نوشهروفيروز ويجهو ٺٽ ڳوراهو ۾ مفت اکين جي ڪيمپ قائم

سماجي اڳواڻ سيد ثمر شاهه ۽ سندس ٽيم پاران ڪيمپ لڳائي وئي

نوشهروفيروز ويجهو ٺٽ ڳوراهو ۾ مفت اکين جي ڪيمپ قائم

نوشهروفيروز (ڊ ر) سماجي اڳواڻ سيد ثمر شاهه ۽ سندس ٽيم پاران نوشهروفيروز لڳ ٺٽ ڳوراهو ۾ مفت اکين جي مفت علاج جي ڪيمپ لڳائي وئي.جنهن ۾ اکين جي ماهر ڊاڪٽر غلام حسين تنيو اکين جي بيمارين ۾ مبتلا سوين مريضن جو مفت چيڪ اپ ڪري دوائون ۽ چشما ڏنا ان موقعي تي سيد ثمر نقوي سيد اسير علي شاهه ۽ ٻين چيو ته هر مهيني جنرل ڪئمپ سان گڏ اکين جي ڪئمپ لڳائي خلق خدمت واري جذبي تحت ڪم ڪري رهيا آهيون ڇوته هن وقت غربت سبب غريب ماڻهو پنهنجو علاج ڪرائي نه ٿا سگهن هن علائقي ۾ اکين جي بيمارين جا تمام گهڻا ڪيس هئا انڪري انهن جي چيڪ اپ ۽ علاج جو انتظام ڪيو آهي۔ اسان لاء خوشيء جي ڳالهه اها آهي ته اسان جو سينئر ڊاڪٽر سرجن غلام حسين تنيو انساني همدرديء تحت اسان سان گڏ ڪم ڪري رهيو آهي اسان جي ڪوشش آهي ته جنوري مهيني ۾ او پي ڊي سان گڏ غريب مريضن لاء آپريشن جي مفت ڪيمپ لڳائينداسين جنهن ۾ جديد فيڪومشين تي مريضن جو مفت ۾ معائنو ۽ مفت ۾ آپريشن ڪري کين دوائون به ڏينداسين.اڳواڻن مخير حضرات کي اپيل ڪئي ته هن نيڪ ڪم ۾ ساٿ ڏين ته جيئن اڃا وڌيڪ جوش ۽ جذبي سان غريب ۽ مستحق ماڻهن جي مدد ڪري سگهون۔