ٺٽي ۾ ضلعي انتظاميه پاران ڪرپشن جي خاتمي جي عالمي ڏهاڙي تي آگاهي ريلي ڪڍي وئي

ريلي جي قيادت اي ڊي سي ون غلام دستگیر شيخ ۽ انچارج ڊپٽي ڊائريڪٽر اينٽي ڪرپشن احمد علي ميمڻ ڪئي

ٺٽي ۾ ضلعي انتظاميه پاران ڪرپشن جي خاتمي جي عالمي ڏهاڙي تي آگاهي ريلي ڪڍي وئي

ٺٽو( شفيق ڀٽي) ضلعي انتظاميه ٺٽو پاران اينٽي ڪرپشن جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي عوام ۾ شعور پيدا ڪرڻ لاءِ ريلي جو اھتمام - ڪرپشن جي خاتمي واري عالمي ڏينهن جي موقعي تي ضلعي انتظاميه ٺٽو پاران ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون غلام دستگیر شیخ ۽ انچارج ڊپٽي ڊائريڪٽر اينٽي ڪرپشن احمد علي ميمڻ جي قيادت ۾ عوام ۾ ڪرپشن بابت آگاهي ۽ شعور پيدا ڪرڻ لاءِ ڊپٽي ڪمشنر آفيس کان ڊي سي چوڪ مڪلي تائين هڪ شاندار ريلي ڪڍي وئي . ان موقعي تي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون غلام دستگیر شیخ ، انچارج ڊپٽي ڊائريڪٽر اينٽي ڪرپشن احمد علي ميمڻ ، اسسٽنٽ ڪمشنر ٺٽو شاڪر فھيم ، ايڊيشنل ڊائريڪٽر سوشل ويلفيئر خدا بخش بھراڻي ، ڊي اي او سيڪنڊري حضور بخش خاصخيلي ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته هن ڏينهن کي ملهائڻ جو مقصد بدعنواني ۽ ڪرپشن جي نقصانن بابت عوام ۾ آگاهي ۽ شعور پيدا ڪرڻ آهي، ڪرپشن هڪ ناسور وانگر آهي جنهن جون پاڙون پٽڻ لاءِ هر فرد کي پنھنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻو پوندو ته جئين ايندڙ نسلن کي ڪرپشن کان پاڪ معاشرو ملي سگهي. هنن چيو ته پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي جو راز به ڪرپشن کان پاڪ معاشري ۾ آهي، ڪرپشن هڪ سماجي ظلم آهي جنهن جي سزا دنيا ۽ آخرت ٻنهي ۾ آهي، ڪرپشن اسان جي ادارن ۽ مُلڪ جي ترقي ۾ سڀ کان وڏي رڪاوٽ آهي، جنهن جو خاتمو وقت جي اهم ضرورت آهي. ھنن چيو تہ ترقي يافتہ ملڪن جي ترقي جو راز پڻ ڪرپشن جو خاتمو آھي. ريلي ۾ روينيو، تعليم، انفارميشن،سوشل ويلفيئر ۽ ٻين مختلف کاتن جي عملدارن ۽ عملي، صحافين، اُستادن، شاگردن، مختلف سماجي تنظيمن جي نمائندن ۽ زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.