English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
راندين واري کاتي پاران ٺٽي ۾ ڍڳن جي ڊوڙ جو مقابلو ڪرايو ويو
283 views
|
01st Feb 2026
•
سنڌي خبرون
روايتي ۽ ثقافتي راند “ ڪوهستان ڍڳن جي ڍوڙ ” جو شاندار مقابلو شاھ مراد شيرازي گرائونڊ تي ٿيو
ٺٽو( رپورٽ شفيق ڀٽي)راندين واري کاتي جي اهتمام هيٺ ٺٽي ۾ روايتي ۽ ثقافتي راند “ ڪوهستان ڍڳن جي ڍوڙ ” جو شاندار مقابلو شاھ مراد شيرازي گرائونڊ تي منعقد ڪيو ويو ، جنهن ۾ ٺٽو ، سجاول ۽ بدين ضلعن جي سينگاريل ۽ تيار ڪيل ڍڳن شرڪت ڪئي . مقابلي دوران دليل چانگ ، حاجي خيرو ڪهيو ، پپو گجر ، اشفاق مينڌرو ، گهنور گابار ، ڌڻي بخش لاشاري ، موسيٰ شيدي ۽ حبيب پٽيل جي ڍڳن وچ ۾ دلچسپ ۽ سخت مقابلا ٿيا ، جتي ڍڳي گاڏين ۾ جوٽيل ڍڳن هڪ ٻئي کان اڳتي نڪرڻ لاءِ زبردست ڊوڙ ڏيکاري . مقابلي ڏسڻ لاءِ وڏي انگ ۾ شوقين ماڻهن جي موجودگي سبب گرائونڊ ۾ ميلي جهڙو دلڪش ماحول بڻجي ويو . تقريب ۾ صوبائي وزير رياض حسين شاهه شيرازي ، راندين واري کاتي جي صوبائي سيڪريٽري منور حسين مهيسر ، ضلعي اسپورٽس آفيسر اظھر علي بروهي سميت ضلعي جي مختلف علائقن کان آيل ٻيا معزز مهمان پڻ وڏي انگ ۾ شريڪ ٿيا . ان موقعي تي صوبائي وزير رياض حسين شاهه شيرازي پنهنجي خطاب ۾ چيو ته سنڌ جون روايتي رانديون اسان جي ثقافت ۽ سڃاڻپ جو اهم حصو آهن . ڍڳن جي ڍوڙ جهڙيون رانديون نه رڳو صحتمند تفريح فراهم ڪن ٿيون پر نوجوانن کي منشيات ۽ غير صحتمند مشغلن کان پري رکڻ ۾ پڻ مددگار ثابت ٿين ٿيون - هن چيو ته سنڌ حڪومت راندين کي هٿي ڏيڻ لاءِ هر سطح تي سهڪار ڪندي ۽ اهڙن ثقافتي مقابلن کي باقاعدگي سان ڪرائڻ لاءِ ڪوششون جاري رکندي. راندين واري کاتي جي صوبائي سيڪريٽري منور حسين مهيسر چيو ته روايتي راندين جي واڌ ويجهه سان سياحت کي پڻ هٿي ملي ٿي ۽ مقامي ماڻهن لاءِ روزگار جا موقعا پيدا ٿين ٿا. هن وڌيڪ چيو ته راندين وارو کاتو ڪوشش ڪري رهيو آهي ته سنڌ جي هر ضلعي ۾ مقامي راندين جا مقابلا منظم ڪري نوجوانن کي مثبت سرگرمين ڏانهن راغب ڪيو وڃي- آخر ۾ مهمانن پاران ڪامياب ٿيندڙ ڍڳن جي مالڪن ۽ واهيٽن ۾ انعام ۽ شيلڊون ورهايون ويون ، جڏهن ته شرڪت ڪندڙن اهڙي شاندار تقريب منعقد ڪرڻ تي راندين واري کاتي کي ساراهيو ويو ۽ مطالبو ڪيو ته اهڙا مقابلا مستقبل ۾ به باقاعدگي سان جاري رکيا وڃن.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
21st Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
تعلیم میں ٹیکنالوجی کا کردار
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران نے مذاکرات میں شرکت سے انکار کر دیا
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکی دھمکیوں کو کوئی اہمیت نہیں دیتے، بہتر ہے ٹرمپ سوچ سمجھ کر بات کریں: باقر قالیباف
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
مذاکرات کے پہلے دور میں ایرانی وفد کا ٹرمپ کی دھمکیوں پر امریکی وفد کے سامنے احتجاج
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ۾ عوامي شڪايتن تي اي سيز پاران پئٽرول پمپس جا دورا
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ ڪسٽم جي گڏيل ڪارروائي دوران سگريٽ هٿ
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ مزدور تحريڪ پاران پورهيت مير مرتضيٰ شيخ جي برطرفي خلاف تحريڪ جو اعلان
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ جو وڏو وزير عوام دوست بجيٽ پيش ڪرڻ تي خراج تحسين جو مستحق آهي: شرف النساء شبنم
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
راندين واري کاتي پاران ٺٽي ۾ ڍڳن جي ڊوڙ
0 تبصرے