جيئي سنڌ محاذ ملير پاران مرڪزي چيئرمين رياض چانڊيو جي 55هين سالگرهه جي تقريب منعقد

جيئي سنڌ محاذ ملير پاران مرڪزي چيئرمين رياض چانڊيو جي 55هين سالگرهه جي تقريب منعقد

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) جيئي سنڌ محاذ ملير طرفان مرڪزي چيئرمين رياض چانڊيو جي 55هين سالگرهه جي مناسبت سان عوامي پريس ڪلب ملير ۾ تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ ڪارڪنن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي تقريب دوران ڊويزنل آرگنائيزر ضمير حاجاڻو، ملير جي اڳوڻي اڳواڻ فيض هيسباڻي، مارو خان شر، امريش ڪمار سميت ٻين اڳواڻن گڏجي سالگرهه جو ڪيڪ ڪاٽيو ۽ چيئرمين رياض چانڊيو جي صحتيابي ۽ ڊگهي عمر لاءِ دعا ڪئي تقريب کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته رياض چانڊيو سڄي عمر سنڌ جي بنيادي تحفظ ۽ قومي حقن لاءِ مسلسل جدوجهد ڪندو رهيو آهي ۽ هن هميشه سنڌ واسين جي آواز کي منظم انداز ۾ اجاگر ڪيو آهي ان موقعي تي اڳواڻن اعلان ڪيو ته 22 ڊسمبر تي حيدرآباد ۾ “تحفظ سنڌ ريلي” ڪڍي ويندي، جڏهن ته 23 ڊسمبر تي ملير ۾ قاسم گارمينٽس فيڪٽري اڳيان مرڪزي چيئرمين رياض چانڊيو جي اڳواڻي ۾ ريلي ۽ احتجاجي ڌرڻو هنيو ويندو آخر ۾ ڪارڪنن قومي نعرا هڻي قيادت سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو ۽ اعلانيل پروگرامن کي ڪامياب بڻائڻ جو عزم ورجايو.