English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
عمرڪوٽ ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي پاران شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي سالگرهه جي تقريب منعقد
63 views
|
06th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
پيپلز سيڪريٽريٽ برهان الدين ڪنڀر هائوس وهرو شريف ۾ تقريب دوران سالگرهه جو ڪيڪ ڪاٽيو ويو
عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) پاڪستان پيپلز پارٽي جي باني، قائدِ عوام، فخرِ ايشيا شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 98هين سالگرهه جي موقعي تي پاڪستان پيپلز پارٽي ضلعي عمرڪوٽ جي اهتمام هيٺ هڪ باوقار ۽ شاندار تقريب منعقد ڪئي وئي، هي تقريب پيپلز سيڪريٽريٽ برهان الدين ڪنڀر هائوس، وهرو شريف عمرڪوٽ ۾ ٿي، جتي سالگرهه جو ڪيڪ ڪاٽيو ويو، تقريب کي خطاب ڪندي پيپلز پارٽي جي اڳواڻن قائدِ عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي ڀرپور خراجِ عقيدت پيش ڪيو ۽ سندن عظيم سياسي خدمتن، عوامي جدوجهد ۽ وطنِ عزيز پاڪستان کي مضبوط بنيادن تي بيهارڻ ۾ ادا ڪيل تاريخي ڪردار تي روشني وڌي، مقررين چيو ته شهيد ڀٽو اڄ به مظلوم عوام جي دلين ۾ زندهه آهي ۽ سندس فلسفو جمهوريت، عوامي حقن ۽ خودمختيار پاڪستان جي ضمانت آهي، ان موقعي تي تقريب ۾ سينيئر نائب صدر ضلعي عمرڪوٽ برهان الدين ڪنڀر، جنرل سيڪريٽري صوفي نواز سومرو، چيئرمين ضلعي ڪائونسل حاجي محمد بقا پلي، وائس چيئرمين ميان خالد ولھاري، چيئرمين ميونسپل ڪاميٽي حاجي سيف الله، خالد سراج سومرو، انفارميشن سيڪريٽري گھنشام بجير، ڊپٽي انفارميشن سيڪريٽري ڪامريڊ نندلال ميگهواڙ. سميت پارٽي جي مرڪزي، ضلعي، تعلقہ ۽ سٽي عهديدارن شرڪت ڪئي، تقريب ۾ تعلقه ڪنري جي صدر شاهنواز جوڻيجو، تعلقه عمرڪوٽ جي صدر امين پلي، تعلقه پٿورو جي صدر ميان نور محمد ولھاري، سٽي عمرڪوٽ جي صدر عبدالله کوسو، مختلف تعلقن جا جنرل سيڪريٽريز، انفارميشن سيڪريٽريز، ضلعي عهديدار، چيئرمين ٽائون پٿورو آصف ڇورو، وائس چيئرمين ٽائون سامارو نول راءِ،منٺارآريسر، ڪانجي ميگھواڙ، نورجھان ڳيلهڙو، بنسي مالھي، ڏاتر سينهڙو،چتن ڪولهي ،ٽيڪم مالهي يوٿ ونگ، ليڊيز ونگ، اقليتي ونگ ۽ سڀني ذيلي تنظيمن جا عهديدار پڻ موجود هئا، ان کان علاوه بلدياتي ڪائونسل جا معزز ميمبر، پارٽي جا ڪارڪن، ووٽر، سپورٽر ۽ جيالن جي وڏي انگ شرڪت ڪري قائدِ عوام سان پنهنجي عقيدت ۽ وابستگي جو اظهار ڪيو، آخر ۾ پارٽي اڳواڻن ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي مشن کي اڳتي وڌائيندي عوامي حقن، جمهوريت ۽ پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ جدوجهد جاري رکي ويندي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
04th Feb 2026
•
تازہ ترین
چوٹیاریوں واقعہ: ملزم نے جنسی زیادتی کی اور چہرے پر بلیڈ سے زخم لگائے۔متاثرہ لڑکی کا دفعہ 164 کے تحت بیان
04th Feb 2026
•
پاکستان
جموں و کشمیر یونائیٹڈ فورم کی نئی کابینہ کا اعلان، شفیق بٹ چیئرمین، کاشف اقبال سیکرٹری جنرل مقرر
04th Feb 2026
•
پاکستان
اسلام آباد: گوجر خان شہر کے خوش اسلوب اور تازہ کار غزل گو شاعر عاصم ندیم کا مجموعہ غزلیات'' نم یاب '' شائع ہوگیا
03rd Feb 2026
•
Jobs
هيومن رائيٽس ڊپارٽمينٽ ۾ نوڪريون
04th Feb 2026
•
تازہ ترین
چوٹیاریوں واقعہ: ملزم نے جنسی زیادتی کی اور چہرے پر بلیڈ سے زخم لگائے۔متاثرہ لڑکی کا دفعہ 164 کے تحت بیان
04th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
چوٽياريون واقعو، ناري عدالت ۾ پيش، جوابدار تي جنسي زيادتي ۽ بدترين تشدد ڪرڻ بابت بيان رڪارڊ
04th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
اڏيرو لال اسٽيشن ۾ 5ٻارڙن جي ماءُ مڙس هٿان گوليون هڻي قتل
04th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
ميمڻ ڳوٺ: نجي اسپتال ۾ ويم دوران عورت ۽ تازو ڄاول ٻار فوت
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
عمرڪوٽ ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي
0 تبصرے