ڏوڪري ۽ باقراڻي تعلقن ۾ هزارين آبادگارن کي هاري ڪارڊ جي قسط جاري نه ٿي

ڪڻڪ جي پوکائي کي مهينو گذري ويو هن وقت تائين هاري پارڊ ۽ قسط جاري ناهن ٿيا: متاثر

ڏوڪري ۽ باقراڻي تعلقن ۾ هزارين آبادگارن کي هاري ڪارڊ جي قسط جاري نه ٿي

ڏوڪري( اطهر ميمڻ) ڏوڪريءَ باقراڻي تعلقن جي ھزارين آبادگارن ۽ ھارين کي ھاري ڪارڊ جي قسط جاري نہ ٿي سگهي، ڪڻڪ جي پوکائي شروع ٿيندي مهينو گذري ويو آهي پر حڪومت سنڌ طرفان آبادگارن ۽ ھارين کي جاري ڪيل ھاري ڪارڊ ۾ پئسه جي قسط جاري ناهي ٿي سگهي،بئنڪ جا چڪر ڪاٽي ٿڪجي پيا آهيون، ڪڻڪ جي موسم نڪرندي پئي وڃي.تفصيل موجب حڪومت سنڌ طرفان جاري ڪيل ھاري ڪارڊ ۾ قسط جاري نہ ٿيڻ سبب ڏوڪري ۽ باقراڻي تعلقي جا ھزارين آبادگارن ۽ هاري سخت پريشانين ۾ مبتلا ٿي ويا آهن.آبادگار ۽ ھارين خادم حسين، عبدالوحيد، عبدالحفيظ ۽ ٻين ميڊيا اڳيان دانهيندي چيو ته اسان کي ٻن مهينن کان ھاري ڪارڊ ملي چڪو آهي پر اڃا تائين قسط جاري ناهي ڪئي وئي جنهن ڪري بئنڪ جا چڪر ڪاٽي ٿڪجي پيا آهيون.ھنن چيو ته ڪڻڪ جي پوکائي لاءِ ملندڙ قسط نہ ملڻ ڪري پوکائي ناهيون ڪري سگهيا،پوکائي جي موسم ختم ٿيڻ تي اچي پهتي آهي پر اڃا تائين پهرين قسط جاري ناهي ڪئي وئي.ھنن مطالبو ڪيو ته جلد کان جلد ھاري ڪارڊ قسط جاري ڪئي وٺي جيئن وقت تي ڪڻڪ جي پوکائي ڪري سگهجي.