English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ٺٽو پوليس پاران هڪ ڦورو کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
91 views
|
16th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ٺٽو( شفيق ڀٽي)جھرڪ پوليس جي ڪامياب ڪارروائي، موٽر سائيڪل ڦر ڪندڙ گينگ جو پردو فاش، هڪ جوابدار گرفتار، ٻه فرار.جھرڪ پوليس بروقت ۽ اثرائتي ڪارروائي ڪندي موٽر سائيڪل ڦر ڪندڙ گينگ خلاف وڏي ڪاميابي حاصل ڪئي آهي. پوليس ڪارروائي دوران هڪ جوابدار چوري شده موٽر سائيڪل سميت گرفتار ڪيو ويو، جڏهن ته ٻه جوابدار فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا.پوليس موجب، گرفتار جوابدار جي سڃاڻپ منو ولد عبدالستار ملاح، رهواسي سانگ ميھاڻ، ضلعو ٽنڊو محمد خان طور ٿي آهي. گرفتار جوابدار وٽان ھڪ ٻئي چوري ٿيل موٽر سائيڪلون پڻ برآمد ڪئي ويئي آھي.پوليس وڌيڪ ٻڌايو ته واردات ۾ ملوث فرار جوابدار الڻ ولد منو ملاح ۽ عمران ولد محمد رمضان ملاح جي گرفتاري لاءِ مختلف هنڌن تي ڇاپا هنيا پيا وڃن ۽ سندن تلاش جاري آهي.ان حوالي سان ڊي ايس پي جھرڪ واجد ٿهيم ۽ ايس ايڇ او جھرڪ اميربخش بکراڻي پريس ڪانفرنس ڪندي ٻڌايو ته اطلاع ملڻ شرط پوليس فوري ڪارروائي ڪئي، جوابدارن جو پيڇو ڪيو ويو ۽ ٽنڊو محمد خان ويندڙ روڊ سم نالي ڀرسان گهيرو ڪري هڪ جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو جڏهن ته ٻيا ٻه فرار ٿي ويا. پوليس موجب، گرفتار جوابدار دورانِ جاچ جھرڪ جي حد مان ٿيل وڌيڪ موٽر سائيڪل ڦرن جو اعتراف پڻ ڪيو، جنهن بعد اهي موٽر سائيڪلون به برآمد ڪيون ويون آهن.پوليس جو چوڻ آهي ته وڌيڪ جوابدارن جي گرفتاري ۽ ٻين وارداتن بابت جاچ جاري آهي ۽ ڏوهارين خلاف ڪارروائي وڌيڪ تيز ڪئي ويندي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
04th Feb 2026
•
تازہ ترین
چوٹیاریوں واقعہ: ملزم نے جنسی زیادتی کی اور چہرے پر بلیڈ سے زخم لگائے۔متاثرہ لڑکی کا دفعہ 164 کے تحت بیان
04th Feb 2026
•
پاکستان
جموں و کشمیر یونائیٹڈ فورم کی نئی کابینہ کا اعلان، شفیق بٹ چیئرمین، کاشف اقبال سیکرٹری جنرل مقرر
04th Feb 2026
•
پاکستان
اسلام آباد: گوجر خان شہر کے خوش اسلوب اور تازہ کار غزل گو شاعر عاصم ندیم کا مجموعہ غزلیات'' نم یاب '' شائع ہوگیا
03rd Feb 2026
•
Jobs
هيومن رائيٽس ڊپارٽمينٽ ۾ نوڪريون
04th Feb 2026
•
تازہ ترین
چوٹیاریوں واقعہ: ملزم نے جنسی زیادتی کی اور چہرے پر بلیڈ سے زخم لگائے۔متاثرہ لڑکی کا دفعہ 164 کے تحت بیان
04th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
چوٽياريون واقعو، ناري عدالت ۾ پيش، جوابدار تي جنسي زيادتي ۽ بدترين تشدد ڪرڻ بابت بيان رڪارڊ
04th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
اڏيرو لال اسٽيشن ۾ 5ٻارڙن جي ماءُ مڙس هٿان گوليون هڻي قتل
04th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
ميمڻ ڳوٺ: نجي اسپتال ۾ ويم دوران عورت ۽ تازو ڄاول ٻار فوت
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ٺٽو پوليس پاران هڪ ڦورو
0 تبصرے