڌي ادبي سنگت شاخ ملير طرفان قومي رومانوي شاعر سيد غفور شاھ تقوي جي جنم ڏينھن جي موقعي تي عوامي پريس ڪلب ملير ۾ هڪ شاندار ادبي تقريب ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ شاعرن، اديبن، صحافين ۽ ادب دوستن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي تقريب ۾ سنڌي ادبي سنگت ڪراچي جي رابطا سيڪريٽري راشد لکمير، سنڌي ادبي سنگت ملير جي سيڪريٽري اصغر مھرائي، گلشن حديد شاخ جي سيڪريٽري عرفان عباسي، اصغر باغي، وحيد محسن، امرتا ڏاھري، قمبر ٻٽ، سڪندر سرواڻ، مجيب سنڌي، عبدالغفار عبد، عبدالمجيد عاصم، نبيل رند، جي ايم ٿھيم، نواز ڪلمتي، حنيف گلڙي، عبدالخالق ڀٽي امداد لاشاري، قادر سمون، محمد ٻارڻ، امتياز دانش، اقبال شاھين، ڊاڪٽر فيض جوڻيجو شيراز سولنگي عوامي پريس ڪلب ملير جي صدر جمشيد زهراڻي، جنرل سيڪريٽري سيد عنايت علي شاھ سميت ٻين نامور شخصيتن شرڪت ڪئي مقررن مقالا پيش ڪندي چيو ته سيد غفور شاھ تقوي سنڌي ادب جو هڪ معتبر ۽ منفرد نالو آهي. سندس شاعري ۾ فڪر جي گهرائي، فني پختگي ۽ لهجي جي سچائي سان گڏ شاهه لطيف جي شاعري جو گهرو اثر نمايان نظر اچي ٿو. سندن تخليقن ۾ ڌرتيءَ سان محبت، قوم سان وفاداري، ٻوليءَ جو مان، وسيلن جي وارثي، ننگن دنگن جي حفاظت، پورهيت جي پگهر جي اهميت ۽ محبوب جي نازڪ احساسن جو ڀرپور اظهار ملي ٿو. مقررین جو چوڻ هو ته غفور شاھ تقوي قومي رومانوي جذبن کي نهايت سادي پر سگهاري لهجي سان پيش ڪرڻ جو فن ڄاڻي ٿو، جڏهن ته عاجزي، انڪساري ۽ سادگي سندس شخصيت جا نمايان پهلو آهن تقريب کي خطاب ڪندي سيد غفور شاھ تقوي چيو ته هو سنڌي ادبي سنگت ملير جي سٿ ۽ انهن دوستن جو ٿورائتو آهي جن مٿس مقالا لکي اخبارن ۾ ڇپرايا ۽ سندس حوصلا افزائي ڪئي. هن چيو ته هو پورهيت گهراڻي سان تعلق رکي ٿو، فطرت جي رنگن کي ويجهڙائي سان ڏٺو آهي، وڻجارو ٿي زندگي جا ڪيترائي سال سمنڊ سيو آهي، وڏن سان گڏ کيٽ کيڙيا ۽ مال ميڙيا آهن. اسٽيل مل ۾ پورهيت طور خدمتون سرانجام ڏيندي پورهيتن جي ڏکن ۽ تڪليفن جو ويجهو مشاهدو ڪيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته لطيف سائين جي شاعري جا جيڪي ڪردار آهن، انهن کي هن اکين سان ڏٺو ۽ محسوس ڪيو آهي، ۽ انهن سڀني مشاهدن کي سهيڙي جيڪو ادبي پورهيت ڪيو اٿم، اهو اوهان جي سامهون آهي. آخر ۾ هن عزم ظاهر ڪيو ته جيسين تائين ساھ آهي، تيستائين منهنجو قلم خاموش نه ٿيندو تقريب ۾ سيد غفور شاھ کي اجرڪن گلن جا تحفا پيش ڪيا ويا تقريب ۾ قومي راڳي عبدالخالق ڀٽي گيت پيش ڪري محفل کي چار چند لڳائي ڇڏيا
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
04th Feb 2026
•
تازہ ترین
چوٹیاریوں واقعہ: ملزم نے جنسی زیادتی کی اور چہرے پر بلیڈ سے زخم لگائے۔متاثرہ لڑکی کا دفعہ 164 کے تحت بیان
04th Feb 2026
•
پاکستان
جموں و کشمیر یونائیٹڈ فورم کی نئی کابینہ کا اعلان، شفیق بٹ چیئرمین، کاشف اقبال سیکرٹری جنرل مقرر
04th Feb 2026
•
پاکستان
اسلام آباد: گوجر خان شہر کے خوش اسلوب اور تازہ کار غزل گو شاعر عاصم ندیم کا مجموعہ غزلیات'' نم یاب '' شائع ہوگیا
03rd Feb 2026
•
Jobs
هيومن رائيٽس ڊپارٽمينٽ ۾ نوڪريون
04th Feb 2026
•
تازہ ترین
چوٹیاریوں واقعہ: ملزم نے جنسی زیادتی کی اور چہرے پر بلیڈ سے زخم لگائے۔متاثرہ لڑکی کا دفعہ 164 کے تحت بیان
04th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
چوٽياريون واقعو، ناري عدالت ۾ پيش، جوابدار تي جنسي زيادتي ۽ بدترين تشدد ڪرڻ بابت بيان رڪارڊ
04th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
اڏيرو لال اسٽيشن ۾ 5ٻارڙن جي ماءُ مڙس هٿان گوليون هڻي قتل
04th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
ميمڻ ڳوٺ: نجي اسپتال ۾ ويم دوران عورت ۽ تازو ڄاول ٻار فوت
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
قومي ۽ رومانوي شاعر سيد غفور شاھ تقوي
ملير م سنڌي ادبي سنگت
0 تبصرے