English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ٽالهي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ پئيڻ جي پاڻي جو بحران شدت اختيار ڪري ويو، رهواسي سخت پريشان
201 views
|
04th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
ٽالهي (رپورتر) ٽالهي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ پئيڻ جي پاڻي جو بحران شدت اختيار ڪري ويو سون جي تعداد ۾ شهري علائقي واسي واٽر سپلائي جي تلائن تي موٽرسائيڪلن رڪشن ۽ سوزيڪين ذريعي پاڻي ڀرڻ لاءِ دربدر، پري پري کان موٽرسائيڪلن رڪشن سوزيڪين ذريعي پاڻي ڀري وڃڻ تي مجبور آهيون، هڪ طرف مهانگائي ٻيو پاڻي جي کوٽ پريشانين ۾ اظافو ڪري ڇڏيو آهي مٺڙائو ڪينال ۾ پاڻي ڇوڙ ڪيو وڃي ته جئين اسان جون پريشانيون گهٽ ٿي سگهن، علائقي واسي خبر موجب ٽالهي شهر ۽ ان جي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ سالياني واري بندي ختم ٿيڻ جي باوجود سب ڊويزن نئو ڪوٽ مٺڙائو ڪينال ۾ وقت سر پاڻي نه پهچي سگهيو جنهن سبب پاڻي جو سخت بحران پيدا ويو، علائقي واسين سميت شهري پئيڻ جي صاف پاڻي لاءِ دربدر ٿيڻ لڳا آهن، انهي سلسلي ۾ شهر جي واٽر سپلائي جي تلائن تي شهري پري پري کان پاڻي ڀرڻ لاءِ پهتل علائقي واسين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سالياني واري بندي ختم ٿيڻ جي باوجود سب ڊويزن نئون ڪوٽ مٺڙائو ڪينال ۾ وقت سر پاڻي ڇوڙ نه ٿيڻ ڪري پاڻي جو بحران پيدا ٿي ويو آهي اسان پري پري کان سوزيڪين موٽرسائيڪلن رڪشن ذريعي شهر جي تلائن ۾ پاڻي ڀرڻ تي مجبور آهيون، هڪ طرف راڪاس مهانگائي آهي جتي اٽي کنڊ گيهه جا اگهه آسمان سان ڳالهيون ڪري رهيا آهن ته ٻئي پاسي وري پاڻي جي کوٽ اسان پورهيتن غريبن جي پريشانين ۾ پڻ اضافو ڪري ڇڏيو آهي، جتي پاڻي 21 جنوري تي نارا ڪئنال ۾ کلڻو هيو سو هڪ هفتو ليٽ کليو آهي، ۽ ٻيو دليڙو ريگوليٽر وٽ مٺڙائو ڪئنال جا ٻه دروازا اڃان تائين بند پيا آهن جتان اڃان کاٽي ناهي ٿي سگهي جنهن سبب اسان جا هي پوتي پيل علائقا پاڻي جي کوٽ کي منهن ڏئي رهيا آهن، هنن ڊائريڪٽر نارا ڪئنال سميت لاڳاپيل اختيارين کان مطالبو ڪندي گھر ڪئي ته جلد از جلد مٺڙائو ڪينال ۾ پاڻي ڇوڙ ڪيو وڃي ته جئين اسان جون پريشانيون گهٽ ٿي سگهن،
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
21st Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
تعلیم میں ٹیکنالوجی کا کردار
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران نے مذاکرات میں شرکت سے انکار کر دیا
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکی دھمکیوں کو کوئی اہمیت نہیں دیتے، بہتر ہے ٹرمپ سوچ سمجھ کر بات کریں: باقر قالیباف
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
مذاکرات کے پہلے دور میں ایرانی وفد کا ٹرمپ کی دھمکیوں پر امریکی وفد کے سامنے احتجاج
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ۾ عوامي شڪايتن تي اي سيز پاران پئٽرول پمپس جا دورا
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ ڪسٽم جي گڏيل ڪارروائي دوران سگريٽ هٿ
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ مزدور تحريڪ پاران پورهيت مير مرتضيٰ شيخ جي برطرفي خلاف تحريڪ جو اعلان
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ جو وڏو وزير عوام دوست بجيٽ پيش ڪرڻ تي خراج تحسين جو مستحق آهي: شرف النساء شبنم
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ٽالهي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ پئيڻ جي پاڻي
0 تبصرے