English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
گلشن حديد ۾ سنڌي ادبي سنگت شاخ پپريءَ طرفان ثقافتي مشاعري جي عنوان هيٺ شاندار تقريب
215 views
|
24th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
قومي عوامي ۽ رومانوي شاعر سيد غفور شاھ تقوي، اصغر باغي ۽ بزرگ شاعر اقبال شاهين مهمان خاص طور شرڪت ڪئي
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) سنڌي ادبي سنگت شاخ پپريءَ طرفان گلشن حديد جي مقامي هوٽل ۾ ثقافتي مشاعرو جي عنوان هيٺ شاندار تقريب ڪوٺائي وئي، جنهن جي صدارت ساس ڪراچيءَ جي رابطہ سيڪريٽري نامياري شاعر راشد لکمير ڪئي ۽ قومي عوامي ۽ رومانوي شاعر سيد غفور شاھ تقوي، اصغر باغي ۽ بزرگ شاعر اقبال شاهين مهمان خاص طور شرڪت ڪئي،ان موقعي تي راشد لکمير صدارتي خطاب ڪندي چيو ته پپري شاخ سنڌ جي متحرڪ شاخن مان پڻ هڪ بهترين شاخ آهي جيڪا دستوري گڏجاڻيون پابندي سان ڪندي اچي پئي ۽ ان سان گڏ سٺا سٺا پروگرام ڪرائي پئي جنهنجو مثال اڄوڪو مشاعرو آهي، هن چيو ته شاعر، ليکڪ ئي قومن جي ترجماني ڪندا آهن ۽ ان ڏس ۾ سنڌ جي شاعرن پاڻ ملهايو آهي، هن قسم جي پروگرام مان نه صرف فنون لطیفہ سان سلهاڙيل پر جملي قوم کي اتساهه ملي ٿو اهڙا صحتمند پروگرام ٿيڻ گهرجن، سندس چوڻ هو ته شاخ جو سيڪريٽري اصغر عادل قريشي جس لهڻي جيڪو وڏي محنت سان علم ۽ ادب جي آبياري ڪري رهيو آهي، جڏهن ته سنڌ جي ناميارن شاعرن سجاد مهر، اسد مڱڻهار، وحيد محسن، شبيرنقوي، عاجز قادر سمون، سڪندر سرواڻ، مظهر پنهور، امداد لاشاري، مجيب سنڌي، اشرف ڪلهوڙو، عقاب مصطفاڇڄڙو، فيض جوڻيجو، ديدارگاڏهي، اياز سومرو، مختيار ڀنڊ، منير شيخ، عاجز اڪبر ڀٽي، عمران بشير، جمشيد زهراڻي، ساجن ڀنڊ، عنايت قريشي، شبير لاکو منظور عادل ۽ ٻين قومي ۽ عوامي شاعري ٻڌائي واهه واهه ڪرائي ڇڏي، پروگرام ۾ لوڪ راڳين شاهنواز پپن گل، سرفراز سومرو، اسد ڪنگو قومي ۽ صوفياڻا گيت جهونگاري محفل کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا، جڏهن ته پروگرام ۾ ڪهي آيل مهمان شاعرن ۽ اديبن کي سنڌ جي ثقافتي سوکڙي اجرڪن جا تحفا پڻ پيش ڪيا ويا.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
21st Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
تعلیم میں ٹیکنالوجی کا کردار
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران نے مذاکرات میں شرکت سے انکار کر دیا
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکی دھمکیوں کو کوئی اہمیت نہیں دیتے، بہتر ہے ٹرمپ سوچ سمجھ کر بات کریں: باقر قالیباف
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
مذاکرات کے پہلے دور میں ایرانی وفد کا ٹرمپ کی دھمکیوں پر امریکی وفد کے سامنے احتجاج
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ۾ عوامي شڪايتن تي اي سيز پاران پئٽرول پمپس جا دورا
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ ڪسٽم جي گڏيل ڪارروائي دوران سگريٽ هٿ
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ مزدور تحريڪ پاران پورهيت مير مرتضيٰ شيخ جي برطرفي خلاف تحريڪ جو اعلان
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ جو وڏو وزير عوام دوست بجيٽ پيش ڪرڻ تي خراج تحسين جو مستحق آهي: شرف النساء شبنم
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
لشن حديد ۾ سنڌي ادبي سنگت شاخ
0 تبصرے