English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سنڌ ڪلچرل فورم ڪراچي طرفان نامياري شاعر ۽ مفڪر عبدالحڪيم ارشد جي 8ورسي ملهائي وئي
8 views
|
05th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
عبدالحڪيم ارشد صرف منهنجا والد نه هئا، پر هو سموري سماج لاءِ مهربان پيءُ، استاد ۽ سچو رهنما هئا: راشد لکمير
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو)سنڌ ڪلچرل فورم ڪراچي ڊويزن طرفان عوامي پريس ڪلب ملير ۾ سنڌ جي نامياري شاعر، مفڪر ۽ علمي شخصيت عبدالحڪيم ارشد جي اٺين ورسي وڏي عقيدت ۽ احترام سان ملهائي وئي. تقريب ۾ علم، ادب، فڪر ۽ سماجي حلقن سان واسطو رکندڙ شخصيتن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.تقريب جي صدارت ڪندي عبدالحڪيم ارشد جي فرزند شاعر اديب راشد لکمير چيو ته عبدالحڪيم ارشد صرف منهنجا والد نه هئا، پر هو سموري سماج لاءِ مهربان پيءُ، استاد ۽ سچو رهنما هئا. هن چيو ته ارشد پنهنجي سڄي حياتي بنا ڪنهن ڏيکاءَ ۽ دعويٰ جي علم، شعور، سچ ۽ انسانيت جي خدمت لاءِ وقف ڪري ڇڏي، جيڪا سندس وڏي سڃاڻپ هئي تقريب کي خطاب ڪندي صادق لاکو چيو ته سائين عبدالحڪيم ارشد جهڙيون شخصيتون صدين ۾ پيدا ٿينديون آهن. هن چيو ته بي پناه علم هوندي به سائين ارشد ۾ ڪڏهن به غرور يا وڏائي نظر نه آئي، سندس فڪر سنڌي سماج کي سوال ڪرڻ، سوچڻ ۽ سچ ڳولڻ جو حوصلو ڏنو. ليکڪ رحمت پيرزادو پنهنجي خطاب ۾ چيو ته سائين عبدالحڪيم ارشد سنڌي ادب ۽ فڪر جو هڪ روشن باب هو. هن چيو ته سائين جي فڪري سوچ ۽ اخلاقي قدر اڄ به اسان لاءِ رهنمائي جو ذريعو آهن.شاعر شاه محمد پيرزادو صدارتي چيو ته سائين عبدالحڪيم ارشد علم کي سماج جي بهتري لاءِ استعمال ڪيو. هن چيو ته سائين نوجوانن کي شعور، اخلاق ۽ سچائي جو درس ڏنو، جيڪو سدائين ياد رکيو ويندو.تقريب کي خطاب ڪندي غفور شاه تقويٰ چيو ته سائين عبدالحڪيم ارشد مشرقي توڙي مغربي علمن تي مڪمل عبور رکندو هو. عربي، فارسي، اردو، سنڌي ۽ هندي زبانن تي سندس گرفت مثالي هئي، ۽ هن ڪڏهن به علم کي ذاتي نمائش لاءِ استعمال نه ڪيو.عرفان خليل چانڊيو چيو ته عبدالحڪيم ارشد جي سوچ صوفي منش هئڻ سان گڏ قومي، اجتماعي ۽ فلسفيانه شعور سان ڀرپور هئي. اصغر باغي چيو ته جيئن سقراط سوالن وسيلي انسان کي سوچڻ سيکاريو، تيئن عبدالحڪيم ارشد به پنهنجي فڪري سوالن ۽ گفتگو سان ذهنن کي روشن ڪيو، جنهن ڪري فڪري حلقن کيس “سنڌ جو سقراط” سڏيو.تقريب کي خطاب ڪندي قومي شاعر غفور شاه چيو ته سائين عبدالحڪيم ارشد انساني فڪر جي تاريخ، ارتقا ۽ قدرن کي گهري نموني سمجهندڙ عالم هو. هن چيو ته سائين جو فڪر اڄ به نوجوان نسل لاءِ رهنمائي جو ذريعو آهي ۽ سندس فڪري ورثو هميشه زنده رهندو.آخر ۾ عوامي پريس ڪلب ملير جي صدر سجاد علي شاه مهمانن جو ٿورو مڃيندي چيو ته اهڙيون تقريبون سنڌ جي فڪري ۽ علمي ورثي کي زنده رکڻ لاءِ انتهائي اهم آهن. مقررین گڏيل طور ان عزم جو اظهار ڪيو ته سائين عبدالحڪيم ارشد جي فڪري، علمي ۽ اخلاقي ورثي کي ايندڙ نسلن تائين منتقل ڪيو ويندو ان موقعي تي وحيد محسن ، عرفان عباسي، سجاد مهر ۽ ٻين خطاب ڪيو
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
05th Feb 2026
•
تازہ ترین
ڈیفیس میں ایس ایم ڈی پر فحش ویڈیو چلنے کا معاملہ , پولیس نے واقعے میں ملوث ملزم کو گرفتار کرلیا
05th Feb 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
پانچ فروری: یومِ یکجہتی اور کشمیر کی آزادی تحریک
05th Feb 2026
•
سندھ
جن زی وائسز کالنگ فلم مقابلہ: لیاقت میموریل لائبریری میں کشمیر سے یکجہتی اور نوجوانوں کی کہانی گوئی کو اجاگر کیا گیا
05th Feb 2026
•
تازہ ترین
کراچی: ڈیفنس کی مرکزی سڑک پر ڈیجیٹل بل بورڈز پر غیر اخلاقی ویڈیو چلنے گئی، شہری برہم
05th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ به ڪشميرين سان يڪجهتي جي لاءِ ريليون ۽ تقريبون منعقد
05th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
هڱورجا ڀرسان حادثي ۾ نينگر فوت، سندس گهر ۾ ڪهرام متل
05th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ: نواب شھمير ٽالپر پاران ڪامريڊ محمد ايوب سولنگي جي پٽن سان تعزيت
05th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: ميمڻ ڳوٺ جي نجي اسپتال ۾ ويم دوران عورت ۽ ڄاول ٻار جي فوت ٿيڻ واري واقعي جو ڪيس داخل
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
سنڌ ڪلچرل فورم ڪراچي طرفان
0 تبصرے