English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
مورو ۾ شعبان فين طرفان سي اي او محمد شاهه جي صدارت ۾ پر وقار تقريب منعقد, ڊيلرن، ڪاروباري شخصيتن ۽ صحافين جي شرڪت
201 views
|
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
مورو(جاني جماڻي) مورو جي تاريخ ۾ پھريون ڀيرو شعبان فين طرفان ھڪ پر وقار تقريب منعقد ڪئي وئي جنھن جي صدارت سي اي او محمد شاھد ڪئي جڏھن تہ شاھد مغل، عمر مغل، جويا برادريءَ جي معزز شخصيت مير مشتاق احمد جويو، سڪندر جويو، اعجاز جويو، رياض جويو ۽ ٻيا پڻ مھمان خاص ھئا. جڏھن ته ھن تقريب ۾ سنڌ جي مختلف ننڍن وڏن شهرن مان ڊيلرن معزز ڪاروباري شخصيتن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. شروعات قرآن پاڪ جي تلاوت سان ڪئي وئي جڏھن تہ ناليوارن نعت خوانن شاھنواز قادري ڀيئن، جاويد علي ڀيئن، خدا بخش ڪلھوڙو، سيد حاجن فقري حمد ثناء پيش ڪئي. تقريب ۾ اسٽيج سيڪريٽري جا فرائض نعيم احمد سومرو سرانجام ڏنا. ھن تقريب ۾ اعجاز جويو رياض جويو پاران سنڌ جي ثقافت کي برقرار رکندي ايندڙ سي اي او سميت مھمانن کي بوسڪي جا پٽڪا ٽوپيون اجرڪن لونگين جا تحفا پيش ڪيا ويا. انھي موقعي تي شعبان فين طرفان ڪڻن ذريعي پنکا ڏنا ويا جڏھن ته سمورن ڊيلرن دوڪاندارن ڪاروباري شخصيتن صحافين وحيد رزاق مستوئي، ظفرالحق پنهور، جاني جماڻي، رائو عزيز راجپوت، رائو تيمور راجپوت ۽ ٻين کي گفٽ پيڪ پڻ ڏنا ويا. ھن تقريب کي خطاب ڪندي چيو تہ اسان پاڪستان جي عوام لاءِ اھڙي شئي آڻڻ چاھيون ٿا جيڪا سندس لاءِ آساني ھجي جنھن تحت ھن موجود وقت جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي اليڪٽرانڪ شين ۾ اھڙو پنکو تيار ڪري مارڪيٽ ۾ آندو آھي تہ جيئن بجلي جي نه ھجڻ باوجود مسلسل لڳاتار ھلندو رھي ۽ ٻيون کوڙ ساريون اليڪٽرانڪ شيون پڻ تيار ڪيون ويون آھن جيڪي پريشاني ختم ڪرڻ ۾ اھم جاءِ والارين ٿيون. ھن چيو ته اڄوڪي تقريب ۾ اعجاز جويو، رياض جويو تاريخ رقم ڪئي آھي ۽ اميد ٿو ڪريان تہ پوري سنڌ ۾ اسان جون تيار ٿيل اليڪٽرانڪ سولر سسٽم تي شيون پسند اينديون ۽ اسان پنھنجي ڊيلرن دوڪاندارن ڪاروباري شخصيتن جي ھر صلاح مشوري ھيٺ بھتري آڻيندا رھنداسين جيڪو عوام لاءِ فائديمند ثابت ٿيندو. جڏھن تہ اعجاز جويو ۽ رياض جويو خطاب ڪندي چيو تہ اڄوڪي تقريب ۾ سي اي او سميت جنھن به شرڪت ڪئي آھي انھن سمورن جا شڪر آھيون اسان جو مقصد پنھنجي علائقي جي عوام کي ڪمپني جي ھر اھا سھولت فراھم ڪرڻ آھي جيڪا اھي ڏيڻ لاءِ ڪوشان آھن ھن جديد ٽيڪنالاجي دور ۾ شعبان فين ھڪ منفرد شيون تيار ڪري آنديون آھن جيڪي وقت جي حصاب سان تمام گهڻي اھميت واريون آھن ۽ سمورن کان مناسب ريٽ تي مھيا ڪيون وينديون. جڏھن ته ھن تقريب جي آخر ايندڙ سمورن مھمانن کي رات جي ڊنر پڻ ڪرائي وئي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
21st Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
تعلیم میں ٹیکنالوجی کا کردار
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران نے مذاکرات میں شرکت سے انکار کر دیا
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکی دھمکیوں کو کوئی اہمیت نہیں دیتے، بہتر ہے ٹرمپ سوچ سمجھ کر بات کریں: باقر قالیباف
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
مذاکرات کے پہلے دور میں ایرانی وفد کا ٹرمپ کی دھمکیوں پر امریکی وفد کے سامنے احتجاج
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ۾ عوامي شڪايتن تي اي سيز پاران پئٽرول پمپس جا دورا
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ ڪسٽم جي گڏيل ڪارروائي دوران سگريٽ هٿ
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ مزدور تحريڪ پاران پورهيت مير مرتضيٰ شيخ جي برطرفي خلاف تحريڪ جو اعلان
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ جو وڏو وزير عوام دوست بجيٽ پيش ڪرڻ تي خراج تحسين جو مستحق آهي: شرف النساء شبنم
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
مورو ۾ شعبان فين طرفان
0 تبصرے