مورو (جاني جماڻي ) مورو ميونسپل ڪاميٽي جو جنرل اجلاس چيئرمين ميونسپل ڪاميٽي مورو نظير احمد ميمڻ جي صدارت ۾ ٿي گذريو جنهن ۾ وائيس چيئرمين حاجي انور قائمخاني چيف ميونسپل آفيسر نور محمد سمون ڪائونسلرن سميت انجينئر حضور بخش سومرو شرڪت ڪئي اجلاس کي صدارتي خطاب ڪندي چيئرمين نظير احمد ميمڻ چيو ته اسان جي قائد ايم پي اي ضياء الحسن لنجار جي مهرباني سان تمام گهڻا ڪم اچن پيا جن ۾ شهر لاء پارڪ ڊسپوزل ۽ اسپتال لاء پڻ پروجيڪٽ آهن جيڪي ميرٽ جي بنياد تي ڪرايا ويندا ۽ انهن ۾ اوليت گچيرو روڊ ۽ ٻين پٺتي پيل علائقن کي ڏني ويندي
0 تبصرے