English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سجاول پوليس پاران 4 ڦورن کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
205 views
|
17th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
گرفتار ٿيلن ۾ اڪرم کڏو، لکاڏنو کڏو، اقبال ڪنڊراهه ۽ دلبر ڪنڊراهه شامل آهن
سجاول (رپورٽر)سجاول پوليس جو ڏوهارين خلاف چُوڪو، 24 ڪلاڪن ۾ چار ڦورو زخمي حالت ۾ گرفتار،زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيل ڦوروئن جي سڃاڻپ اڪرم کڏو ، لکاڏنو کڏو، اقبال ڪنڊراھ، دلبر ڪنڊراھ طور ڪئي ويئي آهي.ايس ايس سجاول علينا راڄپر جي ھدايتن تي سجاول پوليس جون ڏوهن ۽ وارداتن تي ظابطو آڻڻ لاء ڏوھارين خلاف ڪاروايون. رات دير سان چوهڙجمالي پوليس اسٽيشن جي حد ۾ باء پاس چوهڙجمالي لڳ مبينا پوليس مقابلي دوران ھڪ ڏوھاري اڪرم کڏو ساٿين جي فائرنگ ۾ زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي:چوهڙجمالي روڊ تي ڏوھ جي ارادي سان بيٺل جوابدارن جي پوليس پارٽي تي فائرنگ دوران پوليس جي جوابي فائرنگ ۾ ھڪ جوابدار کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو جنھن جي شناخت بدنام ڏوھاري اڪرم کڏو جي نالي سان ڪئي وئي آهي جنھن جي قبضي مان هڪ عدد پستول برآمد ڪيو ويو ۽ سندس ساٿي فرار ٿي ويا: جڏهن ته رات دير سان سجاول - بدين روڊ تي هڪ وڌيڪ ڏوهاري لکاڏنو عرف پوڙھو کڏو جيڪو ڦر جي ڪيسن ۾ اشھاري ۽ ٻه ڏينهن اڳ بيلي جي حد ۾ ٿيل ڦر ۽ فائرنگ جي واقعي ۾ ملوث هو، پوليس مقابلي دوران ساٿين جي فائرنگ ۾ زخمي ٿيڻ کان پوءِ گرفتار ڪيو ويو آهي جنهن کان هٿيار پڻ برآمد ڪيا ويا. جڏهن ته سجاول پوليس پاران سجاول - ٻيلو روڊ تي مبينا پوليس مقابلي دوران هڪ ڏوهاري اقبال ڪنڊراھ کي پڻ زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي.جھوڪ شريف پوليس اسٽيشن جي حد ۾ مبينا پوليس مقابلي دوران هڪ ڏوهاري دلبر ڪنڊراھ کي گرفتار ڪري وٽانس هٿيار پڻ برآمد ڪيا ويا آهن. زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيل چئني ڏوهارين جو تعلق سجاول ضلع جي تعلقي ميرپور بٺورو سان آهي جيڪي چوري، ڦر سميت ڪيترين ئي ڏوهي وارداتن ۾ ايڪٽو ڪرمنل ڏوهاري هيا زخمي حالت ۾ گرفتار ٿيل ڦوروئن کي علاج لاء سجاول ، ٺٽو ۽ چوهڙجمالي جي اسپتالن ۾ آندو ويو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
21st Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
تعلیم میں ٹیکنالوجی کا کردار
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران نے مذاکرات میں شرکت سے انکار کر دیا
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکی دھمکیوں کو کوئی اہمیت نہیں دیتے، بہتر ہے ٹرمپ سوچ سمجھ کر بات کریں: باقر قالیباف
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
مذاکرات کے پہلے دور میں ایرانی وفد کا ٹرمپ کی دھمکیوں پر امریکی وفد کے سامنے احتجاج
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ۾ عوامي شڪايتن تي اي سيز پاران پئٽرول پمپس جا دورا
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ ڪسٽم جي گڏيل ڪارروائي دوران سگريٽ هٿ
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ مزدور تحريڪ پاران پورهيت مير مرتضيٰ شيخ جي برطرفي خلاف تحريڪ جو اعلان
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ جو وڏو وزير عوام دوست بجيٽ پيش ڪرڻ تي خراج تحسين جو مستحق آهي: شرف النساء شبنم
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
سجاول پوليس پاران 4 ڦورن
0 تبصرے