English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
مڪلي واسڻ سماجي اڳواڻ ناري جو امڙ سميت احتجاج
87 views
|
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
گهر تي غفور پليجي ۽ ٻين جي ٿيل قبضي جو عدالت ۾ ڪيس هلندڙ آهي: ماروي زنئور
ٺٽو(رپورٽ شفيق ڀٽي)مڪلي واسڻ سماجي تنظيم ۾ ڪم ڪندڙ ماروي زئنور پنهنجي بيواهه امڙ مريم زئنور سان گڏ اڄ پنهنجي دوست محمد حمائتي ڳوٺ مڪلي واري رهائشگاهه تي پريس ڪانفرنس ڪندي پوليس ۽ جانچ آفيسر تي سخت الزام مڙهيا آهن.پريس ڪانفرنس دوران ماروي زئنور چيو ته سندن گهر، جيڪو ڪجھ وقت اڳ ارشاد پليجو، ذوالقرنين پليجو، آفتاب هاشماڻي، غفور پليجو سميت ٻين ماڻهن طرفان قبضي هيٺ آندو ويو هو، ان بابت ڪيس هن وقت عدالت ۾ زيرِ سماعت آهي، پر افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته ڪيس جو انويسٽيگيشن آفيسر جوابدار ڌر سان ملي ڀڳت ڪري رهيو آهي. هن الزام هنيو ته انويسٽيگيشن آفيسر هڪ طرفي ۽ بي بنياد جاچ ڪري سندن ڪيس کي سي ڪلاس ڪرائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، جنهن خلاف هنن عدالت سڳوري ۾ پڻ درخواست داخل ڪرائي آهي.هن وڌيڪ چيو ته پوليس شروعات کان وٺي ساڻن ڪوبه سٺي نموني سان سهڪار نه ڪيو. جڏهن قبضي وارو معاملو ميڊيا ذريعي وائکو ٿي سامهون آيو ته پوليس مجبور ٿي پئي هئي ته بااثر قبضي ڪندڙ ڌر خلاف ڪيس داخل ڪري ۽ قبضي کان گهر خالي ڪرائي، جيڪو پوليس ان وقت ڪيو، پر جوابدار ڌر طرفان کنيل سامان، جنهن جو ذڪر ايف آءِ آر ۾ پڻ موجود آهي، اهو اڃا تائين واپس نه ڪرايو ويو آهي. کنيل سامان ۾ پنج تولن جا سونا زيور، موبائيل فون، ٻه لک روپيا نقد، ليپ ٽاپ ۽ ٻيو قيمتي سامان شامل آهي. ماروي زئنور الزام هنيو ته پوليس هاڻي جوابدار ڌر جي پاسي ٿي بيٺي آهي، جنهن بعد جوابدار کين ڪيس تان هٿ کڻڻ، جان کان مارڻ ۽ ٻيهر گهر تي قبضي جون سرعام ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن. هن چيو ته هن سڄي معاملي ۾ هڪ درگاهه جو گادي نشين شامل آهي، جيڪو هر صورت ۾ سندن گهر تي قبضو ڪرڻ چاهي ٿو.هن وڌيڪ چيو ته جوابدار بااثر هجڻ ۽ هڪ گادي نشين جي سرپرستي حاصل هجڻ سبب ڊي سي سميت ڪنهن به وس وارن اختيارين وٽ سندن فرياد جو ڪو به اثر نٿو ٿئي. هن وڌيڪ الزام هڻندي چيو ته جوابدار پنهنجي اثر رسوخ استعمال ڪندي ڪوڙا ۽ هٿ ٺوڪيا ڪاغذ تيار ڪرايا آهن، جن تي سندس والد جون جعلي صحيون ڪيون ويون آهن، جيڪي هو ثابت ڪري سگهن ٿا. هن ٻڌايو ته هي پلاٽ 1991 کان سندن ملڪيت آهي ۽ 2008 کان هو اتي آباد آهن.پريس ڪانفرنس دوران ماروي زئنور ۽ سندس امڙ مريم زئنور صوبائي وزير حاجي علي حسن زرداري، رياض حسين شاهه شيرازي، صادق ميمڻ، گهرو وزير ضياءُ لنجار، ايس ايس پي ٺٽو سميت ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته جوابدار ڌر مان کين هاڻي جان جو خطرو آهي، هو ڪيس جي جانچ تي به اثرانداز ٿي رهيا آهن ۽ ڪنهن به وقت ٻيهر گهر تي قبضو ڪري سگهن ٿا. هنن چيو ته ايس ايڇ او سميت انويسٽيگيشن آفيسر جوابدارن جي پاسي ڌر ٿي بيٺل آهن، تنهن ڪري فوري طور ايماندار آفيسر مقرر ڪري کين انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ هو روڊن تي نڪري احتجاج ڪرڻ تي مجبور ٿي ويندا.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
04th Feb 2026
•
تازہ ترین
چوٹیاریوں واقعہ: ملزم نے جنسی زیادتی کی اور چہرے پر بلیڈ سے زخم لگائے۔متاثرہ لڑکی کا دفعہ 164 کے تحت بیان
04th Feb 2026
•
پاکستان
جموں و کشمیر یونائیٹڈ فورم کی نئی کابینہ کا اعلان، شفیق بٹ چیئرمین، کاشف اقبال سیکرٹری جنرل مقرر
04th Feb 2026
•
پاکستان
اسلام آباد: گوجر خان شہر کے خوش اسلوب اور تازہ کار غزل گو شاعر عاصم ندیم کا مجموعہ غزلیات'' نم یاب '' شائع ہوگیا
03rd Feb 2026
•
Jobs
هيومن رائيٽس ڊپارٽمينٽ ۾ نوڪريون
04th Feb 2026
•
تازہ ترین
چوٹیاریوں واقعہ: ملزم نے جنسی زیادتی کی اور چہرے پر بلیڈ سے زخم لگائے۔متاثرہ لڑکی کا دفعہ 164 کے تحت بیان
04th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
چوٽياريون واقعو، ناري عدالت ۾ پيش، جوابدار تي جنسي زيادتي ۽ بدترين تشدد ڪرڻ بابت بيان رڪارڊ
04th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
اڏيرو لال اسٽيشن ۾ 5ٻارڙن جي ماءُ مڙس هٿان گوليون هڻي قتل
04th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
ميمڻ ڳوٺ: نجي اسپتال ۾ ويم دوران عورت ۽ تازو ڄاول ٻار فوت
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
مڪلي واسڻ سماجي اڳواڻ ناري
0 تبصرے