مرڪزي جامع مسجد شاهه عبد اللطيف ڀٽائيؒ ۾ جلسو منعقد ڪيو ويو
ملير(رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ڀٽائي آباد ۾ شبِ برات جي بابرڪت رات جي مناسبت سان مرڪزي جامع مسجد شاهه عبد اللطيف ڀٽائيؒ ۾ هڪ روحانيت سان ڀرپور جلسو منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ علائقي جي وڏي انگ ۾ بزرگن، نوجوانن ۽ ٻارن سميت عقيدتمندن شرڪت ڪئي۔ ذڪر، نعت خواني ۽ روح پرور بيانن سبب سڄو ماحول ايمان افروز بڻيل رهيو۔پروگرام جي شروعات تلاوتِ قرآن پاڪ سان ڪيو ويو، جنهن جي سعادت قاري جميل احمد حاصل ڪئي۔ جلسي جي زيرِ نگراني امام ۽ خطيب حافظ محمد شهزاد غفاري ڪئي۔جلسي ۾ خصوصي خطاب خطيبِ اهلِ سنت علامه مولانا محمد مير عالم جت نعيمي صاحب فرمايو، جن پنهنجي خطاب ۾ شبِ برات جي فضيلت، مغفرت، توبه، عبادت ۽ الله پاڪ سان تعلق مضبوط ڪرڻ بابت تفصيلي روشني وڌي ۽ فرمايو ته هيءَ رات بندن لاءِ رحمت، بخشش ۽ دعا جي قبوليت جي رات آهي۔جلسي جي صدارت مولانا سعيد احمد نقشبندي ڪئي، جڏهن ته خاص شرڪت ڪندڙن ۾ علامه و مولانا ڊاڪٽر ممتاز عباسي سيفي ۽ علامه مولانا عبدالرشيد شامل هئا، جن به محفل کي روحاني رنگ بخشي ڇڏيو۔نعت خواني جي سعادت عزيز احمد سومرو، عبدالحڪيم طاهري، محمد اويس ۽ محمد سميع مهر سميت ٻين نعت خوانن حاصل ڪئي، جن پنهنجي خوبصورت ۽ پرسوز آواز سان رسول پاڪ ﷺ جي شان ۾ نعتون پيش ڪري شرڪت ڪندڙن کان ڀرپور داد وصول ڪئي۔آخر ۾ ملڪ، قوم، امتِ مسلمه، فلسطين ۽ ڪشمير جي مظلوم مسلمانن لاءِ خصوصي دعا گهري وئي۔ جلسي جي پڄاڻي تي شرڪت ڪندڙن اهڙي روح پرور محفل جي بهترين اهتمام تي مسجد انتظاميه ۽ منتظمين کي خراجِ تحسين پيش ڪيو ۽ اميد ظاهر ڪئي ته اهڙا ديني اجتماع مستقبل ۾ به جاري رهندا۔
0 تبصرے