ثقافتي تقريب ۾ سعودي عرب جي مختلف علائقن ۾ رهندڙ سنڌين شرڪت ڪئي
سعودي عرب جي شهر دمام ۾ سنڌي ڪميونٽي پاران سنڌ ثقافتي ڏهاڙو وڏي جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو. تقريب جو اهتمام ذوالفقار ابڙو، ڊاڪٽر ذوالفقار جتوئي، ڊاڪٽر شڪور، ظهور خشڪ، خليل وڍو، اعظم ۽ قربان لاشاري سميت سنڌي ڪميونٽي جي معزز ميمبرن پاران ڪيو ويو.
هن تقريب ۾ دمام ۽ الخبر مان ڪيترن ئي نمايان سنڌي شخصيتن شرڪت ڪئي، جن ۾ عامر رند ،سراج احمد سنديلو، خالد ڀمڀرو، شاهه فيصل پنهوار، شمس الدين ڀٽي، عاطف شيخ، عرفان مگسي ۽ ياسر ڀٽي شامل هئا، جڏهن ته ٻين معزز مهمانن پڻ وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.
ان کان علاوه، رياض، ابقيق ۽ الاحساء شهرن مان به سنڌي ڪميونٽي جي ميمبرن تقريب ۾ شرڪت ڪئي، جڏهن ته جبيّل مان اياز ڀٽي، انتخاب شاهه، ڊاڪٽر خالد ۽ نثار بلوچ پڻ خاص طور تي تقريب ۾ شريڪ ٿيا، جيڪو ڪميونٽي جي اتحاد ۽ يڪجهتي جو بهترين مثال هو.
تقريب ۾ پاڪستان مان خاص طور تي سنڌ جون نمايان شخصيتون، نامور ذوالفقار هاليپوٽو پڻ شريڪ ٿيا، جنهن سان تقريب جي اهميت ۽ وقار ۾ اضافو ٿيو.
تقريب دوران ٻارن پاران پيش ڪيل خوبصورت ٽيبلو حاضرین کان تمام گهڻي ساراهه حاصل ڪئي. جڏهن ته نامور سنڌي ڳائڻي صنم ماروي پنهنجي سريلي آواز سان محفل کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا ۽ حاضرین کي محظوظ ڪيو.
سنڌ ثقافتي ڏهاڙي جي هي تقريب سنڌي ثقافت، اتحاد ۽ ورثي جي سٺي عڪاسي ڪندي شرڪت ڪندڙن لاءِ يادگار لمحن جو سبب بڻجي ۽ سعودي عرب ۾ رهندڙ سنڌي ڪميونٽي جي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪيو.
0 تبصرے