اسٽيل مل مان لوھ، ٽامي ۽ اسڪريپ چوري ڪندڙ 9 جوابدار گرفتار

ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪري 9 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو: پوليس

اسٽيل مل مان لوھ، ٽامي ۽ اسڪريپ چوري ڪندڙ 9 جوابدار گرفتار

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو)بن قاسم پوليس ڪارروائي ڪندي پاڪستان اسٽيل مل مان لوھ، ٽامي ۽ قيمتي اسڪريپ چوري ڪرڻ ۾ ملوث 9 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي پوليس موجب گرفتار جوابدار ڪافي عرصي کان اسٽيل مل جي احاطي مان قيمتي ڌاتون چوري ڪري رهيا هئا. ڪارروائي دوران پوليس جوابدارن جي قبضي مان 70 ڪلوگرام کان وڌيڪ ٽامي جون تارون هٿ ڪيون آهن، جيڪي چوري ٿيل ٻڌايون وڃن ٿيون.پوليس جوابدارن جي قبضي مان چوري ۾ استعمال ٿيندڙ رڪشا به تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي، جنهن ذريعي چوري جو سامان منتقل ڪيو ويندو هو.گرفتار جوابدارن جي سڃاڻپ فيضان، بگا، راشد، صيف، اعجاز، فيصل، بلاول، خرم ۽ زاهد علي طور ڪئي وئي آهي. ابتدائي جاچ موجب جوابدار چوري ٿيل لوھ، ٽامي ۽ اسڪريپ مختلف ڪباڙين ۽ اسڪريپ ڊيلرن کي وڪرو ڪندا هئا. پوليس وڌيڪ ٻڌايو ته گرفتار جوابدار خرم، فيصل ۽ اعجاز عادي ڏوهاري آهن، جيڪي اڳ به ڪيترن ئي ڪيسن ۾ گرفتار ٿي جيل وڃي چڪا آهن.پوليس جوابدارن خلاف لاڳاپيل قلمن تحت ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، جڏهن⁠تہ هن نيٽ ورڪ سان لاڳاپيل ٻين ماڻهن ۽ اسڪريپ ڊيلرن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن