عمرڪوٽ پريس ڪلب ۾ حاجي ميان محمد حسن شاهه جي سالگرهه تقريب، ڪيڪ ڪٽيو ويو

تقريب ۾ مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ معزز شخصيتن، صحافين، سماجي اڳواڻن ۽ نوجوانن ڀرپور شرڪت ڪئي،

عمرڪوٽ پريس ڪلب ۾ حاجي ميان محمد حسن شاهه جي سالگرهه تقريب، ڪيڪ ڪٽيو ويو

عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) پريس ڪلب عمرڪوٽ جي هال ۾ سنڌ اسيمبلي جي سينيئر اسپيشل سيڪريٽري حاجي ميان محمد حسن شاهه جي سدابهار 46هين سالگرهه جي موقعي تي هڪ باوقار ۽ شاندار تقريب منعقد ڪئي وئي، تقريب جو اهتمام رحيمداڻي ڪرڪيٽ اڪيڊمي طرفان ڪيو ويو، جنهن ۾ مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ معزز شخصيتن، صحافين، سماجي اڳواڻن ۽ نوجوانن ڀرپور شرڪت ڪئي، تقريب ۾ رحيمداڻي ڪرڪيٽ اڪيڊمي جي روحِ روان ۽ پريس ڪلب عمرڪوٽ جي مينيجمينٽ ڪميٽي جي چيئرمين رسول بخش رحيمداڻي، مخدوم شاهه قاسماڻي، انٽرنيشنل روٽري ڪلب امراڻو جي صدر محمد زمان کوسو، نامياري واپاري سيٺ ڌرمداس نرڀاڻي، سياسي ۽ سماجي اڳواڻ سيد صفدر علي شاهه، سيد شاھجهان، خاصخيلي نوجوان اتحاد جي اڳواڻ عادل حسين رحيمداڻي، سماجي اڳواڻ ۽ سينيئر صحافي ممتاز آريسر، سينيئر صحافي ولي خان پٺاڻ، سيف الله منگريو، غلام مصطفىٰ مهر، زاهد احمد خان، نوجوان صحافي سجاد علي شيخ، اشوڪ ڪمار درڙا، وقاص يوسفزئي، مدن گوپال، سوائي مل رکيسر، سورج ڪمار مالهي، نوجوان سوشل ايڪٽوسٽ الفقراء محمد الرحيم مهر، فقير ياسر سميت ٻين معززين شرڪت ڪئي، ان موقعي تي ڪيڪ ڪٽيو ويو ۽ مهمانن کي رحيمداڻي ڪرڪيٽ اڪيڊمي جي صدر رسول بخش رحيمداڻي طرفان اجرڪ جا تحفا پيش ڪيا ويا، تقريب کي خطاب ڪندي رسول بخش رحيمداڻي چيو ته حاجي ميان محمد حسن شاهه عوامي خدمت جي جذبي سان سرشار، غريبن ۽ ڏکن سکن ۾ ماڻهن جا سچا خادم آهن، جيڪي هر مشڪل گهڙي ۾ عوام سان گڏ بيٺل نظر اچن ٿا، هن چيو ته حاجي ميان محمد حسن شاهه جي قيادت ۾ نوجوانن جي هڪ متحرڪ ٽيم عوامي خدمت ۾ مصروفِ عمل آهي، جيڪا سندن هدايتن تي ايمانداري سان پنهنجا فرض نڀائي رهي آهي، انٽرنيشنل روٽري ڪلب امراڻو جي صدر محمد زمان کوسو ۽ سماجي اڳواڻ سيد صفدر حسين شاهه پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته حاجي ميان محمد حسن شاهه ڪنهن به تعارف جا محتاج ناهن، هو هڪ بهترين بيوروڪريٽ هجڻ سان گڏوگڏ مخلص، سچا انسان ۽ غريبن جا همدرد آهن، جن سموري سنڌ ۾ خدمتِ خلق جي حوالي سان نمايان مقام حاصل ڪيو آهي، تقريب مان مخدوم شاهه قاسماڻي، سيٺ ڌرمداس نرڀاڻي ۽ عادل حسين رحيمداڻي سميت ٻين مقررين پڻ خطاب ڪيو ۽ چيو ته حاجي ميان محمد حسن شاهه جي شخصيت خدمت، خلوص ۽ حب الوطني جي روشن مثال آهي، جيڪي نوجوانن جي سرپرستي ۽ مثبت سرگرمين جي واڌاري کي پنهنجو مشن سمجهن ٿا، آخر ۾ ملڪ جي سلامتي، عوام جي خوشحالي ۽ ترقي لاءِ خاص دعا ڪئي وئي، بعد ۾ رسول بخش رحيمداڻي تقريب ۾ شرڪت ڪندڙ صحافين، معزز شهرين ۽ واپاري برادري جو شڪريو ادا ڪندي حاجي ميان محمد حسن شاهه جي درازيِ عمر ۽ ڪاميابين لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.