English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير پوليس ۽ سي پي ايل سي جي مورو ويجهو گڏيل ڪارروائي، 3ورهين جو ٻارڙو بازياب، هڪ جوابدار گرفتار
233 views
|
18th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ڪارروائي دوران معصوم ٻارڙي زين کي بازياب ڪرايو ويو، سندس آزادي لاءِ 2ڪروڙ ڀُنگ گهريو ويو هو
ملير/مورو(عبدالرشيد مورجھريو+ جاني جماڻي) ضلع ملير پوليس سي پي ايل سي جي سهڪار سان مورو جي ڳوٺ ٽپال ماڇي ۾ ڪامياب ڪارروائي ڪندي شاه لطيف ٽائون مان اغوا ڪيل ٽن ورهين جي ٻار زين کي خيريت سان بازياب ڪرائي ورتو.اها ڳالهه ايس ايس پي ملير عبدالخالق پيرزاده پريس ڪانفرنس دوران ٻڌائي. هن چيو ته ڪارروائي دوران هڪ جوابدار کي سندس گهر مان گرفتار ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ٻين ساٿين جي ڳولا جاري آهي.ايس ايس پي ملير موجب اغوا ڪندڙن ٻار جي وارثن کان ٻه ڪروڙ رپيا ڀنگ گهريو هو. جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڊي ايس پي ۽ ايس ايچ او شاه لطيف ٽائون جي سربراهي ۾ خاص ٽيم جوڙي وئي هئي.عبدالخالق پيرزاده وڌيڪ ٻڌايو ته جوابدارن ٽي ورهين جي ٻار زين کي گهر ڀرسان کيڏندي اغوا ڪيو ۽ پوءِ کيس ڪراچي کان لڳ ڀڳ چار سئو ڪلوميٽر پري کڻي ويا، جنهن حوالي سان وڌيڪ جاچ جاري آهي ته جوابدار ٻار کي ايتري پري ڪيئن کڻي ويا هن وڌيڪ چيو ته هن ڪارروائي دوران اينٽي وائلنٽ ڪرائم سيل (اي وي سي سي) ۽ نوشهرو فيروز پوليس پڻ موجود هئي. ايس ايس پي ملير يقين ڏياريو ته اغوا ۾ ملوث سڀني جوابدارن کي جلد گرفتار ڪري قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو.ٻئي طرف مورو پوليس جو چوڻ هو ته ڪارروائي دوران هڪ جوابدار آصف آرائين کي به گرفتار ڪيو ويو آهي
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
21st Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
تعلیم میں ٹیکنالوجی کا کردار
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران نے مذاکرات میں شرکت سے انکار کر دیا
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکی دھمکیوں کو کوئی اہمیت نہیں دیتے، بہتر ہے ٹرمپ سوچ سمجھ کر بات کریں: باقر قالیباف
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
مذاکرات کے پہلے دور میں ایرانی وفد کا ٹرمپ کی دھمکیوں پر امریکی وفد کے سامنے احتجاج
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ۾ عوامي شڪايتن تي اي سيز پاران پئٽرول پمپس جا دورا
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ ڪسٽم جي گڏيل ڪارروائي دوران سگريٽ هٿ
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ مزدور تحريڪ پاران پورهيت مير مرتضيٰ شيخ جي برطرفي خلاف تحريڪ جو اعلان
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ جو وڏو وزير عوام دوست بجيٽ پيش ڪرڻ تي خراج تحسين جو مستحق آهي: شرف النساء شبنم
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ملير پوليس ۽ سي پي ايل سي جي مورو ويجهو
0 تبصرے