ٺٽي ۾ پوليو مهم شروع، سيڪيورٽي جا فول پروف انتظام

ٺٽي ۾ پوليو مهم شروع، سيڪيورٽي جا فول پروف انتظام

ٺٽو ( شفيق ڀٽي) 15ڊسمبر جا 21 ڊسمبر تائين جاري رھندڙ انسدادِ پوليو مهم لاءِ فول پروف انتظام .تفصيلي خبر موجب ضلعي ٺٽي ۾ انسدادِ پوليو مهم جي سلسلي ۾ سخت ۽ فول پروف سيڪيورٽي انتظام ڪيا ويا آهن. آءِ جي پوليس سنڌ غلام نبي ميمڻ ۽ ڊي آءِ جي حيدرآباد رينج طارق رزاق ڌاريجو جي هدايتن تي ايس ايس پي ٺٽو فاروق احمد بجاراڻي پاران ضلعي سطح تي جامع سيڪيورٽي پلان تيار ڪيو ويو آهي۔ايس ايس پي ٺٽو موجب، 15 ڊسمبر 2025 بروز سومر کان شروع ٿيندڙ پوليو مهم دوران 471 پوليس آفيسر ۽ جوان پنهنجيون ڊيوٽيون سرانجام ڏئي رهيا آهن، جڏهن ته پوليو ورڪرن کي مڪمل پوليس حفاظتي حصار مهيا ڪيو ويو آهي ته جيئن مهم بنا ڪنهن رڪاوٽ جي مڪمل ٿي سگهي۔هن وڌيڪ ٻڌايو ته سمورن فيلڊ آفيسرن کي هدايتون جاري ڪيون ويون آهن ته هو پنهنجي علائقن ۾ جاري ڪيل سيڪيورٽي پلان تي سختي سان عمل ڪرائين، جڏهن ته ايس ڊي پي اوز ۽ ايس ايچ اوز پوليو ٽيمن سان گڏ پوليس نفري جي تعيناتي، پيٽرولنگ، پڪٽنگ، فوري ريسپانس ۽ سول انتظاميا سان رابطن کي يقيني بڻائين۔ايس ايس پي ٺٽو طرفان اهو به واضح ڪيو ويو آهي ته سمورا آفيسر ۽ جوان پوليو مهم بابت باقاعده بريفنگ ڏين، پوليو ورڪرن جي تحفظ ۽ هن حساس قومي فرض جي اهميت کان نفري کي آگاهه ڪن۔سڀ فيلڊ آفيسر دوران مهم ڪنٽرول روم سان لڳاتار رابطي ۾ رهندا ۽ ڪنهن به امڪاني ناخوشگوار صورتحال جي صورت ۾ فوري اطلاع ڏيندا۔ ايس ايس پي ٺٽو خبردار ڪيو آهي ته پوليو مهم دوران ڪنهن به قسم جي غفلت يا لاپرواهي برداشت نه ڪئي ويندي۔