English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير: ڀينس ڪالوني ۾ سالن گوليون هڻي ڀيڻيوي کي قتل ڪري ڇڏيو
177 views
|
08th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
سالن جي فائرنگ سبب 45 ورهين جو عبدالطيف ڪلمتي ولد پنهو ڪلمتي مارجي ويو
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ڀينس ڪالوني ۾ سالن هٿان ڀيڻايو عبدالطيف ڪلمتي قتل ملير ڀينس ڪالوني ۾ انتهائي افسوسناڪ واقعو پيش آيو، جتي سالن جي فائرنگ سبب 45 ورهين جو عبدالطيف ڪلمتي ولد پنهو ڪلمتي مارجي ويو۔ واقعو ڀينس ڪالوني روڊ نمبر 12 رحمانيه مسجد جي ويجهو مقتول جي گهر ۾ پيش آيو۔وارثن موجب، مقتول جا سالا ديدار ڦلپوٽو ۽ طارق ڦلپوٽو گذريل رات دير سان گھر ۾ زبردستي گهُڙي آيا ۽ بنا ڪنهن سبب جي انڌا ڌنڌ فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ عبدالطيف ڪلمتي کي ڪيتريون ئي گولين لڳيون ۽ هو موقعي تي ئي فوت ٿي ويو۔مقتول جي والد پنهو ڪلمتي ۽ وارثن جو چوڻ آهي ته انهن جي جوابدارن سان ڪا دشمني نه هئي پر سالن گهر ۾ گهُڙي ظلم جي انتها ڪندي نوجوان کي بي رحمي سان قتل ڪري ڇڏيو ، جيڪو بدترين دهشتگردي عمل آهي۔وارثن آءِ جي سنڌ، ايس ايس پي ملير ۽ ٻين اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته قاتلن کي فوري گرفتار ڪري متاثر خاندان کي انصاف فراهم ڪيو وڃي ٻي طرف مقتول عبدالطيف ڪلمتي جي نماز جنازه پيرانو گوٺ ڀينس ڪالوني ۾ ادا ڪئي وئي، جنهن کان پوءِ کيس مقامي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
21st Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
تعلیم میں ٹیکنالوجی کا کردار
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران نے مذاکرات میں شرکت سے انکار کر دیا
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکی دھمکیوں کو کوئی اہمیت نہیں دیتے، بہتر ہے ٹرمپ سوچ سمجھ کر بات کریں: باقر قالیباف
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
مذاکرات کے پہلے دور میں ایرانی وفد کا ٹرمپ کی دھمکیوں پر امریکی وفد کے سامنے احتجاج
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ۾ عوامي شڪايتن تي اي سيز پاران پئٽرول پمپس جا دورا
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ ڪسٽم جي گڏيل ڪارروائي دوران سگريٽ هٿ
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ مزدور تحريڪ پاران پورهيت مير مرتضيٰ شيخ جي برطرفي خلاف تحريڪ جو اعلان
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ جو وڏو وزير عوام دوست بجيٽ پيش ڪرڻ تي خراج تحسين جو مستحق آهي: شرف النساء شبنم
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
عبدالطيف ڪلمتي ولد پنهو ڪلمتي مارجي ويو
ملير: ڀينس ڪالوني ۾ سالن گوليون
0 تبصرے