English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
عمرڪوٽ ۾ اي ڊي سي ون جاويد احمد ڏاهري جي صدارت هيٺ ڊسٽرڪٽ ايڊوائزري بورڊ جو اجلاس
79 views
|
15th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
ليبر قانونن تي عملدرآمد ۽ صنعتي امن امان جي قيام بابت غور ويچار
عمرڪوٽ (ڪانجي مل رکيسر) ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون عمرڪوٽ جاويد احمد ڏاھري جي صدارت هيٺ ڊسٽرڪٽ ايڊوائزري بورڊ جو هڪ اهم اجلاس ڊپٽي ڪمشنر آفيس عمرڪوٽ ۾ منعقد ٿيو. اجلاس ۾ ضلعي اندر مزدورن ۽ صنعتي ادارن سان لاڳاپيل معاملن، روزگار جي موقعن، محنت ڪشن جي فلاح و بهبود، ليبر قانونن تي عملدرآمد ۽ صنعتي امن امان جي قيام بابت تفصيلي غور و فڪر ڪيو ويو. ان موقعي تي اجلاس ۾ سپرنٽنڊنگ انجنيئر ورڪس اينڊ سروسز، چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر سنڌ اينگرو ڪول مائيننگ ڪمپني (ايس اي سي ايم سي)، پاڪستان ريلويز جا نمائندا، سيڪريٽري آر ٽي اي، ضلعي اطلاعات کاتو، ڊسٽرڪٽ آفيسر ليبر، سوشل ويلفيئر ڊپارٽمينٽ، اسٽيوا، ايمپلائيمينٽ ايڪسچينج ۽ ٻين لاڳاپيل کاتن جا آفيسر ۽ ميمبر شريڪ ٿيا. اجلاس کي خطاب ڪندي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون عمرڪوٽ جاويد احمد ڏاھري چيو ته ضلعي ۾ صنعتي سرگرمين جي فروغ سان گڏ مزدورن جي حقن جو تحفظ، محفوظ ڪم ڪندڙ ماحول فراهم ڪرڻ ۽ ليبر قانونن تي مڪمل عملدرآمد انتهائي ضروري آهي. هن لاڳاپيل کاتن کي هدايت ڪئي ته باهمي رابطي ۽ سهڪار سان مسئلن جو حل يقيني بڻايو وڃي ۽ ايڊوائزري بورڊ جي فيصلن تي وقت سر عملدرآمد ڪيو وڃي. اجلاس ۾ روزگار جا نوان موقعا پيدا ڪرڻ، فني تربيت جا پروگرام، ليبر ويلفيئر اسڪيمون، گهٽ ۾ گهٽ اجرت تي عملدرآمد ۽ صنعتي تڪرارن جي حل بابت مختلف تجويزن تي پڻ غور ڪيو ويو. ان موقعي تي شرڪت ڪندڙن پنهنجي پنهنجي کاتن جي ڪارڪردگي ۽ درپيش مسئلن بابت اجلاس کي آگاهه ڪيو. آخر ۾ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون عمرڪوٽ ان عزم جو اظهار ڪيو ته ضلعي انتظاميا مزدورن ۽ صنعتي ادارن جي وچ ۾ هم آهنگي کي هٿي ڏيندي ۽ ڊسٽرڪٽ ايڊوائزري بورڊ کي هڪ فعال پليٽ فارم بڻائي عوامي مفاد ۾ اثرائتا فيصلا ڪيا ويندا.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
04th Feb 2026
•
تازہ ترین
چوٹیاریوں واقعہ: ملزم نے جنسی زیادتی کی اور چہرے پر بلیڈ سے زخم لگائے۔متاثرہ لڑکی کا دفعہ 164 کے تحت بیان
04th Feb 2026
•
پاکستان
جموں و کشمیر یونائیٹڈ فورم کی نئی کابینہ کا اعلان، شفیق بٹ چیئرمین، کاشف اقبال سیکرٹری جنرل مقرر
04th Feb 2026
•
پاکستان
اسلام آباد: گوجر خان شہر کے خوش اسلوب اور تازہ کار غزل گو شاعر عاصم ندیم کا مجموعہ غزلیات'' نم یاب '' شائع ہوگیا
03rd Feb 2026
•
Jobs
هيومن رائيٽس ڊپارٽمينٽ ۾ نوڪريون
04th Feb 2026
•
تازہ ترین
چوٹیاریوں واقعہ: ملزم نے جنسی زیادتی کی اور چہرے پر بلیڈ سے زخم لگائے۔متاثرہ لڑکی کا دفعہ 164 کے تحت بیان
04th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
چوٽياريون واقعو، ناري عدالت ۾ پيش، جوابدار تي جنسي زيادتي ۽ بدترين تشدد ڪرڻ بابت بيان رڪارڊ
04th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
اڏيرو لال اسٽيشن ۾ 5ٻارڙن جي ماءُ مڙس هٿان گوليون هڻي قتل
04th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
ميمڻ ڳوٺ: نجي اسپتال ۾ ويم دوران عورت ۽ تازو ڄاول ٻار فوت
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
عمرڪوٽ ۾ اي ڊي سي ون جاويد احمد ڏاهري
0 تبصرے