English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ايس ايس پي ٺٽو جي صدارت هيٺ ايس ايس پي آفيس ۾ اجلاس
148 views
|
12th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
پوليس جي ڪارڪردگي ۽ ڪاررواين جو تفصيلي جائزو ورتو ويو
ٺٽو (ڊ ر) ايس ايس پي ٺٽو فاروق احمد بجاراڻي جي صدارت هيٺ ايس ايس پي آفيس ٺٽو ۾ ضلعي جي سمورن پوليس آفيسرن سان هڪ اهم ميٽنگ منعقد ڪئي وئي.ميٽنگ ۾ ضلعي جي سمورن ايس ڊي پي اوز، ايس ايچ اوز، انچارج سي آءِ اي ٺٽو، پوليس پوسٽن جا انچارج، 15 مددگار بيس ٺٽو جا انچارج ۽ مختلف برانچز جا سربراهه شريڪ ٿيا.ميٽنگ دوران ضلعي ۾ مجموعي امن امان جي صورتحال، رپورٽڊ ۽ اڻ رپورٽڊ ٿيل ڏوهن، پوليس جي مجموعي ڪارڪردگي ۽ جاري ڪاررواين جو تفصيلي جائزو ورتو ويو.ايس ايس پي ٺٽو، آفيسرن کي هدايتون جاري ڪيون ته ضلعي ۾ ڏوهن تي ڪنٽرول کي وڌيڪ مؤثر بڻايو وڃي، جڏهن ته لسٽڊ عادي، اشتهاري ۽ انعام يافته جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪاررواين ۾ تيزي آندي وڃي.هن هدايت ڪئي ته سنگين نوعيت جي ڪيسن ۾ ملوث اشتهاري، روپوش ۽ گهربل جوابدارن خلاف بنا دير سخت ۽ نتيجه خيز ڪارروايون ڪيون وڃن ته جيئن قانون جي بالادستي کي يقيني بڻائي سگهجي، ان سان گڏ سڀني گرفتار جوابدارن جو CRO وقت سر مڪمل ڪيو وڃي.ايس ايس پي ٺٽو آفيسرن کي هدايت ڪئي ته ڏوهاري عنصرن خلاف روزاني بنيادن تي سرچنگ ۽ ڪومبنگ آپريشنز کي يقيني بڻايو وڃي.وڌيڪ ٻڌايو ويو ته اسپيشل برانچ پاران تيار ڪيل منشيات فروشَن جي ڪيٽيگري وائز فهرستن (A+, A, B, C) جي روشني ۾ ضلعي اندر منشيات خلاف ڪارروايون وڌيڪ تيز ڪيون وڃن، خاص طور تي تعليمي ادارن ۽ انهن جي ڀرپاسي منشيات وڪرو ڪندڙن خلاف بنا امتياز سخت ڪارروائي تي زور ڏنو وڃي.ايس ايس پي ٺٽو پوليس پيٽرولنگ ۽ پڪٽنگ جي نظام کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ ۽ ڊيوٽي دوران سموري عملي کي هاءِ الرٽ رهڻ جون به هدايتون جاري ڪيون.هن وڌيڪ چيو ته سمورن ٿاڻن ۽ پوليس آفيسن ۾ صفائي، نظم و ضبط ۽ ڊسيپلن کي بهتر بڻايو وڃي، جڏهن ته ٿاڻن ۾ ايندڙ شڪايت ڪندڙن سان خوش اخلاقي سان پيش اچي سندن مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪيا وڃن.آخر ۾ ايس ايس پي ٺٽو واضح ڪيو ته بهتر ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ آفيسرن ۽ اهلڪارن کي تعريفي سرٽيفڪيٽ ۽ نقد انعام ڏنا ويندا، جڏهن ته غفلت يا ناقص ڪارڪردگي ڪندڙ عملي خلاف سخت محڪماڻي ڪارروائي ڪئي ويندي
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
05th May 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
وري ھڪ ٻي سنڌ ڄائي کي هميشه لاءِ موت جي ننڍ سمھاريو ويو؟
05th May 2026
•
شوبز
سپنا غزل کے فن کا ڈنکا ایک بار پھر بج گیا لگاتار دو ایوارڈز حاصل کیے
05th May 2026
•
سندھ
فوٹو جرنلسٹس محمد ناصر ٹریفک حادثے میں جاں بحق بخاری گروپ آف کمپنیز. کی جانب سے تعزیت کا اظہار
05th May 2026
•
سندھ
نیشنل انسٹیٹیوٹ آف پبلک ایڈمنسٹریشن (نپا) کراچی میں بنگلہ دیش سے آئے ہوئے سینئر سول سروس افسران کے وفد کے دورے کا دوسرا روز
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
پ پ ۾ شامل ٿيڻ جو فيصلو ناهي ڪيو، بلاول ڀٽو زرداري ۽ آصف زرداري سان ملاقاتون نج خانداني معاملن تي ٿيون هيون: اڳوڻو ايم پي اي امير بخش ڀٽو
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول ۾ سجاول ۾ آگاهي سيمينار ۽ ميڊيڪل اسڪريننگ ڪيمپ لڳائي وئي
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
گلشن حديد فيز ون ۾ هٿياربندن جي سونارڪي دڪان تان ڦر، دڪان مالڪ زخمي
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: رينجرز جي ڪارروائي، لالو گروھ جا 2 جوابدار گرفتار
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ايس ايس پي ٺٽو جي
0 تبصرے