شڪارپور ۾ ڪشمير ڊي تي سياسي، سماجي، مذهبي تنظيمن ۽ ضلعي انتظاميه پاران ڌار ڌار ريليون

ريلي ۾ شريڪ ماڻهن پاران ڪشمير جي حق ۾ ھڪ منٽ جي خاموشي ڪئي وئي، ڀارت ۽ موديءَ خلاف نعريبازي

شڪارپور ۾ ڪشمير ڊي تي سياسي، سماجي، مذهبي تنظيمن ۽ ضلعي انتظاميه پاران ڌار ڌار ريليون

شڪارپور (احسان ابڙو ) شڪارپور ۾ ڪشمير جي ڏهاڙي تي سياسي، سماجي، مذهبي تنظيمن ۽ ضلعي انتظاميه پاران ريليون ڪڍيون ويون. گڏيل قومون ڪشمير ۾ ٿيندڙ ظلم جو نوٽيس وٺي حق خوداراديت جو اختيار ڏين. ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور ريلي ۾ شريڪ ماڻهن پاران ڪشمير جي حق ۾ ھڪ منٽ جي خاموشي ڪئي وئي ۽ نعرا، ڀارت ۽ موديءَ خلاف مذمتي نعرا هنيا ويا.تفصيل موجب گذريل ڏينھن 5 فيبروري ڪشمير جي ڏهاڙي تي شڪارپور ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور آفيس ۾ ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور شڪيل احمد ابڙو ۽ چئني تعلقن جي اسسٽنٽ ڪمشنرن، مختيارڪارن ۽ روينيو ڊپارٽمينٽ جي آفيسرن ۽ اسٽاف سميت ڊي سي آفيس شڪارپور ۾ هڪ منٽ جي خاموشي اختيار ڪئي ۽ آفيس کان سکر روڊ تائيس ريلي ڪڍي. ان کان بعد جهاز چونڪ شڪارپور تي سمورن سرڪاري آفيسن جي آفيسرن سميت مختلف سياسي سماجي، مذهبي ۽ نوجوانن جي تنظيمن پاران مُکُ ريلي ڊسٽرڪٽ انتظاميه پاران ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور شڪيل احمد ابڙو جي اڳواڻيءَ ۾ جهاز چوڪ کان پريس ڪلب تائين ڪڍي وئي. ريليءَ سان خطاب ڪندي ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور شڪيل احمد ابڙو چيو ته 5 فيبروري ڪشمير جي مسئلي جي هڪ اهم يادداشت آهي. اڄ جو ڏهاڙو ڪشميري جدوجهد جو هڪ بنيادي قدم آهي. هن چيو ته ڀارت جي غاصب فوج ڪشمير جي عوام ننڍن ٻارن ۽ عورتن تي ظلم ڪري رهي آهي. هن چيو ته حق خوداراديت هر قوم جو بنيادي حق آهي ۽ جيڪو حق اقوام متحده جي قراردادن ۾ ڪشمير کي ڏنو ويو آهي. ان تي عمل ڪرائڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته ڪشمير جو مسئلو حل نه ٿي سگهيو ته ان سان دنيا تي تمام گهڻا ناڪاري اثر پوندا. تقريب سان خطاب ڪندي ڊسٽرڪٽ ھيلٿ آفيسر ڊاڪٽر ارشاد سرڪي چيو ته ڪشمير لاءِ ھي پھرين ريلي ناھي جيسيتائين ڪشمير مڪمل پاڪستان جو حصو نه ٿيندو ۽ ڪشمير ۾ هزارين معصوم ٻارن تي ظلم بند نه ڪيو ويندو تيستائين اسان جي جدوجھد جاري رھندي ۽ پاڪستاني عوام ڪشميري عوام هن جنگ ۾ گڏ هوندو. هن چيو ته پاڪستاني فوج تيستائين سُک سان نه ويهندي جيستائين ڪشمير کي پاڪستان جو حصو بڻائيندا. ان موقعي تي ڪمشنرن ٻين آفيسرن چيو ته ڪشمير ۾ يتيم ٻارن ۽ عورتن تي ظلم ڪيو پيو وڃي ۽ جيئن ميانمار ۽ بوسنيا جي ملڪن ۾ مداخلت ڪري اتي جي عوام کي حق خوداراديت ڏنو ويو. ائين ڪشمير کي به اهڙو حق ڏنو وڃي ۽ ڪشمير ۾ ظّلم بند ڪيو وڃي. تقريب ۾ تمام اسسٽنٽ ڪمشنرن،مختيارڪارن، اسسٽنٽ مختيارڪارن، ڊي ايڇ او ھيلٿ ڊاڪٽر ارشاد احمد سرڪي, ڊپٽي ڊائريڪٽر دين محمد شيخ، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر سوشل ويلفيئر تحسين خان جتوئي, ڊپٽي ڊسٽرڪٽ پاپوليشن ويلفيئر آفيسر, تعليم کاتو, ريوينيو کاتي جا غلام سرور کوهارو، خالد نون, نظام الدين شيخ, رحيم خان معرفاڻي, اياز خان چنو, نديم جويو, حفيظ الله بروھي, عنايت الله سومرو ۽ ٻين عملدارن شرڪت ڪئي. ٻي طرف ريليءَ دوران ريليءَ ۾ شرڪت ڪندڙ عوام پاران ڪشمير جي عوام جي حق ۾ نعرا هنيا جڏهن ته ڀارت ۽ مودي سرڪار خلاف به پڻ نعرا هنيا ويا.ريليءَ کان بعد ۾ سنڌ ٽيچرس ڪوآرڊينيشن ڪميٽي شڪارپور پاران ايس ايس گارڊن شڪارپور ۾ هڪ 5 فيبروري ڪشمير جي ڏهاڙي جي مناسبت سان هڪ پروگرام منعقد ڪيو. جنهن ۾ گورنمينٽ اليمينٽري پرائمري اسڪول هاٿيدر، گورنمينٽ گرلس پرائمري اسڪول صدر، گورنمينٽ پرائمري اسڪول مدئجي ون، گورنمينٽ پرائمري اسڪول ريلوي ڪالوني ۽ ٻين اسڪولن ڪشمير ۾ ٿيندڙ ظلم خلاف ٽيبلوز پيش ڪيا. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور شڪيل احمد ابڙو چيو ته 5 فيبروري يوم يڪجهتيءَ جو ڏهاڙو آهي. هن چيو ته ڪشمير ۾ جيڪو پوڙهن، نوجوانن، امڙين، ڀينرن ۽ معصوم نياڻين ۽ ننڍن ٻارن تي جيڪو ڀارتي مودي سرڪار طرفان ظلم ٿي رهيو آهي، ان جي پاڪستاني فوج ۽ عوام سخت لفظن ۾ مزمت ڪري ٿو. پاڪستاني عوام ڪشمير ۾ ٿيندڙ ڀارت طرفان ظلم جو داستان لکي رهيا آهن ۽ اڄ جو ڏينهن شهيدن جي نانءِ جنهن پنهنجي رت سان آزادي جي تحريڪ کي سنواريو ۽ سينگاريو آهي. اڄ جو ڏينهن پاڪ فوج جي انهن نوجوانن جي عظمت ۽ همٿ جا داستان رقم ڪيا. اڄ جو ڏينهن انهن مظلوم ڪشميري عوام جي نانءِ جنهن سالن کان وٺي ظلم ۽ ڏاڍ جي خلاف پنهنجي جدوجهد جاري رکي. ان بيحس ۽ بيغيرت ڀارتي فوج جنهن ڪشمير جي جنت جهڙي واڌيءَ کي جيل جو روپ ڏئي ڇڏيو آهي ۽ اڄ جي ڏينهن تي ان عزم جو ورجاءُ ڪنداسين ته جيئن پاڪستاني فوج ڀارتي فوج کي 2 مئي 2025 ۾ ان جا سڀ عزم خاڪ ۾ ملائي ڇڏيا، اسانجي فوج انشاءَ الله انهن جي هر منصوبي کي ناڪام بڻائيندي. آخر ۾ ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور شڪيل احمد ابڙو چيو ته مان سنڌ ٽيچرس ڪوآرڊينيشن ڪميٽيءَ جي ٽيم، ٽيچرس ۽ هنن معصوم ٻارن جو نه نهايت شڪرگذار آهيان. جيڪو هي تمام بهترين پروگرام منعقد ڪيو ۽ سٺا ٽيبلوز پيش ڪيا.