English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڏوڪري: ڳوٺ موسو ميتلو ۾ سائين رکيل شاھ صوفي القادري جي ورسي ملهائي وئي
187 views
|
21st Dec 2025
•
سنڌي خبرون
سنڌ ۽ بلوچستان جي عقيدتمندن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، صوفياڻي راڳ جي محفل منعقد
ڏوڪري (رپورٽر) ڏوڪري ڀرسان صوفي هائوس ڳوٺ موسو ميتلو ۾ سائين رکيل شاھ صوفي القادري جي سالياني اٺين ورسي نهايت عقيدي ۽ احترام سان ملهائي وئي، سنڌ ۽ بلوچستان جي عقيدتمندن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، صوفياڻي راڳ جي محفل منعقد. تفصيل موجب گذريل رات ڏوڪري لڳ ڳوٺ موسو ميتلو ۾ صوفي سرائي بدرالدين ميتلو، قمرالدين ميتلو پاران درگاھ فتح پور بلوچستان جي سائين رکيل شاھ جي اٺين ورسي نهايت عقيدت ۽ احترام سان ملهائي وئي، ورسي تقريب ۾ صوفي فقيرن سهڻو فقير، صوفي سڄڻ، امان اللہ شيخ، امان اللہ مائري سميت ٻين صوفين صوفي سنگ ڳائي محفل ۾ وجد طاري ڪري ڇڏيو، محفل ۾ شريڪ موجوده سجاده نشين صوفي سائين سرفراز شاہ، صوفي سيد ڪامل علي شاھ القادري درگاھ فتح پور شريف جن ورسي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته صوفين جي محفلن ۾ هميشه امن، پيار ۽ محبت جو درس ملندو آهي، سنڌ صوفين جي ڌرتي آهي، اڄوڪي هن پنهنجي مرشد جي اٺين ورسي جي موقعي تي هتي آيل علائقي واسين توڙي سنڌ ۽ بلوچستان سميت سموري پاڪستان کان آيلن جا تمام گهڻا ٿورائتا آهيون، جڏھن ته هن تقريب ۾ پ پ ايم پي اي عادل الطاف حسين انڙ، پ پ پ اڳواڻ طارق انور سيال، ٽائون ڪاميٽي ڏوڪري جي چيئرمين عبدالحميد جيسر، يوسي چيئرمين مظفر چانڊيو، چيئرمين سرائي منظور منڱڻ، چيئرمين مير شڪيل مينگل، سخي غلام سرور جوڻيجو، محمد حسن پيرزادو، ڏوڪري پريس ڪلب جي صدر فدا حسین ابڙو، قاضي آفتاب احمد، علي اصغر ميمڻ، قاضي سلطان جميل احمد سميت ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
21st Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
تعلیم میں ٹیکنالوجی کا کردار
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران نے مذاکرات میں شرکت سے انکار کر دیا
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکی دھمکیوں کو کوئی اہمیت نہیں دیتے، بہتر ہے ٹرمپ سوچ سمجھ کر بات کریں: باقر قالیباف
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
مذاکرات کے پہلے دور میں ایرانی وفد کا ٹرمپ کی دھمکیوں پر امریکی وفد کے سامنے احتجاج
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ۾ عوامي شڪايتن تي اي سيز پاران پئٽرول پمپس جا دورا
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ ڪسٽم جي گڏيل ڪارروائي دوران سگريٽ هٿ
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ مزدور تحريڪ پاران پورهيت مير مرتضيٰ شيخ جي برطرفي خلاف تحريڪ جو اعلان
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ جو وڏو وزير عوام دوست بجيٽ پيش ڪرڻ تي خراج تحسين جو مستحق آهي: شرف النساء شبنم
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
موسو ميتلو ۾ سائين رکيل شاھ صوفي القادري
0 تبصرے