English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
شڪارپور پريس ڪلب جي چونڊيل صدر عبدالسلام انڙ ۽ ٻين عهديدارن حلف کڻي ورتو
113 views
|
15th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
ڊپٽي ڪمشنر شڪيل احمد ابڙو نون چونڊيل عهديدارن کي حلف کڻايو، تقريب ۾ وڏي انگ ۾ ماڻهو شريڪ
شڪارپور (احسان ابڙو) شڪارپور پريس ڪلب سال 2026ع جي چونڊيل عھديدارن جي حلف وفاداري تقريب ، چونڊيل عهديدارن حلف کڻي ورتو. تفصيل موجب شڪارپور پريس ڪلب جي سال 2026ع لاءِ چونڊيل عهديدارن جي حلف وفاداري تقريب شاندار نموني سان شڪارپور پريس ڪلب ۾ منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ صحافين، شهر جي معزز شخصيتن ۽ مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي, تقريب ۾ ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور شڪيل احمد ابڙو شڪارپور پريس ڪلب جي نون چونڊيل عهديدارن شڪارپور پريس ڪلب جي چونڊيل عهديدارن صدر عبدالسلام انڙ، نائب صدر جاويد راهوجو، جنرل سيڪريٽري وحيد بروهي، جوائنٽ سيڪريٽري محمد ابراهيم بروهي، خزانچي وسيم اختر سنجراڻي، جڏهن ته ايگزيڪيٽو ڪاميٽي جي ميمبرن آغا اسرار پٺاڻ، ديدار علي سومرو، جبران مرتضيٰ ابڙو ۽ عارف قريشي پنهنجي عهدن جو حلف کڻايو, ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر شڪيل احمد ابڙو، ڊائريڪٽر انفارميشن لاڙڪاڻو ڊويزن ارشاد علي چانڊيو نون چونڊيل عهديدارن کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته صحافت سماج جو اهم ستون آهي, جيڪو حق ۽ سچ جي آواز کي عام ڪرڻ ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪري ٿو. هن اميد ظاهر ڪئي ته شڪارپور پريس ڪلب جا عهديدار صحافتي قدرن، قانون جي پاسداري ۽ عوامي مسئلن جي نشاندهي لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪندا, تقريب کي ايس ايس پي شاھزيب چاچڙ پريس ڪلب جي چونڊيل عھديدارن کي ڊسٽرڪٽ شڪارپور پوليس جي طرفان مبارڪباد پيش ڪئي ۽ تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته صحافين جو معاشري ۾ اھم ڪردار آھي اھڙا مسئلا آھن جن تي نظرثاني جي ضرورت آھي انھن تي ھميشه شڪارپور پريس ڪلب تمام بھترين ڪرادر ادا ڪيو آھي ان تقريب ۾ ڳالهائيندي شڪارپور پريس ڪلب جي صدر عبدالسلام انڙ چيو ته صحافين جي ڀلائي، اظهارِ راءِ جي آزادي ۽ شڪارپور پريس ڪلب کي وڌيڪ فعال بڻائڻ لاءِ گڏيل ڪوششون ڪيون وينديون, آخر ۾ مهمانن ۽ صحافين نون چونڊيل عهديدارن لاءِ نيڪ تمنائن جو اظهار ڪندي اميد ظاهر ڪئي ته شڪارپور پريس ڪلب صحافتي معيار کي وڌيڪ بلند ڪرڻ ۽ شهر جي مسئلن کي اجاگر ڪرڻ ۾ پنھنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
05th May 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
وري ھڪ ٻي سنڌ ڄائي کي هميشه لاءِ موت جي ننڍ سمھاريو ويو؟
05th May 2026
•
شوبز
سپنا غزل کے فن کا ڈنکا ایک بار پھر بج گیا لگاتار دو ایوارڈز حاصل کیے
05th May 2026
•
سندھ
فوٹو جرنلسٹس محمد ناصر ٹریفک حادثے میں جاں بحق بخاری گروپ آف کمپنیز. کی جانب سے تعزیت کا اظہار
05th May 2026
•
سندھ
نیشنل انسٹیٹیوٹ آف پبلک ایڈمنسٹریشن (نپا) کراچی میں بنگلہ دیش سے آئے ہوئے سینئر سول سروس افسران کے وفد کے دورے کا دوسرا روز
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
پ پ ۾ شامل ٿيڻ جو فيصلو ناهي ڪيو، بلاول ڀٽو زرداري ۽ آصف زرداري سان ملاقاتون نج خانداني معاملن تي ٿيون هيون: اڳوڻو ايم پي اي امير بخش ڀٽو
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول ۾ سجاول ۾ آگاهي سيمينار ۽ ميڊيڪل اسڪريننگ ڪيمپ لڳائي وئي
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
گلشن حديد فيز ون ۾ هٿياربندن جي سونارڪي دڪان تان ڦر، دڪان مالڪ زخمي
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: رينجرز جي ڪارروائي، لالو گروھ جا 2 جوابدار گرفتار
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
شڪارپور پريس ڪلب جي چونڊيل
0 تبصرے