عوامي پريس ڪلب ٺٽو جي جنرل باڊي جو اجلاس ٿي گذريو

بلاول سمون ۽ اي بي شورو جنرل باڊي جي اجلاس جي صدارت ڪئي

عوامي پريس ڪلب ٺٽو جي جنرل باڊي جو اجلاس ٿي گذريو

ٺٽو(شفيق ڀٽي)عوامي پريس ڪلب ٺٽو جي جنرل باڊي جو اجلاس عوامي پريس ڪلب ٺٽو ۾ ٿي گذريو اجلاس ۾ پريس ڪلب جي ميمبرن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي اجلاس جي صدارت پريس ڪلب جي صدر بلاول سمون ۽ جنرل سڪريٽري اي بي شورو ڪئي اجلاس ۾ عوامي پريس ڪلب جي ميمبرن ٺٽي جي اهم مسئلن تي خيالن جو ڪيو جنهن ۾ ٺٽي ضلعي منشيات جي وڌنڌڙ آزار تي گهري ڏک جو اظهار ڪيو عوامي پريس ڪلب جي صحافين چيو ته منشيات عام هجڻ سبب نوجوان نسل تباهي طرف وڌي پيو تازو ٺٽي جي جهرڪ ويجهو ڪيٽي کوسو ۾ لکو کوسو پنهنجي معصوم ٻچڙن ۽ زال کي قتل ڪيو جيڪو هڪ افسوس ناڪ آلميو آهي جنهن جو خاص سبب به منشيات جي روڪٿام نه هجڻ آهي صحافين اتفاق را۽ ڏني ته ٺٽو کي منشيات جي روڪٿام لا۽ وڌيڪ موثر قدم کڻڻ گهرجن جنهن تي صحافين زور ڏنو ته پوليس کي منشيات خلاف تيز ڪاروايون ڪيون وڃن جڏهن ٻئي طرف ٺٽي جي نئي مقرر ٿيل ڊپٽي ڪمشنر سرمدعلي ڀاڳت جي مقرري تي پڻ صحافين پنهنجي اظهار را۽ ڏيندي چيو ته موجوده ڊي سي هڪ باوقار نوجوان آهي سندس طرفان ضلعي ۾ روينيو مسئلن سميت ٻين عوامي مسئلن جي حل لا۽ ڊي سي آفيس جا گيٽ عوام لا۽ کليل رکڻ واري عمل جي اجيان ڪجي ٿي عوامي مسئلن جي حل لا۽ ٻين آفيسرن کي به پنهنجي ادارن جي آفيسن کي عوام لا۽ کليل رکڻ گهرجن ته جئين عام ماڻهن جا سرڪاري دفتري ڪم آسان سان حل ٿي سگهن جڏهن ته اجلاس ۾ صحافين چيو ته عوامي پريس ڪلب ٺٽو جي پليٽ فارم تان عوامي مسئلن کي جاگر ڪرڻ لا۽ اڳتي وڌيڪ پيشوارڻا خدمتن تي پڻ اتفاق ڪيو ويو