English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
عمرڪوٽ جي فائونڊيشن اسسٽڊ ماڊرن سيڪنڊري اسڪول ۾ سائنسي نمائش
190 views
|
16th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) فائونڊيشن اسسٽڊ اسڪول ماڊرن سيڪنڊري اسڪول، مالهي ڪالوني ۾ اسٽيم (STEAM) سائنس، آرٽس ۽ ڪرافٽس نمائش انتهائي ڪاميابي سان منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ شاگردن جي سائنسي سوچ، تخليقي صلاحيتن ۽ عملي سکيا جو ڀرپور مظاهرو ڏسڻ ۾ آيو، هن نمائش جو بنيادي مقصد شاگردن ۾ سائنس، ٽيڪنالاجي، انجنيئرنگ، آرٽس ۽ ميٿس (STEAM) جي ذريعي تخليقي ۽ تحقيقي سوچ کي فروغ ڏيڻ، گڏوگڏ عملي تعليم سان شاگردن کي جوڙڻ هو، نمائش ۾ مختلف جماعتن جي شاگردن سائنس جا جديد ماڊلز، تعليمي منصوبا، معلوماتي چارٽس ۽ هٿ سان تيار ڪيل آرٽس ۽ ڪرافٽس جا حسين نمونا پيش ڪيا، شاگردن پنهنجي منصوبن بابت تفصيلي وضاحت وڏي اعتماد سان ڪئي، جنهن کي موجود مهمانن ۽ والدين بيحد ساراهيو، نمائش جو باضابطه افتتاح سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن (SEF) جي ڊسٽرڪٽ هيڊ ڀڳوان داس پرمار ڪيو، ھن نمائش دوران شاگردن جي ڪم جو تفصيلي جائزو ورتو ۽ شاگردن جي محنت، استادن جي لگن ۽ والدين جي سهڪار جي واکاڻ ڪئي، تقريب ۾ ڪيترن ئي معزز شخصيتن شرڪت ڪئي، جن ۾ راڻو مل مالھي (ADEO ايجوڪيشن عمرڪوٽ) ڊاڪٽر چيتن ڪمار وينڊاڻي (ميونسپل ڪائونسلر عمرڪوٽ)، خالد خاصخيلي (هيڊ ماسٽر، گورنمينٽ هاءِ اسڪول عمرڪوٽ II)، هيڊ ماسٽر گورنمينٽ گرلز هاءِ اسڪول دڙو ڪولهي، معروف سماجي ڪارڪن ۽ ليکڪ جلال ڪوري، سماجي ڪارڪن جناب ڀرت بنسي مالھي، ايڊووڪيٽ گل منير والھاري ۽ ڪميونٽي جا ٻيا معزز فرد شامل هئا، مهمانن پنهنجي خطاب ۾ چيو ته اهڙيون تعليمي سرگرميون ٻارن ۾ تحقيقي سوچ، خود اعتمادي، تخليقي صلاحيت ۽ عملي مهارتون پيدا ڪن ٿيون، هنن اسڪول انتظاميه کي صلاح ڏني ته مستقبل ۾ به اهڙيون هم نصابي ۽ تعليمي سرگرميون باقاعدگي سان منعقد ڪيون وڃن، آخر ۾ اسڪول انتظاميه نمائش جي ڪامياب انعقاد تي سڀني معزز مهمانن، والدين، استادن، شاگردن ۽ ڪميونٽي جي ماڻهن جو دل جي گهراين سان شڪريو ادا ڪيو، نمائش علم، تخليق ۽ حوصلي جو حسين مثال بڻجي سڀني لاءِ يادگار ثابت ٿي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
21st Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
تعلیم میں ٹیکنالوجی کا کردار
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران نے مذاکرات میں شرکت سے انکار کر دیا
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکی دھمکیوں کو کوئی اہمیت نہیں دیتے، بہتر ہے ٹرمپ سوچ سمجھ کر بات کریں: باقر قالیباف
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
مذاکرات کے پہلے دور میں ایرانی وفد کا ٹرمپ کی دھمکیوں پر امریکی وفد کے سامنے احتجاج
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ۾ عوامي شڪايتن تي اي سيز پاران پئٽرول پمپس جا دورا
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ ڪسٽم جي گڏيل ڪارروائي دوران سگريٽ هٿ
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ مزدور تحريڪ پاران پورهيت مير مرتضيٰ شيخ جي برطرفي خلاف تحريڪ جو اعلان
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ جو وڏو وزير عوام دوست بجيٽ پيش ڪرڻ تي خراج تحسين جو مستحق آهي: شرف النساء شبنم
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
عمرڪوٽ جي فائونڊيشن اسسٽڊ ماڊرن
0 تبصرے